رپورٽ: ايس ايم درس ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ (سي ڊي اين) مليرايس ايم درس گل محمّد مستوئي اسڪول بابت ڄاڻ ڏينديٽنڊو کوسو اسڪول جا ٻار ٽيبلو پيش ڪندي ملير ۾ تعليم کي ھٿي ڏيڻ لاءِ 2006 ۾ ڪميونٽي ڊيويلپمينٽ نيٽ ورڪ (سي ڊي اين ) ملير جو بنياد ھڪ خود مختيار اداري طور پيو. ان جومقصد آھي ته ملير ۾ نظر انداز ٿيل ڪميونٽيز کي تعليم وسيلي ايترو پاڻ ڀرو ڪرڻ، جو ھُـو ھاڪاري سماجي تبديلي ۾ پنھنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي پون. ھن وقت سي ڊي اين ملير مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رھي آھي جن ذريعي ھو گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون ۾ نه رڳو تعليمي ڦھلاءُ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھندي پئي اچي پر گڏوگڏ تعليم بابت کوجنا ڪرڻ ۽ ملير ۾ تعليم جو معيار وڌائڻ لاءِ جاکوڙي رھي آھي. ساڳي وقت انھن رٿائن وسيلي تنظيم ڪاري پڻ ڪئي وڃي جنھن سان ماڻھن ۾ گڏجي سڏجي ۽ پنھنجي مدد پاڻ ڪم ڪرڻ وارو لاڙو پڻ منظم ٿي رھيو آھي. سي ڊي اين ملير تعليمي پستيءَ جي اڪيچار سببن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ دنياوي تجربن آڌار اُن نتيجي تي پھتي ته حڪومت تي ڀاڙي ويھي رھڻ واري عوامي راءِ عام کي جيستائين پنھنجي شين جي مالڪي پاڻ ڪرڻ ۽ پنھنجي مدد پاڻ ڪرڻ واري لاڙي ۾ تبديل نه ڪيو ويندو تيستائين اھڙو تعليمي سُڌارو اچڻ اڻ ٿيڻي ڳالھه آھي، جنھن ۾ نه رڳوملير ۾ تعليمي معيار پر ساک پڻ ڏيھي توڙي پر ڏيھي سطح تي بحال ٿي سگھي. ڪرنل عمران محمّد خان ۽ سابق يوسي ناظم مجاھد جوکيو شاھ لطيف ڪميونٽي اسڪول جو پيڙھ جو پٿر رکندي اھڙي صورتحال ۾ وڏي پيماني تي ننڍي مُدي وارين رٿائن جي ضرورت محسوس ٿي. جيتوڻيڪ سي ڊي اين ملير محدود وسيلن رڪاوٽ ھئڻ ڪري گھڻ پاسائين جدوجھد ڪرڻ کان ڪاسر آھي، تنھن ھوندي به پاڻ ارپڻ وارو جذبو، ھمت ۽ حوصلو ساڻ کڻي سي ڊي اين ملير جي سٿ ڪوشش ڪندي اچي. ملير ۾ خاص طور ٻھراڙي ۾ تعليم ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سي ڊي اين ملير پنھنجي شروع ڪيل رٿائن وسيلي ڪيترائي نوان ۽ جديد لاڙا تجرباتي توڙي مستقل بنيادن تي لاڳو ڪيا. اھڙين رٿائن مان اينٽيگريٽيڊ ايجوڪيشن لرننگ پروگرام اڳ ڀريو رھيو آھي. جيڪو گڏاپ جي يوسي درساڻو ڇنو، يوسي گڏاپ يوسي سونگل ۽ بن قاسم ٽائون جي يوسي گھگھر ۽ يوسي گلشن حديد جي ٻھراڙي ۾ 20 ڪميونٽي اسڪول شامل آھن. بلندي ڪميونٽي اسڪول جا ٻار گٽڪي پان ۽ سوپاري خلاف واڪ ڪندي ھن رٿا تحت مائٽن کي پنھنجن ٻارن لاءِ ئي ڳوٺ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي مالي سھڪار وسيلي ھڪ معياري تعليمي ادارو يعني آئي اي ايل پي اسڪول قائم ڪري ان اسڪول جي مقامي سطح تي سار سنڀال ۽ جانچ پڙتال جي ذميواريءَ لاءِ اتي والدين انتظامي ڪاميٽي ڪاميٽي يعني Parents Management Body جي نالي سان ڳوٺاڻي سطح تي ڳوٺاڻي سطح تي ھڪ تنظيم جڙي وئي. ھن تنظيم وسيلي لاڳاپيل ڳوٺن ۾ ملي جُلي پنھنجا مسئلا حل ڪرڻ ۽ انھن کي وس وارن تائين پيش ڪرڻ جي جديد طور طريقن جي تربيتن جو گڏيل توڙي انفرادي طور سلسلو شروع ڪيو ويو. مقصد اھو ته اھڙا ماڻھو تيار ڪجن جيڪي اڳيان ھلي علائقي جي مجموعي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪن ۽ پنھنجي شين جي سار سنڀال لھن. ان ڳالھه کي ماڻڻ ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ سي ڊي اين ملير جي سموري سٿ اسڪولن وسيلي ڳوٺ ۾ رھندڙ ٻارن، ٻُڌن، عورتن توڙي مردن لاءِ مختلف ننڍيون رٿائون ۽ سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. جھڙوڪ: ٻارن جي ذريعي صحت جي تعليم، تاريخي ماڳن جو مشاھدو، موسيقي وسيلي سکڻ سيکارڻ، استادن۽ ڳوٺاڻن جي سکيا، ادبي ۽ تعليمي سيمينار ڪرائڻ سان پنھنجائپ وارو جذبو بيدار ڪرڻ ڪاڻ ھڪ ٻئي جا ڳوٺ گھمڻ ۽ انھن ۾ ڪچھريون ڪرڻ، مختلف شعبن جي ماھرن سان ڪچھريون ۽ گھريلو ھنري سکيا (فن پارا پروجيڪٽ) وغيره شامل آھن. ڪميونٽي اسڪولن جي ٻارڙين پارا تيار ڪيل فن پارا سي ڊي اين جا متا ۽ مقصد: · ملير ۾ موجود ڪميونٽي اسڪولن جي تعليمي معيار، مالي سھائتا ۽ انھن کي مستقل تعليمي اداري جي حيثيت ڏيڻ لاءِ گھڻ پاسائين جدوجھد ڪرڻ. · گڏاپ ۽ بن قاسم ٽائونن ۾ تعليمي جاڳرتا ۽ معيار لاءِ اُپاءُ وٺڻ. · گڏاپ ۽ بن قاسم ٽائونن ۾ صحت جي تعليم ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪرڻ. · وقت ۽ گھرج آھر تعليم۽ صحت بابت (استادن، شاگردن، والدين ۽ علائقي جي ماڻھن لاءِ) سِکيا جو بندوبست ڪرڻ. · سماج جي پيڙھيل طبقي خاص طور عورتن ۾ شعور ۽ ڄاڻ وڌائڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ. · سي ڊي اين ملير پاران علائقي جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن سان گڏجي سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ صحت بابت جاڳرتا لاٰ ءِ جاکوڙ ڪرڻ. · سي ڊي اين ملير پاران علائقي جي ماڻھن جي اقتصادي حالت بھتر بڻائڻ لاءِ وِتَ ۽ وَسُ آھر اُپاءُ وٺڻ. سي ڊي اين ملير پارن ڪيل ڪم : · مين بازار درساڻو ڇنو ۾ مرڪزي آفيس جو قيام · درساڻي ڇني ۾ ڪمپيوٽر سينٽر جو قيام · ڪميونٽي اسڪولن لاءِ ڪلاس روم سپورٽ ۽ استادن لاءِ مختلف مضمونن ۾ سکيا جي پروگرامن جو بندوبست ڪرڻ. · چار اسڪولن کي ماڊل اسڪول بنائي ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب قائم ڪرڻ. · مڪاني ادارن ۽ تعليم کاتي سنڌ سان ويجھو رابطو · ڪميونٽي اسڪولن جي ٻارن ۽ استادن کي ھيپاٽائيٽس جي بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ. · ايس اِي ايف جي آئي اي ايل پي پروگرام سان ھر اھم سرگرميءَ ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيڻ . · سُڌ سماءَ جي ادارن، پي ٽي وي ۽ سي اين بي سي تان ملير جي زراعت، ثقافت ۽ تعليم بابت پروگرام نشر ڪرائڻ · آغا خان انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشن ڊيويلپمينٽ ۽ ايس اي ايف جي سھڪار سان ڪميونٽي اسڪول، فيلوشپ ۽ وؤمين ايجوڪيشن ليٽريسي پروگرام جي استادن کي ھيلٿ جي پنج ڏينھن جي ٽرينگ ڪرائي. . · لڪي سيمنٽ فيڪٽري جي مالي تعاون سان شاھه عبدالطيف ڀٽائي ڪميونٽي اسڪول ۾ ٻه عدد ڪمرا تعمير ڪرايا. · انيتا غلام علي ايوارڊ ۾ دودو ڪنڀير ڪميونٽي اسڪول جي استاد شھناز ليسن پلان ٺاھڻ ۾ چوٿين نمبر 15 ھزار ڪيش ۽ ايوارڊ ماڻڻ . · صرف ايڪسل پاران ٿيندڙ ايڪٽيوٽي (ڊزائين فار چينج) ۾ ڪلسٽر جي ملير ڪلسٽر جا 4 ڪميونٽي اسڪولن ونر طور انعام کنيو. 1. علي نواز ڪميونٽي اسڪول 2. انمول ڪميونٽي اسڪول 3. بلندي ڪميونٽي اسڪول 4. ستارا ڪميونٽي اسڪول
مهرباني سائين وساڻ صاحب انشا اللۡه ڪوشش جاري آهي۔ سائين هڪ عرض تهآئون فائيل اپلوڊ ڪريان ٿو۔ ته فائيل جو نالو غلطي ۾ ٻڌائي ٿو۔ هن رپورٽ ۾ تصويرون به هيون جيڪي نه اچي سگهيون آهن۔ اميد ته مون جهڙي نئي ساٿي کي ٻڌائي همٿ افزائي ضرور ڪندا۔
ان سلسلي ۾ اوهان سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري تصويرون موڪلڻ جو طريقو سمجهي سگهو ٿا۔ پوء به ڪا ڏکيائي پيش اچي ته ٻڌائجو۔