دوستو! حق موجود!اُميد ته سڀني دوستن جي عيد لش گذري ھوندي، دوستو! دوستن جي ساٿ سان اسان سنڌيت لا پاڻ پتوڙيون ٿا ان لا اسانکي پنھنجي فورم جي آفيشل ويب تيار ڪرڻي آھي، ڇا طريقي ڪار آھي، ڪنھن دوست کي خبر آھي ته جلدي ئي ٻڌائي۔
ادا عيد ته واقعي ۾ لش پش گزري آهي۔ توهان هتي آفيشل ويب سائيٽ جي ڳالھ ڪئي۔ ان سلسلي ۾ آئون ڪجھ چوڻ چاهيان ٿو۔ توهان کي هيٺين شين جي ضرورت پوندي۔ 1۔ ڊومين نيم، جيئن سنڌسلامت جو آهي۔ ڊومين نيم پيسن سان ملندو آهي۔ 2۔ ويب هوسٽنگ، ويب هوسٽنگ هڪ سرور هوندو آهي جيڪو توهان کي ڪرائي تي ملندو آهي۔ ان جي قيمت ڊومين نيم کان وڌيڪ هوندي آهي۔ 3۔ ويب پيج، ويب پيج هڪ ويب ڊزائنر ٺاهيندو آهي۔ ويب ڊزائنر پنهنجي مزدوري وٺندو آهي۔ 4۔ اپڊيٽ، ويب سائيٽ کي روزانو اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي۔ وڌيڪ رهنمائي حاصل ڪرڻ لائي توهان ادا ذيشان سان رابطو ڪريو۔
ادا سولنگي صاحب آءُ هيٺ هڪ لنڪ ڏئي رهيو آهيان جيڪا سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب جي آهي ڪتاب جو نالو آهي پنهنجي ويب سائيٽ پاڻ ٺاهيو هي ڪتاب پڙهي ڏسو اميد ته اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو http://www.slideshare.net/SindhiMedia/make-websitesindhi#13459632904141&hideSpinner