واهه واهه، تمام گهڻي خوشي ٿي هن وڊيو کي ڏسندي اسان به اوهان جي خوشين ۾ شريڪ ڀانيو سين، شل جتي به هجو جڙيا هجو پاڻ ۾ محبت ۽ ميٺاج سان رهو ۔ پر هڪ ڳالهه جو اهو به افسوس ٿيم ته جيڪڏهن منهنجي سهڻي ستابي سنڌ ۾ اسان جي سنڌي نوجوانن لا روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هوند منهنجا سنڌي نوجوان پنهنجي ديس کان پري ايتري گهُٽ وري زندگي نه گذارن، مان ته نٿو ڄاڻان توهان سڀ ڪهڙي ريت ان هڪڙي ڪمري ۾ رهندا هوندئو، جتي اسان جي سنڌ ۾ پنهنجن گهرن جا وڏا وڏا ڪشادا اڱڻن ۾ پلجندڙ سنڌي جوانيون هن هڪڙي ڪمري ۾ ڪهڙي ريت رهندا هوندا۔ پر دعا آهي ته جتي به هجو سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو سلسلو جوڙي رکجو ۔ اسان جو به ساٿ اوهان سان گڏ آهي۔