• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڏات ڏنگيندي رهندئي

معظم افضل

سينيئر رڪن
ڌرتي خاطر گيت لکيم جي
دل مان نڪتا چيري دل کي
واڪ انهن تي ڏيندو ڪير
باه ڀلا هي وٺندو ڪير

سياسي سوچ ۽ لوچ جا مالڪ
ڄاڻا ٿو مان تنهنجي سياست
سياست تنهنجي ڪوڙي آهي
جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي
ڪيڏا مارون قيد ڪيا ٿئي
آخر ڪهڙو ڏوه ڏٺو ٿئي
ويڻ ڀلا کئين وسرن تنهنجا
پنهنجن سان ڇو وير وڌو ٿئي

ڪرسي خاطر ڪيستائين
ڪنهن کي ڪنهن کي قيد ڪندين تون
پنهنجي جرئت جهڪڻي ناهي
معافي توکان گهرڻي ناهي
پر او بزدل ياد رکي چڏ
ديس جي ڌرتي ناهي مرڻي
جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي
منهنجي ڏات ڏنگيندي رهندئي
چڪن ساڻ پٽيندي رهندئي
آڌي رات اٿاري توکي
منهنجي ڏات ڏنگيندي رهندئي
منهنجي ڏات ڏنگيندي رهندئي
 
Back
Top