وڏا وڻ وڻڪار جا ، جِت نانگ سجن نيلا ، اُتي عبدالطيف چئي ، ڪيا هيڪلن هيلا ، جِت ڪڙم نه قبيلا ، اُت رسج راهبر راه ۾ ۔ مرشد ڀٽ ڌڻي
ڀٽائي سرڪار جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، ادا جمالي صاحب اسان جي خواهش آهي ته اوهان جڏهن ڀٽائي گهوٽ جا بيت شيئر ڪريو ته مختصر ان جي سمجهاڻي به ڏيندا ڪريو تاڪِ اسان سٺي ريت استفادو حاصل ڪري سگهون، مهرباني ونڊڻ جي، جاري رکو۔۔۔
ادا سمجهاڻي ته استاد ئي ڏئي سگهن ٿا !! مرشد کي ته مان پاڻ ئي نه سمجهي سگهيو آهيان ! ها ان لاءِ هڪ ڪوشش ضرور ڪري سگهجي ٿي موجوده دؤر ۾ مانواروانب گوپانگ صاحب کي منٿ ڪجي ته هو سائين جو شعر سمجهاڻي سان وقت به وقت ونڊ ڪندو رهي ۔ انب گوپانگ صاحب سان رابطي جي ڪوشش آءٌ ڪندس ۔