لڪا ڀڻن لوڪ ۾

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2012۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    ايس ايم درس
    لـــڪا ڀڻن لـــوڪ ۾
    امام بخش ڄاموٽ انھن مرد مجاھدن مان آھي جن کي ھر وقت پنھنجي ڳوٺ جي نياڻين جي تعليم لاءِ اونو رھي ٿو. ھو پاڻ سي ايس ايس بلندي اسڪول جي وي اي سي جو چيئرمين آھي ۽ ڳوٺ محمّود ڄاموٽ يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو ۾ رھي ٿو. پاڻ گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ چوڪيدار طور 1988 ع کان ڪم ڪري رھيو آھي. سندس تعليم پھريون ڪلاس آھي. پر پاڻ سنڌي اخبار پڙھي سگھي ٿو. کيس ست ڇوڪريون ٽي ڇوڪرا آھن. جن مان ھڪ ڇوڪري پھرين ڪلاس ۾، ھڪ ڇوڪري ٽئي ڪلاس ۾ ، ھڪ ڇوڪري پنجين ڪلاس ۾، ھڪ ڇوڪرو ستين ڪلاس ۾، ھڪ ڇوڪري ۽ ھڪ ڇوڪرو نائين ڪلاس ۾ ، ٻه ڇوڪريون ڏھين ڪلاس ۾ پڙھن ٿيون. ھن وقت سندس ڪل 7 ٻار پڙھي رھيا آھن. امام بخش ٻڌايو ته جنھن اسڪول ۾ چوڪيدار آھيان اھو اسڪول جيڪو پري پنڌ ھئڻ ڪري اتي پنڌ اچڻ وڃڻ جي باوجود به مون پنھنجي ھڪ نياڻي کي گورنمينٽ اسڪول مان پنجون ڪلاس پاس ڪرايوآھي. اتي جون استاد باجي روشنه ۽ باجي ياسمين منھنجو گھڻو خيال رکنديون ھيون ۽ خيال رکنديون آھن. تنھين مون کي ھميشه ادا ڪري سڏيو آھي ۽ ڪڏھن به مون سان تيز ٿي نه ڳالھايائون. انھن مون کي چيو ته ادا توھان پنھنجون ننڍڙيون اسڪول وٺي ايندا ڪريو. اھي ٻئي منھنجي ننڍڙي کي ڪتابن ڪاپين کان وٺي ھاف ٽائيم تي خرچي تائين مدد ڪنديون ھيون.
    ھن نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو ته آئون ھر وقت پنھنجي ڳوٺ جي ٻارڙين جي تعليم لاءِ سوچڻ تي مجبور رھندو ھوس. جڏھن پنھنجي ڊيوٽي تي ھوندي ننڍڙين ننڍڙين ٻارڙين کي ٿھيلا ڪلھن ۾ ڏسندو ھوس ته مون کي پنھنجي ڳوٺ جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ياد ايندا ھئا ته ڪاش اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول ھجي ھا ائين ئي ٻار ٿھيلا ڪلھن ۾ وجھي ڊوڙندا اسڪول اچن ھا ۽ موڪل وقت ڊوڙندا گھر وڃن ھا. ھر وقت اھا سوچ رھندي ھئي.
    ھڪ ڏينھن اھا سوچ سچ ۾ ثابت ٿي SEF جي ٽيم سي ايس ايس اسڪولن جي سروي لاءِ پھتي. ملير جي تمام ڳوٺن جي سروي سان گڏ اسان جي ڳوٺ جي به سروي ٿي. ڪجھه ڏينھن جي عرصي کان پوءِ ٻيھر اھا ئي ٽيم اسان جي ڳوٺ ۽ ڀر واري ڳوٺ ۾ ڪھڪشان جي نالي سان ڪميونٽي سپورٽيڊ اسڪول کوليو ويو. ڪجھه مھينا اسڪول ھلڻ کان پوءِ ڳوٺ ۾ ننڍن ننڍن مسئلن جنم ورتو. SEF جي ٽيم گھڻيون ئي گڏجاڻيون ڪيون پر نيٺ ھڪ ڏينھن SEF کي اسڪول بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو نيٺ اسڪول بند ٿي ويو. ساڳيون پراڻيون سوچون پھرين کان به وڌڻ لڳيون. ھڪ ڏينھن ٻنپھرن کان پوءِ آئو ڳوٺ جي ٻاھران جتي ھن وقت بلندي اسڪول ھلي رھيو آھي اتي ويٺل ھئس ته ايس اي ايف جي ٽيم مون وٽ آئي مون کين کلي کيڪارڻ کان پوءِ اھو ئي سوال ڪيو ته سائين اسان جي اسڪول جو ڇا ٿيندو!؟ ھنن ٻڌايو ته اسان اڄ انھيءَ مسئلي تي توھان سان ڳالھائڻ لاءِ آيا آھيون. آئون انھن جي سامھون ئي خاموش ٿي ويھي رھيوس پر منھنجي دل ۽ دماغ ۾ گھڻا ئي سوال ٿي اڀريا ته ڇا وري اسڪول کولين ٿا؟ ڇا ھاڻ پڪو جواب ڏيڻ آيا آھن؟ ھاڻي اسان جي ڳوٺ محمود ڄاموٽ ۾ اسڪول کولين ٿا؟ اھڙي قسم جا دل ٿي سوال ڪيا ته انھن جا جواب دماغ ٿي ڏنا جيڪي دماغ ٿي سوال ڪيا انھن جا جواب دل ٿي ڏنا. انھن مون سان ڳالھايو ته ڄڻ منھنجي سوچن جو سلسلو ختم ٿيو مون ڇرڪ ڀري سواليا نظرن سان انھن کي ڏٺو. مون سان ڳالھائيندي چيائون ته اسان سوچيو آھي توھان جي ڳوٺ ۾ اسڪول کولجي پر استاد جو بندوبست ڪيئن ٿي سگھندو؟ پاڻ کي ڪا استاد ملي سگھندي؟ مون چيو ھا ڪوشش ڪنداسين الله نيڪ ڪم ۾ ضرور ڪامياب ڪندو. پوءِ اسان نور بانو ۽ سندس والد صاحب سان ملياسين جن ھا ڪئي. اسڪول کليو. انھن ڏينھن ۾ مرحوم محمود ڄاموٽ به حياتي ھو جنھن جي اوطاق خالي پيل ھئي جنھن سان ملاقات ڪئي جنھن اسڪول لاءِ جڳھه ڏني اسڪول کليو دل خوشيءَ کان ٽپا ڏيڻ لڳي.
    پر ڪجھه اسڪول جي مخالف ماڻھن اسڪول کي بند ڪرڻ لاءِ گھڻيون ئي ڪوشيشون ڪيون. SEF جي ٽيم کي چيائون ته استاد ڪيئن ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ايندي. اسڪول ھلي ڪو نه سگھندو انھن جي ڳالھين تي SEF جي ٽيم کي به سوچڻ تي مجبور ڪيو. اھي به ھر وقت مون کان سوال ڪندا ته ائين نه ٿئي ته استاد اسڪول ڇڏي ڏي. انھن کي خاطري ڪرائي آئون ويھي الله پاڪ کان دعا ڪندوھوس ته يا الله اسان جي اسڪول کي ڪاميابي سان ھلائيج. الله جي دعا ۽ استاد نور بانو جي ھمت سان اڄ بلندي اسڪول ھلي رھيو آھي. ڪافي ماڻھن نور بانو جي والدين کي به چيو ته توھان پنھنجي نياڻي کي ايتري پنڌ تي نوڪري لاءِ موڪليو ٿا، سٺو نه ٿو لڳي پنڌ اچي پنڌ وڃي. ھن جي والدين جي به ھمٿ کي سلام آھي جيڪي انھن کي چوندا ھئا ته اسان جي ڇوڪري نه ڇوڪرو آھي. پوءِ به اسڪول مخالف ماڻھوگھڻيون ئي ڳالھيون ڪندا ھئا. انھن کان پوءِ نور بانو سندن ڳوٺ کان ميمڻ ڳوٺ ويندڙ ڊارسن (گاڏي) جيڪا اسڪول جي ويجھو ئي گذرندي ھئي ان ۾ چڙھي اسڪول ايندي ھئي ۽ واپس اھا ئي گاڏي اڍائي ٽي بجي موٽندي ھئي ان ۾ چڙھي گھر ويندي ھئي. چوندا آھن ته ’’درياءِ جو منھن بند ڪري سگھجي ٿو پر ماڻھن جو منھن بند نه ٿو ڪري سگھجي‛‛.
    اسڪول جو ھڪ ڪمرو ھو جيئن جيئن ٻارن جي انرولمينٽ وڌي ته ٻئي ڪمري جي ضرورت ٿي. استاد ته SEF ڏني ٿي پر ڪمرو ڪيئن ٺھي. پوءِ امام بخش سندس گھر واري ، ٻارن ۽ وي اي سي خزانچي عبدالوحد گڏجي ھڪ ڪکن جي جھوپڙي ٺاھي ان ۾ به اسڪول ھلندو رھيو گرمي ھجي يا سردي پر ھر وقت چيئرمين ، سندس پورو گھر ۽ خزانچي عبدالواحد ھر وقت جھوپڙي جي مرمت ڪندا رھندا ھئا ڇو؟ جو ملير ۾ اوڏھي ٿيندي آھي جيڪا ڪکن ڪچرن کي ائين کائيندي آھي جيئن باھ پيٽرول تي لڳندي آھي.
    سي ڊي اين ملير ۽ ايس اي ايف جي ٽيم نظير فائونڊيشن جي چيئرمين محترم صباحت کي بلندي سي ايس ايس جي وزٽ ڪرائي جنھن ٻارن جي مالي حالت کي ۽ اسڪول جي ڪمري جي حالت ڏسي ڪري ھڪ عدد ڪمري جي آڏاوت جو مٽيريل وٺي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڪجھه ڏينھن ۾ صباحت صاحب پاران سامان پھتو. وي اي سي چيئرپرسن ، خزانچي ۽ اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارن گڏجي گرمين جي موڪلن ۾ اسڪول جي ڪم ۾ والينٽري مزدوري ڪري ھڪ عدد ڪمرو تيار ڪيو. انکان علاوه به استاد وي اي سي اسڪول جي بلڊينگ لاءِ ڪوششون جاري رکندي آئي جن ۾ سرندي پڄندي وارن سان ملاقاتون انھن کي اسڪول جون وزٽون نيٺ سندن ڪوششن رنگ لاٿو. صوبائي وزير زڪوات ۽ عشر محترم ساجد جوکيو پنھنجي بجيٽ مان 2 عدد ڪمرا چار ديواري ۽ 2 عدد واش رم سي ايس ايس بلندي کي ٺھرائي ڏنا.

    امام بخش وي اي سي چيئرمينن مان ھڪ سرگرم چيئرمين آھي جيڪو ايس اي ايف يا سي ڊي اين ملير جي گڏجاڻي ھجي يا ڪو پروگرام ھجي صبح جو سوير ان ھنڌ تي پھچي ويندو آھي.ھي اھو چيئرمين آھي جيڪو پنھنجي اسڪول جي مسئلن جي حل لاءِ پھريان پاڻ پتوڙيندو آھي ۽ پوءِ ضرورت مطابق سي ڊي اين ملير کان سھڪار وٺندو آھي.
    بلندي سي ايس ايس ۾ ڪُل 115 ٻار پڙھي رھيا آھن جن کي چار استاد پڙھائي رھيون آھن جن ۾ نور بانو ، زليخا ، شمع ۽ عزيزه ، ھڪ استاد امام بخش جي ڇوڪري ميٽرڪ ۾ پڙھڻ سان گڏوگڏ گذريل ڇھه مھينن کان والينٽري استاد طور اسڪول۾ پڙھائي رھي آھي. جنھن پھرين ڪلاس کان اٺين تائين ھن ئي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ھن وقت گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪينڊري اسڪول احمّد دائود درساڻو ڇنو ۾ ميٽرڪ ۾ پڙھي رھي آھي.
    امام بخش ٻڌايو ته مون سان 4 ئي استادياڻيون ھر وقت تعاون ڪنديون رھنديون آھن. جيترو چئجي اوتري ئي منھنجي عزت ڪنديون آھن. آئون کين پنھنجي نياڻين وانگر سمجھندو آھيان. منھنجي دعا آھي ته ھي اسڪول ھڪ نه ھڪ ڏينھن ضرور ماڊل اسڪولن مان ھڪ ٿيندو. پاڻ خواھش ظاھر ڪندي ايس اي ايف کان اسڪول لاءِ فرنيچر ۽ ڪمپيوٽر ليب جي گُھر ڪيائين ته جيئن ٻار پٽ تي ويھي پڙھڻ جي بجاءِ مٿي ويھي پڙھن ۽ اڄ جي جديد دور جي اھم ضرورت ڪمپيوٽر سکي ڪنھن مقام تي پھچي سگھن. بلندي سي ايس ايس ۾ عبدالڪريم فيلوشپ اسڪول مان به پنجون ڪلاس پاس ڪندڙ ٻارڙيون ڇھون ڪلاس پڙھڻ لاءِ اچن ٿيون. (ملير ڪلسٽر جي سڀني سي ايس ايس اسڪولن مان سڀ کان زياده ٻار اٺون پاس ڪندڙ ھن اسڪول سان تعلق رکن ٿا).
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ۔۔۔۔ امام بخش ڄاموٽ لاء خاص دعائون

    تمام سٺو ڪم، دوستن لاء دعائون ته هن نيڪي جي ڪم کي جاري رکن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    سائين محترم وساڻ صاحب
    سائين سان دعائون ۽ ساٿ انشاءِ الله ھميشه رھيو آھي انشاءِ الله اڳتي به جاري رھندو۔ توھان جي خدمت ۾ ھڪ وڌيڪ عرض ته محترم امام بخش جي اسڪول جي ننڍڙين ٻارڙين پنھنجي آواز ۾ ڪجھه وقت آڊيو ڪيسٽ تيار ڪيوسين۔ جن شاعري به قابل احترام سائين شمشير الحيدري ڪئي۔ دل ٿي چاھي ته سائين جي شاعري ۽ ننڍڙين گلن جھڙن ٻارن جي آواز کي سنڌ سلامت تي آندي وڃي۔ ھنن جي ڌن محترم شاھد ڀٽي تيار ڪئي۔ انھن کي تيار ڪرڻ ۾ منھنجي استاد ، دوست سائين جي فرزند محترم سليم حيدري ڏينھن رات ھڪ ڪري مدد ڪئي۔ مون ڪافي ڪوشش ڪئي پر لوڊ نه ٿي سگھي۔ توھان تائين ڪيئن پھچن ته توھان لوڊ ڪريو۔ ڪو آسان طريقو ٻڌائيندا ته جيئن بلندي اسڪول جي ٻارڙين جي آواز ۽ سائين جي شاعري کي سنڌ سلامت تي آندو وڃي۔
    فقط
    توھانجو پنھنجو
    ايس ايم درس پروگرام ڪوآرڊينيٽر سي ڊي اين ملير
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان مونکي اي ميل ڪيو ته اپلوڊ ڪري پيش ڪندس۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو