مئل نه هجان ها ته گاڏي نڪتل ڏسين ها!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    هڪ ڏينهن وتايو ماءُ کان ڪاوڙجي نڪتو. چيائين هن گهر ۾ وري نه ايندس وڃيو ٿيو ڪٿي مران. ائين چئي اچي مقام ۾ کڏڙي کوٽي سمهي رهيو ته جيستائين ساهه نڪري وڃي، تيستائين اتي سُتو پيو هوندس. مقام جي ڀر ۾ ڪا ٻني هئي، جنهن جو پاڻي ڀڄي وڃي واٽ ۾ پيو هو. اتان ڪو بيل گاڏي وارو مال سان ڀريل گاڏي ڪاهي اچي لنگهيو گپ هئڻ سبب گاڏي گچي پئي هوڪا ڪرڻ لڳو ته ٻيلي ڪو اوري پري همراهه هجي ته اچي مون کي مدد ڪرائي جو گاڏي گتي پئي اٿم. اهو هوڪو ٻڌي وتايي چيو ته يار، سڏ تنهنجو ٻُڌو اٿم، دل به پئي چئي ته تنهنجي مدد ڪريان. پر مُئو پيو آهيان. مئل نه هجان ها ته گاڏي هن کان اڳ ٻاهر نڪتل ڏسين ها!
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ونڊ آهي

    جاري رکجو
    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔۔۔

    بس يار اسان کي به اڄڪلهه وتائي واري ان جوڙ ۾ شامل ڪجو۔
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    مٺڙا ڀاء راشدي صاحب اسلام عليڪم۔ وتايئي فقير جو هر چوڻي پنهنجي اندر وڏي رمز رکندي هئي ، تواهان به ان مان هڪ سٺو قصو ونڍ ڪيو آهي۔پسند آيو۔ ان کي جاري رکندا۔
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu

    سائين منهنجا، ڇا حال آهي ۔ الله پاڪ خير پيو ڪري ڇو پيا پاڻ کي وتائي فقير واري جوڙ ۾ شامل ڪيو۔ لڳي ٿو هاڻي اسان کي اوهانجا ڪجه وڌيڪ رمز ۽ ڏاهپ ڀريا ليک پڙهڻ لاء ملندا، تڏهن ته وتائي فقير جي ڪٽگيري ۾ پاڻ کي شامل پيا ڪرايو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو