اسلام عليڪم دوستو۔۔۔ توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي استعمال ۾ ورڊ پراسيسنگ جي ڪم ۾ ڪنٽرول پلس سي جي ڪمانڊ ته استعمال ڪندا آهيو، جنهن سان ڪو به ٽيڪسٽ ڪاپي ڪندا آهيو۔۔۔ ته اها توهان کي خبر هوندي ته انٽرنيٽ تي موجود هر ڪمپيوٽر هيڪنگ جي خطري کان خالي نه هوندو آهي، هن ڪمانڊ جي ڪري توهان جي ڪلپ بورڊ ۾ جيڪا ڊيٽا اچي ٿي، اها صرف ڪجهه اسڪرپٽنگ جي مدد سان هيڪرز جي ور چڙهي سگهي ٿي۔۔ يقين نه ٿو اچي ته هن سائٽ تي وڃي ڏسو ۽ ان کان پهرين توهان جي ڪلپ بورڊ ۾ ڪا ڊيٽا هجڻ لازمي آهي۔۔۔ ان جي لاءِ سڀني دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي پاسورڊ وغيره کي ڪلپ بورڊ ۾ ڪاپي نه ڪندا ڪيو۔۔ ۽ جلد کان جلد خالي ڪري ڇڏي ڏيندا ڪريو۔۔ http://www.sourcecodesworld.com/special/clipboard.asp sadayeen gud
پيارا ڄامشورائي ۔۔۔۔ انتهائي ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪئي اٿوَ۔۔۔ ادا پاڻ ته ميل کان وٺي مختلف فورمز ۽ ٻين پليٽ فارمز تي هڪ ئي پاسورڊ رکندا آهيو۔۔۔ خيال ته صرف اهو رکندا آهيو ته هر وقت لاگ ان نه هجون باقي پهريون ڪم ئي ڪاپي ڪري رکڻ جو ڪندا آهيون ته ٻي جاءِ تي ايڏو ڊگهو پاسورڊ لکڻو نه پوي ۔۔۔ پنهنجي انهي سستي کي نه پسند ڪرڻ باوجود ختم نه ڪري سگهيا آهيون۔۔ پر يار اڄ ته توهان ڊيڄاري ئي ڇڏيو۔۔۔ بس ادا بس آئندا ائين نه ڪبو۔۔۔۔
جواب: خبردار۔۔۔ ڪاپي ڪمانڊ جو استعمال خطرناڪ آهي۔۔۔ ادا مست ڇرڪ نڪري ويو۔۔۔۔۔۔۔۔۔برحال اوهان جي ونڊ بهترين لکي شيئر ڪرڻ جي مهرباني