چانڊوڪي ، چُم چُم ، عاشق ۽ معشوق ٻئي ، هڪ ٻئي ۾ گم سُم ۔ بوسن جي بوڇاڙ ، سڄي مهيني مانگھ جي ، ٻنهي کي هئي ٻاڙ ۔ چُهٽي چاه چُميم ، جاني تنهنجي جسم جو ، هر هڪ گهير گهميم ۔ جوشيلا بوسا ، رابيلي رخسار تي ، نيلا پوپٽڙا ! استاد بخاري