پيرصاحب پاڳارا جو شفقت ڀريو هٿ

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالجبار شاھ راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2012۔

  1. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    پيرصاحب پاڳارا جو شفقت ڀريو هٿ
    حضرت سيد مردان شاهه (ثاني) پير صاحب پاڳارا 83 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان پردو مٽائي ويو، سندن جسد خاڪي کي پير جو ڳوٺ روزي ڌڻي جي هنج ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، پير صاحب پاڳارا جن جو اصل نالو شاهه مردان شاهه هو ۽ پاڻ 1928ع ۾ پيدا ٿيا هي اهي ڏينهن هئا جڏهن پير صاحب پاڳارا جن جو والد پير صبغت الله شاهه راشدي المعروف سورهيه بادشاهه انگريز راڄ خلاف بغاوت جو علم کنيو هو، انگريز راڄ ۾ انگريزن 1942ع ۾ حر ايڪٽ نافذ ڪري حرن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ ستت ئي پير صبغت الله شاهه کي بغاوت جي پاداش ۾ گرفتار ڪري مارچ 1943ع ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ئي سندن گادي کي معطل ڪيو ويو. ان سڀ هوندي گوريلن ڪارواين جو سلسلو جاري رکيو. 1946ع ۾ پير صبغت الله شاهه جي فرزند شاهه مردان شاهه کي انگريز حڪومت کين عليڳڙهه ۽ پوءِ لنڊن ۾ قيد ڪيو، ان وقت سندن ڄمار 18 سال هئي پر سندن تعليم جو سلسلو لنڊن م جاري رهيو.
    1949ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان لنڊن ۾ پير صاحب پاڳارا جن سان ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته پاڻ پاڪستان واپس اچن ته سندن گادي کي بحال ڪيو ويندو، پير صاحب جن پاڻ 1952ع ۾ واپس وطن وريا جنهن کانپوءِ حرن کي آزادي ملي، فيبروري 1952ع ۾ پير پاڳارا جن جي گادي بحال ٿي ان وقت پير جو ڳوٺ ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ شاهه مردان شاهه جي پير پاڳارا جي حيثيت سان تاج پوشي ڪئي وئي. 1991ع ۾ مسلم ليگ ۾ پيدا ٿيل اختلافن ڪري مسلم ليگ مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، ان وقت پير صاحب پاڳارا جن مسلم ليگ فنڪشنل جي نالي سان پنهنجي پارٽي ٺاهي، جنرل پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ جڏهن مسلم ليگ کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان وقت به پير صاحب پاڳارا مسلم ليگ فنڪشنل کي ان ۾ ضم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي پارٽي جي آزادانه حيثيت سان برقرار رکي. پير صاحب پاڳارا لبرل خيالن جا مالڪ هيا، روحاني اڳواڻ هوندي به مذهبي تبليغ نه ڪندا هئا.
    پير صاحب معنيٰ خيز ڳالهه ڪندا هئا، حڪومت جي مستقبل بابت جڏهن به کانئس سوال ڪيو ويندو هو تڏهن هميشه اهو جواب ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته مارچ ۾ ڊبل مارچ هوندو، ملڪ ۾ سياسي بحران دوران آخري سالگرهه جي ڏينهن جڏهن کانئن سوال ڪيو ويو ته ڇا وقت کان اڳ اليڪشن ٿيندي، تڏهن سندن جواب هو ته گهٽ ۾ گهٽ سندن زندگي ۾ ته نه ٿينديون، ان وقت سندن اهو جملو شايد پنهنجي جوهر ۽ گهڻن کي سمجهه ۾ نه آيو. پير صاحب پاڳارا جن جو ملڪ جي سياست ۾ هڪ منفرد ڪردار هو، ملڪ جي سياست کي هميشه گهرائي سان ڏسندا هئا، پير صاحب پاڳارا ڪيترائي ڀيرا جوڊيشنل مارشل لا اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي، پاڪستان جي سياست ۾ پير صاحب جون ڪيل ڳالهيون وقت اچڻ تي ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون، ملڪ جي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، عدالتن جو فيصلو اچي چڪو آهي، اهو ڪهڙي واٽ وٺندو عسڪري ادارن جو اجلاس جاري آهي، ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، انهي وقت پير صاحب پاڳارا جن جو شفقت ڀريو هٿ ملڪ تان هٽي ويو آهي پر ملڪ جي ادارن ۾ سياسي راند جاري آهي. ان وقت پير صاحب پاڳارا جن جي وڇوڙي ملڪ کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي هر ماڻهو جي اک آلي آهي، پير صاحب سان عقيدت رکندڙ هر ماڻهو سوڳ واري حالت ۾ پير ڳوٺ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي، جتي کيس ڀيٽا ڏني ويندي. پير صاحب پاڳارا جن کان سندن حياتي ۾ ئي ايندڙ پير پاڳارا جي باري ۾ سوال ڪيو ويو هو جنهن ۾ پاڻ واضح لائين ڏيندي چيو هئائون ته حر جماعت جا خليفا مشاورت سان ڪندا، پير صاحب پاڳارا جي ويس مٽائڻ کانپوءِ جتي سندن جماعت سوڳوار آهي اتي سڄو ملڪ هميشه تاريخ ۾ ياد رکندو ۽ سندن شفيق شخصيت جي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو.
    پير صاحب پاڳارا جن جو ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو، جنرل ضياءَ الحق جڏهن ملڪ ۾ سولين سيٽ اپ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ هن مشاورت جي لاءِ پير صاحب پاڳارا جن سان رابطو ڪيو تڏهن پير صاحب جن جنرل ضياءَ کي جواب ڏيندي چيو ته توهان فيصلو ڪري چڪا آهيو يا مشاورت ڪرڻ ٿا چاهيو، جيڪڏهن مشاورت جي ڳالهه آهي ته پوءِ آئون اوهان کي اهڙو ماڻهو ٿو ڏيان جيڪو اوهان جي ڪم جو آهي پر اهو مون کي سلامتي سان واپس گهرجي پوءِ پير صاحب جن محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو هو ۽ سنڌڙي جي محمد خان جوڻيجو وزيراعظم هائوس پهچي پير صاحب جو نالو روشن ڪيو. پير صاحب پاڳارا جن کان جڏهن سورهيه بادشاهه جي مقدمي بابت ڪنهن صحافي جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي پير صاحب چيو ڏيئو مل، منهنجي والد جو وڪيل هو، ان چيو ته اسان کي چيو ويو آهي ته اوهان اپيل داخل ڪريو سزا عمر قيد ۾ تبديل ٿي ويندي اسان جو والد خاموش ٿي ويو هو، منهنجي والد اپيل داخل نه ٿي ڪرڻ چاهي، جيڪو ڪيس حيدرآباد ۾ هليو، ان جي لاءِ ته باقاعده شاهد تيار ڪيا ويا. انهن کي تيار ڪري انهن جو فائنل ٽيسٽ به ورتو ويندو هو، اسان جي والد ته هڪ ڌارئي حڪومت خلاف جنگ ڪئي هئي انهيءَ جدوجهد جا اسين وارث آهيون.
    پير صاحب پاڳارا جن پاڪستان پيپلز پارٽي کي چيڙائڻ لاءِ بلاول جي ڄمڻ وقت ئي چوندو هو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان جو آهي، پير صاحب پاڳارا جن سنڌ جي اشوز تي چٽو موقف رکندو رهيو، ڪمشنري نظام هجي يا ڪو ٻيو مسئلو پر پير صاحب هميشه پنهنجي وزن دار راءِ شامل ڪري سنڌ جي آواز کي سگهارو ڪندا رهيا، پير صاحب جن جون يادون تاريخ جي ورقن ۾ ياد رهنديون، ملڪ جي تاريخ ۾ جيڪو مقام پير صاحب کي حاصل هيو شايد اها کوٽ پوري نه ٿي سگهي.
     
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو