• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوکو سوال

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ AZAM AFZAL
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

AZAM AFZAL

سينيئر رڪن
بک مفلسي ۽ انسانيت، وري وري هڪ سوال ڪري ٿي
ڪيڏو اوکو سوال ڪري ٿي ديس جي باغي ليکڪ کان۔

سيس ڪپائڻ لئي ڇو موڳا ڪات جي هيٺان بيٺو آهين
ڇا لئي آڏو سينو تاڻي موت جي منهن ۾ بيٺو آهين
بک مفلسي ۽ انسانيت، وري وري هڪ سوال ڪري ٿي
ڪيڏو اوکو سوال ڪري ٿي ديس جي باغي ليکڪ کان۔

ننگي سر بازارن ۾ اڄ نياڻن جو نيلام ٿئي ٿو
منهنجي ملڪ جي مارن جي هت غيرت جو قتلام ٿئي ٿو
آزادي جو عاشق آهيان۔ جنتا خاطر بيٺو آهيان
پر
بک مفلسي ۽ انسانيت، وري وري هڪ سوال ڪري ٿي
ڪيڏو اوکو سوال ڪري ٿي ديس جي باغي ليکڪ کان۔

بک مفلسي بيماري جي منهنجي ديس ۾ ڊوڙ ته ڏس
مظلومن ۽ مجبورن سان، ويرن جي هو جنگ ته ڏس
ڳاڙهي سج اڀارڻ لئي هو مارن جي للڪار ته ڏس
بک مفلسي ۽ انسانيت، وري وري هڪ سوال ڪري ٿي
ڪيڏو اوکو سوال ڪري ٿي ديس جي باغي ليکڪ کان(افضل قادري)
 
Back
Top