رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪالهه موڪلائڻ مهل
منهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن کي
تو چميو هو۔۔۔۔۔
اڄ امان مونکان پڇيوپئي :
” سانول جا چپ ڪهڙي خوشيءَ ۾ لال هئا ؟“
ويچاري امان !
رحم اچي ويو هئم ماءُ تي
جنهن جا چپ شايد ڪڏهن به
منهنجي پيءُ ناهن چميا !
اڄ وري تو پارٽيءَ کان موٽ تي
منهنجن چپن کي چوسيو هو
اڄ ئي منهنجي ننڍڙي ڀيڻ
مونکان پڇيو ساڳيو سوال
جيڪو ڪنهن به لفظ جو نه هو محتاج
من ئي من ۾ هنکي مُرڪي مون چيو هو :
منهنجي ننڍي نادان ڀيڻ
تنهنجي اڃا ڄمن کائڻ جي وهي ناهي !
تنهن کانپوءِ
منهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن کي
سهسين ڀيرا
تو چميو هو
چوسيو هو
منهنجي ٻن سالن جي ڌيءَ
ڳراٺڙي پائي چيو هو
” آيل ، مونکي به پپي ڏي ! “
سحرامداد
منهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن کي
تو چميو هو۔۔۔۔۔
اڄ امان مونکان پڇيوپئي :
” سانول جا چپ ڪهڙي خوشيءَ ۾ لال هئا ؟“
ويچاري امان !
رحم اچي ويو هئم ماءُ تي
جنهن جا چپ شايد ڪڏهن به
منهنجي پيءُ ناهن چميا !
اڄ وري تو پارٽيءَ کان موٽ تي
منهنجن چپن کي چوسيو هو
اڄ ئي منهنجي ننڍڙي ڀيڻ
مونکان پڇيو ساڳيو سوال
جيڪو ڪنهن به لفظ جو نه هو محتاج
من ئي من ۾ هنکي مُرڪي مون چيو هو :
منهنجي ننڍي نادان ڀيڻ
تنهنجي اڃا ڄمن کائڻ جي وهي ناهي !
تنهن کانپوءِ
منهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن کي
سهسين ڀيرا
تو چميو هو
چوسيو هو
منهنجي ٻن سالن جي ڌيءَ
ڳراٺڙي پائي چيو هو
” آيل ، مونکي به پپي ڏي ! “
سحرامداد