سنڌ جي جديد گادي واري شهر ڪراچي ۾ واقعي ڪنگري هائوس جون دليون ته ڇا پر اڄ ديواريون هڪ درد وڇوڙي تي ديوانيون، ٻڏل غم،۽ ڳلن جي بوند بڻجي پوڻ تائين ساري سنڌ ۽ سنڌيت سوڳوار،وقت جي اهائي هرهڪ وتائي وائي بقول ڀٽائي سائين جي ته(وياسي وينجهار!هيرو لال ونڌين جي) زماني زندگي جي ذهنن تي سوال بڻجي تاريخ جي يادگار واقعن کي ڳيت ڏئي ڳالهيون ڪن پيا جيئين لاکيڻي لطيف چيو ته (چڱاڪن چڱايون،مٺايون مُٺن،جو وڙ جُڙي جن سين،سو وَڙُ سي ئي ڪن.) سنڌ جا سڀ سُڏڪا،لکين انهن انسانن جا ڳڙيل ڳوڙها دانهون آهن،جنهن انسانن کي ته ڇا پر ديوارن کي ديوانو ڪري ڇڏيو آهي ڇا ڪاڻ ته سيد شاهه مردان شاهه پير سائين پاڳارو ستون هاڻ هن جهان کان موڪلائي ٻاجهاري جي ٻاجهه ڌڻي در پهچي چڪا آهن،هي ڇا آهي!ڀلاري ڀٽائي نينهن نياپو ڏنو ته اهو ئي ته آهي، طلب!ها! اهوئي (ڪُهي سو ڪَر لهي،ڪوٺي سو قريبُ،اها عادت سکيو،هرزمان جو حبيبُ،ٿئي سو طبيبُ.سوئي راحت روح جي) راهه ازل جو به اهو ئي هڪ سبق آهي ته باڪمال انسان جي حياتي سان جڏهن موت ملاقات ڪندو آهي ان ڏينهن کان باڪمال انسان بي مثال انسان جي صورت ۾ هڪ تاريخ کي جنم ڏيندو آهي 0 1 جنوري 2 1 0 2 ع جو ڏينهن باڪمال انسان جي بي مثال مهان شخصيت شاهه مردان شاهه ستين پيرسائين پاڳاري جي اها تاريخ ڄڻ ته پيدائش جو ڏڻ آهي جتان اڳتي عقل وارا زماني جا ذهن دليل گڏ ڪري هڪ اڀياسي انسان جي تاريخ ۽ تعريف لکڻ تي مجبور ٿيندا.جيئين ڀلاري ڀٽائي لاءِ جهوڪ جهُرڻ جو درد هو ته ”ٻيلي پار ٻُري، مون کي چَڙن چوريو،محبتي ميهارجي،سُتي شاخ چُري،مٿي جهوڪ جهُري،پونديس پاريچن جي“ ڪينگري هائوس جي قرب کي سمجهڻ واريون لکين اکيون ڳڙيل ڳوڙها ڪهڙا به هجن پر راهه ازل پڪ آهي. رضا تي راضي انسان جي قبوليت آهي لاکيڻي لطيف هتي پنهنجي ڪردارسسئي کي زندگي جو نالو ڏنو آهي”هََلُ هِنيئين سين هوت ڏي،پرين ڪَرم پنڌُ،رائي پُڇُ م رند،رڙههُ روحاني سسئي،“بلڪل تاريخ سچ آهي اهو تاريخ جو تسلسل آهي ڇا ڪاڻ ته 2 2 نومبر 8 2 9 1 ع کان 0 1 جنوري 2 1 0 2 ع جو زمانو هاڻ هڪ تاريخ بڻجي ويو آهي شهيد سنڌ سورهيه بادشاهه جو سپوت سيد شاهه مردان شاهه ظلم ۽ ظالم کان بغاوت، وطن سان محبت ڌرتي سان دل ۽ دماغ جو دليل ۽ مٽيءَ جي ماڻهن سان پيار جو کُليل اظهار واري تاريخ جو باب آهي ڇا ڪاڻ ته هو ٻار نه هو پر هڪ باغي جو ٻار جو جيڪو 8 1 سالن جي ڄمار جو ڳڀرو نوجوان هو ته هن باغي نينگر کي برطانيه فوج باغين جي اولاد واري اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو جتي هن عشق به ڪيو. پير صاحب پاڳارو ستون سيد شاهه مردان شاهه نوجوان خوبصورت اوڀر جي ڳڀرو تي هي عشق جو اولڙو ايڏو اثر انداز نه ٿي سگهيو ڇا ڪاڻ ته هو هڪ باغي جو پُٽ هو. شهيد سورهيه بادشاهه سنڌ پير صبغت الله شاهه راشدي انگريزن کي اکيون ڏيکاريون، هي باغي ان جو سپوت پُٽ هو جڏهن هن کي به پهريون پُٽ ڄائو ته هن پنهنجي پُٽ جو نالو پيار مان پنهنجي پيءُ جي تسلسل ۾ رکيو جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ اڄ کان اٺون پاڳارو آهي. ڳالهه سمجهڻ جي آهي اچو ته ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته سنڌ جو پاڳارو ڪڏهن به مرندو ناهي، هو هر دور ۾ ورندو آهي اهو ئي سبب آهي ته حُرجماعت پهريان پنهنجو نئون پاڳارواعلان ڪري اڳ واري کان ڏنل اعزاز واپس وٺندي آهي باقي رسمون پوءِ ادا ڪيون وينديون آهن،2 1 جنوري 2 1 0 2 ع تي به اهوئي ٿيو.سنڌ جي سپوتن جي هڪ تحريڪ جو تسلسل حر تحريڪ جي مستقبل جي سرواڻي واري تاريخ سان ڳنڍيل آهي وطن سان هن تحريڪ جو عزم سورهيه بادشاهه جي هن سڏ پڙاڏي ۾ آهي ته ”وطن يا ڪفن. آزادي يا موت“ سنڌ ڌرتي جي بهادرن جي ۽ حرن جون ڳاڙهيون اکيون انگريزن کي به ياد آهن پر ڏيهان ڏيهه ڏور ڏسڻ وارا ڏاها اڄ به پراميد آهن ڇا ڪاڻ ته وطن جي ماڻهن سان محبت ۽ ان لاءِ ظلم کان بغاوت هن تحريڪ جي رڳ رڳ ۾ شامل آهي. سيد شاهه مردان شاهه ثاني پنهنجي باڪمال عمل سان بي مثال تاريخ جو باب رقم ڪري ويو آهي هر ڪنهن سنڌ واسي وانگر مونکي به پيرسائين پاڳارو ستون سيد شاهه مردان شاهه عملي طور ڏسڻ جو جنهن عمل کي سندس عقيدتمند مريد ديدار چوندا آهن جنهن لفظ کي سندس هڪ عقيدتمند فقير وزير لاکو” ديد“ چوندو آهي. پهريون ڀيرو سيد شاهه مردان شاهه پيرصاحب پاڳارو ۽ ان جي حرن بابت مونکي ڄاڻ ملي ته سنڌ ڪهڙي ٿيندي آهي ۽ سنڌي ڪهڙا ٿيندا آهن اڙي اي زمانه تنهنجا کوڙ رنگ ڏٺاسين واقعي سنڌي ته سنڌي هوندا آهن جن وٽ پنهنجي بهادرن جا ۽ سپوتن جا داستان دلين ۾ سانڍيل آهن جيڪي صدين تائين قائم ۽ دائم رهندا ٻيو سبب سياسي آهي هن جا دلچسپ بيان مزيدار ضرور هوندا هئا پر مثال به هوندا هئا ڇاڪاڻ ته سيد شاهه مردان شاهه سدا حيات سياست کي جيڪي لفظ ارپيا (مڪڙ، فرشتا،چوها بلي، دهلي جو ٺڳ) هي اهي لفظ هئا ۽ هي اهي لفظ آهن جن ڪنن ٻڌا انهن جي به نرڙ مان پگهر وهيا ضرور هوندا. پيرصاحب ستون پاڳارو سيد شاهه مردان شاهه دنيا جي انهن ڏاهن مان هڪ آهي جيڪي اندر ۾ وڏو علم رکندا آهن ڇاڪاڻ ته مزاح، ڀوڳ، چرچو، ڪارٽون ۽ ان قسم جو ماحول اهي ماڻهو پسند ڪندا آهن جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ به وڏا ماڻهو هوندا آهن فني دنيا جي اڀياسي اک اهڙن ماڻهن کي تاريخ جو وڏو ماڻهوقرار ڏنو آهي،سنڌي پاڻ تي ڀوڳ سهنداآهن دنيا لاءِ اهو ڀوڳ وڏو سبق هوندا آهن جنهن کي جديدپارلياماني ٻولي ۾ به روبروسخت سياسي مخالف سڏيو ويندو آهي.اڙي اي زمانه سالڪ سنڌين کان تون ڪڏهن سبق حاصل ڪنديهءِ! هڪ ڀيرو ڪنگري هائوس تي ڪجهه سال اڳ پيرسائين پاڳاري جي سالگرهه جي موقعي تي مزاحيه شاعري جو ميلو متل هو سنڌ جي هڪ ٻي وڏي گادي سروري جماعت جو روحاني رهبر مخدوم محمد امين فهيم به هڪ شاعر جي صورت ۾ هن محفل ۾ موجود هو پير سائين پاڳاري هڪ ڀيرو چيو اڄ ته شاعرن جي شاعري به فنڪشنل آهي هي ان سال جي ڳالهه آهي جڏهن مسلم ليگ فنڪشنل کي (ق) ليگ جو حصو بنائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون پر فنڪشنل ڪڏهن نان فنڪشنل ناهن ٿيندا. هن واقعي کان به اڳ سيد شاهه مردان شاهه کي سمجهڻ جي لاءِ وزير لاکي جهڙو هڪ ڪامريڊ دوست ملي ويو ۽ هن جي آس پاس حر تحريڪ جا ڪردار بيان ٿيڻ لڳا ۽ سنڌ جي تاريخ ڳالهائڻ لڳي بلڪل اهڙي تسلسل ۾ سال 0 0 0 2 ع ۾ ستين پيرسائين پاڳاري جو هڪ تاريخي انٽرويو رڪارڊ تي آيو. هن انٽرويو کي شايع ڪرڻ لاءِ ترجمو ڪيم ته ڏکيا سوال وڌيڪ آسان بڻجي ويا . اهڙن واقعن کان پوءِ ستين پيرسائين پاڳاري جي شخصيت بابت منهنجي ذاتي راءِ بلڪل هڪ نئون رخ اختيار ڪيو.اُهي ڏينهن جو وري ستين پيرسائين پاڳارو منهنجي لاءِ ڪو اوپرو نه پر ”اوپرين“ بڻجي ويو تازو جڏهن نڀاڳي بيماري هن شخصيت تي حملو ڪيو ته منهنجي آس پاس کوڙ آواز سوال کڻي ايندا هئا ۽ منهنجو هڪڙو ئي جواب هوندو هيو ته حرجماعت جا خليفا هن تحريڪ جا اُهي امين آهن جيڪي ڪڏهن به امانت ۾ خيانت ناهن ڪندا تاريخ ثابت ڪيو آهي سنڌ جا امين ساک تي هر دور ۾ سچا لهندا آهن سنڌ جا امين پنهنجي ساک سچي ڪرڻ جي لاءِ سر ته گهوري ڇڏيندا آهن پر امانت ۾ خيانت ناهن ڪندا.(هڪڙو ڪتاب اهلبيت سي سنڌڪا رشتا)پڙهو.سنڌي ڪيتراامين هوندا آهن سوالن جا جواب هن ڪتاب به موجود آهن. ها سنڌ جي تاريخ به آهي روايت به آهي ريت به آهي رسم به آهي ۽ سچ به آهي اڄ سنڌ ۾ ڪا ترقي پسند سوچ هجي يا قومپرستي جو دعويدار هجي. اڄ علمي ادبي ۽ سياسي ڌرين ۾ هي سوال ڇو نه اجاگر ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ انتهائي افسوس سان تاريخ جو سچ مجبور ٿو ڪري ته زماني جو طعنو ۽ ان جي پرواهه نه ڪجي دماغ جو دليل سنڌ واسين آڏو آڻڻ جو وقت آهي ۽ اهو تاريخ جو هڪ وڏو دليل آهي ته اهڙا ماڻهو شهيد شاهه عنايت جي تحريڪ کان حر تحريڪ جي سپڪڙن سپوتن سنڌين هنڱورو، لاکو، مهر،راڄپر،ڏاهري،انڙ،ابڙا،کهاوڙ، راڄڙ، پنهور ۽ ٻيا ڇو پنهنجي دليل جو حصو نٿا بڻائين شهيد شاهه عنايت جي سپاهي گهوٽ قاسم پنهور کي ڇو وساري ٿا ويهن سنڌ جا هي اهي سپوت آهن جن سنڌ تي قابض غيرن ۽ اغيارن کي تاريخ ۾ للڪاريو آهي. وطن جي دشمن سان جنگ ڪئي آهي اهڙا بهادر، اهڙا ارڏا ۽ اهڙا سنڌ جا ڏنگا۽ ڏاها جيڪي دشمن لاءِ للڪار آهن. دشمن تي دڙڪو آهن، انهن وٽ دليل ڇو نه آهي! سنڌ جي انهن سپوتن جي ڪردارن جي 2 5 9 1 ع کان 0 1 جنوري 2 1 0 2 ع تائين هڪ وڏي تاريخ جو دليل رکندڙ سيد شاهه مردان شاهه هاڻ سنڌ جي تاريخ ۾ سدا حيات، باڪمال، باعمل، ڏيهه ڏاهو بي مثال بات جو هڪ باب آهي جنهن زماني کي سال 1 1 0 2 ع ۾ ٻڌايو ته ”احتجاج ڪرڻ جو اسان وٽ انداز پنهنجو آهي“ سنڌ ۽ سنڌيت جو پٽڪو ۽ پڳ ٽوپي ۽ اڇو رنگ هن دنيا ۾ اجاگر ڪيو هي 1 2 هين صديءَ جو پاڳارو هو 1 2 صدي جو پاڳارو تاريخ جو اهو مورخ اڳتي هلي بيان ڪندو ۽ اڀياس ڪندو ته هڪ باغي جو پٽ هڪ باغي ساٿ جو سرواڻ ڪيڏي وڏي تاريخ رکي ٿو؟
سٺي ۽ ڪارائتي معلومات ، پيرا پاڳارا بابت اڃا به تفصيلي لکڻ جي ضرورت آهي ، اوهان جي سٺي ڪوشش آهي ، زبردست ادا ۔