مڙسن لاءِ زالون کوڙ (سجاد مھر)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    مڙسن لاءِ زالون کوڙ
    سجاد مھر

    ميندي رتن ھٿن سان ساھيڙين جي وچ ۾ ويٺل بختاور ائين لڳي رھي ھئي جيئن ڪا اپسرا، ونواھه جي آخري ڏينھن جو احساس ۽ لانون لھڻ واري گھڙيءَ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪندڙ ھن حسين ڇوڪري جي اکين ۾ اُڻيل آئيندي جا خواب کوڙ حسرتون ۽ ارمان من جي مھراڻ ۾ ڄڻ ته ڇوليون ھڻي رھيا ھئس. سندس وَرُ توڙي جو مائٽن جي مرضيءَ سان مليو ھئس تڏھن به ھوءَ نھايت سٻاجھڙي ۽ سلڇڻي ڇوڪري ان ارينج ميريج کي به ڄڻ ته لَوَ ميريج جيان محسوس ڪري رھي ھئي............ننڍڙي هوندي نالي ڪرڻ وارو اسان جو ڳوٺاڻو ڪلچر ئي حقيقت ۾ بختاور جي بدبختيءَ جو سبب بڻيو هو. پر هوءَ نهايت نماڻي نياڻي پيءُ ماءَ جي فيصلي تي ڪنڌ جهڪائي جهڙي تهڙي وَرَ کي ئي پنهنجو لائيف پارٽنر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو....

    چوڌاري ساھيڙن جي ميڙ ۾ ويٺل بختاور پاڻ کي اڪيلو ڀانئين ڄڻ ته ڪنھن ٻي دنيا ۾ ھلي وئي ھئي زندگي جي ھن انوکيءَ راند ۾ ھوءَ گھٻرائجي وئي ھئي، ھونءَ نه ته اڳ ڪاليج جي ڪيترن ئي سالياني راندين جي فنڪشنن ۾ جڏھن به ميدان ۾ لٿي ھئي ته ڪنھن به ھجوم کان گھٻرايو ڪونه ھئائين ھن ڪيترائي ايوارڊ ۽ تمغا ڊگھيءَ ڊوڙ ۽ “لانگ جمپ” جي مقابلن ۾ کٽيا هئا ۽ ائين ساهيڙين ۾ سرخرو ٿي هئي پر هي ايونٽ شايد مختلف ٿي ڀانيائين جو خوش هوندي به خاموش ٿي وئي هئي................

    پنهنجي تر ۽ گهر ڇڏڻ جو عجيب احساس به ڪڏهن ڪڏهن من ۾ چهنڊڙيون پائي رهيو هوس ته ڪڏهن وري وَرَ سان وڃڻ ۽ نئين دنيا وسائڻ جي خوبصورت خوابن کيس اڻ تڻ ۾ وجهي ڇڏيو هوس.........

    لانون ۾ اڃا ڪي ڪلاڪ باقي هئا تيستائين گهر ۾ ٻارن جي ڪيهٽ، عورتن جي رڙين، ساهيڙين جي ٿڌن مٺن جملن هن کي ڄڻ ته پاڻيءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيو هو ضبط جي اهڙي عجيب ڪيفيت ۾ هوءَ سڀني سان ڳالهائيندي، شرمائيندي ڪڏهن مٿي تان سُرڪي ويل لٽو ورائيندي ته ڪڏهن پيرن کي پاچن ۾ لڪائيندي اهو محسوس ڪرائي رهي هئي ڄڻ ته هوءَ ڪنهن وڏي ويل ۾ هجي.

    نيٺ لانون جا لمحه به آيا، در تي دهل جو ڌڌڪو شرنائين جو شور خدو لنگهي جي ڦوڪ سان نڪتل پريشر تي پوپليءَ جو ڪن چيريندڙ آواز، عورتن جي تاڙين جا ٽڙڪا، سهرن جا ابتا سبتا سُرَ ۽ لاڏن جو لُڙُ ويو ٿي وڌنڌو....................
    گهوٽيتن پاران آيل عورتن مان هڪ جهونڙيءَ جوانڙين کي داٻو ڏيندي ڇنڊ پٽي ته ڇوريون ڇا ٿي ويو اٿوَ هلو ڪڍو ڪو ڀلو سھرو وات ۾ مڱ پيا اٿوَ ڇا............ڇيڳرين ڇورين سھرو ڪڍيو....
    “ٻاريو ٻاريو بجليون، ٻاريو شمعدان”
    سهرن سان سُرندي سموري ڄَڃَ اچي ان چائٺ تي پهتي جتي گهوٽَ جون ساليون ڏانوڻ ڏائڻ لاٰءِ اڳواٽ ئي ڌاڳا ٺاهيون بيٺيون هيون. وري ڌماچوڪڙي مَچي نئين سهري سان
    “بهادر خيال ڪجانءِ ساليون کيڏڻ آيون ٿي............
    ساليون کيڏڻ آيون ٿي، مَتان راند هارائي ٿي”
    بهادر قد جو هلڪو پر بت ۾ ڀريل وڏي تُري سان پٽڪو پاتل
    اڇو وڳو هَٿ ۾ ترار جهڙو تکو خنجر منهن تي شهپرن جو ڇڏيل
    گهاٽو جهنگ، سُرمي سان ڀريل ڍور جيڏيون اکيون هَٿن تي ٿڦيل ميندي ۽ ٻانهن ۾ ٻڌل ڳانو، سڀني کڻي گهوٽ جي ڀَر جهلي، دَرجي چائٺ تي هن جيئن ئي سڄي پير مان ڇَٻو لاٿو ته آنر اڳتي اچي بهادر کي ٽيڪو ڏنو ساليءَ سندس سَڄي پيرَ جي آڱوٺي ۾ ڌاڳو اٽڪائي مٿي هٿ جي آڱوٺي مان پار ڪري کيس جڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهوٽ جون ڀينرُ ڏانوڻ جو سَهرو ڳائڻ لڳيون
    “پَٽَ جو ڏانوڻ ڏايانءِ منهنجا راڻل رهه راڄ ۾
    رَههُ راڄَ ۾، تنبو کوڙيانءِ باغ ۾......................”
    ڪن شرارتي ڇوڪرن گهوٽ کي ڪلهي تي کنيو ته جيئن گهوٽ جو قد وڌي وڃي ۽ ساليءَ کي ڌاڳي جا چڪر ورائڻ ۾ تڪليف ٿي.... ساليءَ جهپڙ ڏئي هِن جي آڱوٺي کان ڌاڳو پار ڦيرايو ته ڄڻ بازي هارائجي وئي............
    ڌاڳي جي زنجير ۾ ويڙهيل بهادر سالين جي فرمائش کي پوري ڪرڻ کان پوءِ آجپو ماڻيو....
    لانوان ڏنيون ويون، گهوٽ ڪنوار کي کير پياريو ويو، آئيني جي اوٽ مان گهوٽ ڪنوار کي هڪ ٻئي جو منهن ڏيکاريو ويو، ڪنوار جي مُٺِ بند ڪرائي گهوٽ کي کولڻ جو چيو ويو بهادر پنهنجي پوري مڙسيءَ سان ڪنوار جي مٺ کولڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿيو ته ڀر ۾ ويٺل ڪراڙيءَ ڪنوار جي ڪک ۾ ٺوٺ هڻي چيو مائي مڙس ٿي لڄ رکيس، کول کڻي مٺ کي ۽ ائين بَختاورِ بهادر جي مڙسي جاچڻ کانپوءِ پنهنجي مرضيءَ سان مٺ کولي ڇڏي ان مهل ائين محسوس ٿيو ته “عورت جيڪڏهن پنهنجي مٺ بند رکڻ چاهي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان جو توازن بگاڙي نه ٿي سگهي”.

    رات گهڻي گذري چڪي هئي، رسمون به پوريون ٿي چڪيون هيون، ڪنوار جي ڪمري مان ڄاڃين کي وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ ڪڍيو ويو بهادر ڪمرو خالي ٿيندي ئي اندريان ڪنڍي لڳائي سک جو ساهه کنيو.
    هو ويجهو اچي بختاور جي ڀر ۾ ويٺو، ته هوءَ ٿڌي ٿيندي وئي، ڪنهن سمجهايو هوس ته بهادر بيوقوف نه ٿجانءِ، پڙهيل لکيل وني ملي ٿي پيش اچڻ وقت ڪي چڱيون ڳالهيون ڪجانس، سو هي اڻ پڙهيو، بي.اي پاس بختاور کي پنهنجي پَرَ ۾ پڙهائڻ لڳو، سس سهري جو خيال ڪجانءِ، ڏيرن ۽ ڏيرياڻين جي دل وٺجانءِ، انهن جو خيال ڪَيئي سمجهه منهنجو ڪَيُهءِ ........... بهادر بختاور جي ويجهو ٿيندو ويو چپن جي چُرُ پُرُ هاڻي اکر آکڻ کان اڳتي وڌي........... ساهن جا سلسلا ويا ٿي وڌندا رات جي پوئين پهر تائين هو هن جي جسم سان بي خوف کيڏندو رهيو پر هوءَ صرف پاڻ سنڀالڻ ۽ پنهنجن حواسن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي.............

    بهادر، بختاور جي جسم جو تازو جوس پي توانو ٿيو ۽ فاتحانه انداز ۾ اٿيو ته مسيت مان الله اڪبر جو آواز بلند ٿيو هن آواز ٻڌي سچا سڏ رسول جا چئي ڪمري جو اجهاڻيل بتيون ٻاريون ۽ بختاورکي بيڊ تان هٽائيندي بي صبريءَ سان ڪجهه ڳولهڻ لڳو.....
    هن جا تارا پٽجي ويا ۽ ساهه کڻڻ جي رفتار به معمول کان وڌي ويس......
    بختاور مڙس جي اهڙي حالت ڏسندي پڇيس
    ڇاٿا ڳولهيو ڪا خاص شئي وڃائجي وئي اٿوَ ڇا؟!
    هن غصي واري حالت ۾ حقارت سان اکيون هن جي اکين ۾ وجهي گُهوريو ۽ پوءِ وچڙندڙ لفظن ۾ چيو
    هَئُو، تو واري لڄ ٿو ڳولهيان جيڪا هن چادر ۾ گم ٿي وئي آ............
    هوءَ هن جي تلخ لهجي کي سمجهي نه سگهي ۽ ڪجهه لمحن لاءِ خاموشيءَ جي پاتال ۾ لهي وئي..........
    بهادر چرين وانگر چادر کي اٿلائي پٿلائي بختاور جي عصمت جا اهڃاڻ ڳولهڻ لڳو................ صاف چادر هن جي اندر ۾ وڍ وجهي رهي هئي اکين ۾ رت لهي آيس، بڇڙي انداز ۾ بختاور ڏانهن تڪيندي چيائين سچي ڪر ڪنهن سان کريل آن............
    هوءَ هڪي ٻڪي ٿي وئي سماعتن تان اعتبار کڄڻ لڳس، لفظ نڙيءَ جي لنگهه ۾ اٽڪي پيس پنهنجي پاڪ دامنيءَ جو ڪهڙو ثبوت ڏئي ٿي سگهي...........بهادر چرين وانگر چادر ۾ ويڙهجي ويو.....وڏي آواز ۾ چيائين “ڪاٿي هن رت ....... ؟!” چادر اڇي آهي مانا تون اشراف ناهين ڪميني! مون کي تنهنجي شرافت تي شڪ اڳ ئي هو جڏي تون ڪاليج ۾ پڙهدي هئين تون پنهنجو منهن ڪارو اتي ئي ڪرايو ۽ هاڻي اچي منهنجي عزت خراب ڪئي ٿي.........
    بختاور کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، ته هو (Hymen) هاءِ مين جي ڊيميج ٿيڻ کان پوءِ بليڊنگ نه ٿيڻ ڪري مڙس آپي مان نڪري ويو آهي هن کي هڪ لمحي لاءِ پنهنجي آڱوٺي ڇاپ مڙسالوءَ تي مٺيان آئي، پر هوءَ سمورو سور پي وئي ۽ ڊڄندي ڊڄندي هن موڳي ڏاند کي ڏاڻ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي..............
    بهادر ڏاهو ٿيءُ، جيئن تون سمجهين پيو ائين هرگز به ڪونهي..... منهنجي لڄ سلامت آهي اهو نازڪ پردو ڪيترين ئي سببن جي ڪري سالم ناهي رهندو، ڪاليج دوران مون راندين ۾ حصو ورتو هيو، ڊگهي ڊوڙ ۽ ”لانگ جمپ‟ مقابلن ۾ مون ڪيترائي ميڊل کٽيا هئا اسان کي ميڊيڪل جي پروفيسرن پڙهايو هو ته اهو پردو جنهن کي “هاءِ مين” چيو وڃي ٿو سو راند روند جمپ وغيره يا ڪن حالتن ۾ ڇوڪريءَ جو وزن وڌي ڪري به ٽٽي پوندو آهي تون يقين ڪر مون تي، مان پاڪ صاف آهيان، منهنجي عصمت سلامت آهي، ممڪن آهي ته “لانگ جمپ” سبب اهو سڀ ڪجهه..............هوءَ اڃان گهڻو ڪجهه چوڻ پئي چاهي پر بهادر وڏي رَڙِ ڪندي چيس بس ڪر ڪميني، مونکي ٿي پڙهائين..........بهادر ائين چئي غصي مان دَرُ کولي ٻاهر نڪري ويو، ڪجهه ئي لمحن ۾ هو واپس آيو ته سندس هٿ ۾ مائوزر هو، هن مائوزر جو گهوڙو چاڙهيو ۽ بختاور جي سيني ۾ سڌو فائر ڪيو، رَت سان اڇي چادر لال ٿي وئي............ بي غيرت بهادر مائوزر جي نال کي ڦوڪ ڏئي مُڇَ کي تاءُ ڏيندي چيو....... “مڙسن لاءِ زالون کوڙ”......................


    رضوان گُل جي فيسبوڪ البم تان ورتل
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو