(1)
اعجاز منگي جي ايم سيد، جيئن ڏٺو هو مون!
مائوزي تنگ جون اڪثر لکڻيون منهنجي نظر مان گذريون آهن، مون هن جي اهاشاعري به پڙهي آهي، جيڪا هن انقلاب جي وسيع تر مفادن ۾ ڪئي هئي. پر هن جي ان جمليجو جوڙ مون کي اڄ ڏينهن تائين ڏسڻ ۾ نه آيو آهي، جيڪو جملو هن هڪ آمريڪي صحافي کيانٽرويو ڏيندي چيو هو. مون کي يقين آهي ته ان شام مائو پڪ سان پيتل هوندو، جنهن نماشام جو هن کان آمريڪي صحافي پڇيو هو ته دنيا لاءِ ڳوڙهي ڳجھارت بڻيل مائوزي تنگ ڪيرآهي؟ ۽ ان صحافي پنهنجن ياد گيرين ۾ لکيو آهي ته انهي سوال تي سوچيندي مائوءَ جي مکتي پراسرار مرڪ اڀري آئي ۽ هن بند اکين سان، ڪنهن منظر کي ڏسندي چيو ته مائو چين جي
تنها ڳوٺ جي ويران پيچري تي هلندڙ هڪ اهڙو فقير آهي، جنهن جي مٿان تيز طوفاني مينهن
وسي رهيو آهي ۽ هن جي ڇٽي ڦاٽل آهي ۽ هاڻي مون کي جڏهن به مائو جي سارايندي آهي ته منهنجي تصور ۾ وسيع پس منظر وارو سبز کيتن جي وچ ۾، ڊگھن وڻن سانڍڪيل اهو پيچرو نظر ايندو آهي، جنهن جي مٿان ڪنهن مسافر جو ڪوئي پاڇو ڪونهي. پوءِمنهنجي دل چاهيندي
آهي ته تصور جي اهڙي تصوير جي هيٺيان غالب جو اهو شعر لکي ڇڏيانته: هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد ۽ مجنون جو مرگيا تو جنگل اداسهي! هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو فڪر ۽ پنهنجي نظر آهي. منهنجي اندر جي اکين ۾ به جيايم سيد جي اهڙي تصوير اڀرندي آهي. کيرٿر پهاڙن مان گذرندڙاها راهه جيڪا بنهه اڪيليآهي، جنهن جي چوڌاري سنڌوديش نالي خواب جو ڳوٺ ننڊ جي ڳهر ۾ آهي، ۽ مٿان تيز بارشوسي رهي آهي. جهنگ جي وسيع ٻانهن ۾ سمائجي ويل ڳوٺ، جنهن جي تصوير، غالب جي اهاتحرير بڻيل آهي ته: هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد
۽ مجنون جومرگيا تو جنگل اداس هي!
۽اهو انسان مجنون ئي ته هو جنهن سنڌ کي ليلٰيسمجھيو. هن کي پنهنجا سمورا ساٿي سنگتي ديوانو سڏيندا هئا. پر هن جي پيار ڀري ڪردارجو احترام ڪرڻ انهن لاءِ لازمي هو، هن وٽ محبت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. ان ڪريآخري ڏينهن ۾ هو اياز جي ان نظم تي سڏڪا ڀري رنو هو ته: هو مون کان ڇا لاءِڊڄن ٿا مون وٽ پيار سواءِ ٻيو ڇاهي؟
(2)
ڪالهه هو پاڻ ٻين شخصيتن جي حواليسان اها شڪايت ڪندو هو ۽ اڄ خود هن لاءِ اها شڪايت ڪرڻي ٿي پوي ته هن جبل جهڙيانسان جي مٿان تر جيتري تحقيق به نه ٿي آهي. جيتوڻيڪ هن جي وفات کانپوءِ جلال محمودشاهه هن جي شخصيت کي ميڙي سهيڙي اجاڳر ڪرڻ جو ذمو کنيو هو پر هن کي اٿندي ئي پاورپاليٽڪس جي ٽافين جي اهڙي عادت پئي جو هن کان اهو بنيادي ۽ بيحد ضروري ڪم وسري وي !
اسان جا دانشور ڪرسي _ ڪريز ۾ مبتلا آهن. انهن کي ڪو پتو ڪونهي ته جي ايم سيد جيذات جي ڪهڙن پهلوئن ۾ پتوڙ ڪري سگھجي ٿي، باقي هڪ پروگرام جو پوسٽر نه لکي سگھندڙڪارڪنن تي ڪهڙو معيار!
هاڻي پاڻ حڪومت کان نه اهو مطالبو ڪرڻ کان رهياسين ته سرڪارجي ايم سيد جي شخصيت جي اوک ڊوک ۽ اوچائي لاءِ ڪو ادارو قائم ڪري. اهڙي ريت کيرٿرجهڙي شخصيت اڻڄاڻائي جي جھڙ جي اوٽ ۾ آيل آهي. جڏهن سنڌ ۾ واعدن وارو سج اڀريو تهڪيترن ئي چِٽي ٿيل منظرن مان جي ايم سيد جي اداس جهنگ جو به هوندو. اهو جيايم سيد جنهن منصور ۽ ميڪاولي جي وچ ۾ ميلاپ ڪرائڻ جي بي نيازي ڪوشش ڪئي. نه تهتصور ۽ سياست جي وچ ۾ ڪهڙي هڪ جھڙائي؟ پر هن جو فقيراڻو خيال نهايت جدلياتي بنيادرکندڙ هو. جي ايم سيد پنهنجي نياري نظريي جا بنياد بيحد مضبوط ۽ حقيقي رکيا پر هنسان الميو اهو ٿيو ته هن کي اهڙي ٽيم نه ملي سگھي، جهڙو هو پاڻ هو. ائينناهي ته جي ايم سيد اڪيلو رهجي ويو ۽ هن کي ماڻهو نه ملي سگھيا، شيخ اياز کان وٺيجمن دربدر تائين سنڌ جا سمورا شاعر، حفيظ قريشي کان وٺي مير عالم مري تائين سمورامقرر، آريسر کان وٺي آصف بالادي تائين سنڌ جا سمورا دانشور ۽ وڏن ڦڏائِيُن کان وٺيننڊن ڦڏائين تائين سنڌ جا سمورا ڏنگا ڪردار هن سان ساڻرهيا.
اڄ به سنڌ جي هر ستينگھر ۾ جي ايم سيد جي تصوير موجود آهي. هو سن تائين محدود هجڻ باوجود پوري سنڌ سانتعلق ۾ آيو. سنڌ جي قومپرستي جي سڃاڻ بڻيل، اهو
انسان گمنامي ۾ نه گذاري ويو، پر هنکي پاڻ جهڙو هڪ به ماڻهو ملي نه سگھيو ۽ نه هو پنهنجي فڪري ۽ سياسي پورهئي سان ڪوهڪ به جي ايم سيد جوڙي سگھيو.
اهو هاڃو صرف جي ايم سيد سان لاڳاپيل ناهي پر عالمياتهاس جي اڪثر قدآور شخصيتن پنهنجي پويان پنهنجو تسلسل جاري رکڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه نهڪيو آهي. اڄ چين ۾ ڪو مائو ڪونهي، ائين جيئن روس ۾ ڪو لينن ڪونهي، بوليويا ۾ ڪو چيگويرا ۽ انڊيا ۾ ڪو گانڌي ڪونهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪو جي ايم سيد ناهي. ڪو اهڙو انسانجنهن جي سنڌ سان محبت هر شڪ، هر لالچ ۽ هر خوف کان بلند هجي. ان ڪري سنڌ جو مشن بهٻين عالمي انقلابن وانگر اڪيلو ٿي، بي اثر بڻجي، ميسارجي رهيو آهي. اصل ۾فقط پاڪستان ڊاهڻ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ جو نعرو هڻڻ سان ڪوئي قومپرست جي ايم سيد نه ٿوبڻجي. جي ايم سيد ٿيڻ لاءِ وجود جي گرجا
(3)
گھر ۾ جبر ۽ خوف جي سموري رات دوران جلڻضروري آهي. جي ايم سيد جو جيون، جل جل شعل، جل جل، جيان هيو. جي ايم سيد جيسنڌوديشي تصور کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته اڳ ۾ خود جي ايم سيد کي سمجھيو وڃي ته هوڇا هو؟ هن وٽ عالمي ادب، فڪر ۽ اتهاس لاءِ وڏو احترام هو. هو بائيبل کان وٺيبرٽرانڊ رسل جي ڪتابن تائين اولهه جي سموري قلمي پورهئي کي قدرجي نگاهه سان ڏسندوهو پر هن جو روح فقيري رمزن سان ريجھيل هو هن کي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين صوفي فقيرن اهڙي ڏيا ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سان هن کي لڳو ته هڪ حسناڪ جھان جوڙي سگھجي ٿو. پر انجهان جي جوڙجڪ جي ايم سيد نالي اڪيلو انسان ڪيئن ڪري ٿي سگھيو. ان ڪري هن پاڻ جهڙنماڻهن جي تلاش شروع ڪئي پران تلاش دوران کيس هميشه مايوسي ملي. سنڌ جي خاموش ڪنڊ سن ۾ويهي، هن سنڌ لاءِ جيڪا گھري اونهي ميڊيٽشين ڪئي، ان ۾ هن کي محسوس ٿيو ته سنڌ جي فقيرنجي گودڙي ۾ امن ۽ محبت جا جي املهه موتي موجود آهن، جيڪي جهان جي جوهرين جي آڏواعتماد سان رکي سگھجن ٿا. پر افسوس ته هن جي ڪتابن جا اردو ترجما به هن جي وفاتکانپوءِ ٿيا. جيڪڏهن هن جي فڪر جو فهم اولهه واسين تائين پهچي وڃي ها ته جي ايم سيدايترو نظر انداز نه ٿئي ها!
هن پنهنجي اظهار لاءِ سنڌ جي مٽي جي مهڪ کي ڪتب آندو،سنڌ هن جي آواز ذريعي پنهنجا سور اورڻ لڳي. سنڌ ۾ پاڻ جهڙا سنڌوديشي مسافر ڪٺا ڪرڻئي هن جي جيون جو مشن هو. اهو ئي سبب هو ته جڏهن هن کان سنڌوديش جي قيام جو سن پڇيوويندو هو ته هو اڪثر شاه جي اها سٽ جھونگاريندو هو ته: جي قيام مڙن، ته بهاوڏا ڀائنج سپرين! جي ايم سيد ڪيترائي ڀيرا ان حقيقت جو اظهار ڪيو ته اسانجو مقصد صرف ۽ صرف سياسي معنيٰ ۾ سنڌو ديش جي حاصلات ناهي پر ان راهه تي هلنديپنهنجي ذات کي اجاگر ڪرڻ ئي اسان جو مقصد هجڻ گھرجي. هونءَ ته ڪاميابي ۽ناڪامي جو فلسفو نهايت پيچده آهي. ڇو ته ڪڏهن عارضي ڪاميابي مستقبل ناڪامي جو ڪارڻبنجي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن عارضي ناڪامي ابدي سوڀ جو سبب ٿي اڀرندي آهي پر جي ايمسيد جي جيون کي سامهون رکي نهايت محبت سان تجزيو ڪبو ته اهو معلوم ٿي سگھندو ته هنجون سموريون قلمي ۽ زباني ڪهچريون هن جي قافلي کي تصوف جي رنگ ۾ نه رنگجي سگھيون.
(4)
جي ايم سيد بنيادي طور تي سنڌ جي صوفي سلسلي جو سڄاڻ ۽ صوبر تسلسل هو. هن سنڌوديشجي نالي سان ان تسلسل کي برقرار رکندي، کيس بين الاقوامي افق تي اڀارڻ ٿي چاهيو. هنکي معلوم هو ته انساني ذات جي اصل عظمت تصوف ۾ آهي. تصوف انسان کي خسيس پڻي جي سطحتان مٿي کڻي کيس اشرف ۽ اعليٰ بڻائي ٿو. ان ڪري هن مسلسل سنڌ جي صوفي فقيرن جي سڃاڻتي زور ڏنو.
پيغامِ لطيف هن جي سياست جو بنيادي منشور هو. پر هن جو سمورو علميپورهيو ٻين جي لاءِ نه پر خود هن جي پنهنجي ساٿ لاءِ هو. جي ايم سيد جي سڀ کان وڏيخواهش اها هئي ته هن جي ساٿ ۾ اهڙا ماڻهو هجن جن کي ڏسي ۽ ٻڌي لطيف جا بيت ياد اچڻلڳن. هن کي انهي حقيقت جي پروڙ هئي ته جيسيتائين قومپرست ڪارڪن سنڌوديش جي سفيرنجيان سياست جي اسٽيج تي نه ايندا تيسيتائين سوڀ جي صورت نروار نه ٿيندي. انهي مقصدجي حاصلات لاءِ هميشه هن کي دک ڏيندي رهي1
جي ايم سيد جي جيون ۽ سياست جو پيچروکيرٿر پهاڙن جي خوبصورت پس منظر ۾ هڪ صوفي وادي طرف ويندڙ هو، هو انهي پيچري جواڪيلو مسافر هو. جڏهن هن جي ساهن جو سفر پورو ٿيو ته انهي پس منظر مان هن جي وجودجو اهو منظر مٽجي ويو، جنهن کي مائو انهن لفظن ۾ پيش ڪيو هو.
منهنجي نظر ۾ جي ايمسيد سنڌ جو اهو درويش صفت صوفي انسان هو، جيڪو سياست جي سڀ کان ڏکئي پيچري تي سچائيجي تلاش ۾ نڪتل هو. هن جي مٿان ملامتن جو تيز مينهن وسندو رهيو ۽ هن جي ڇٽي به ڦاٽلهئي جنهن سبب هو ننهن کان چوٽي تائين ڀڳل هو، پر هن جي پهراڻ جي آلاڻ کي نپوڙيفرشتا وضو ٿي ڪري سگھيا. ان جي ايم سيد جي پڄاڻان هن جي تصورن جو ڀنڀور اجڙيلآهي. اڄ سنڌ جو سياسي جھنگ هن مجنونءَ پڄاڻان ڪيترو اداس آهي؟ ان سوال جوجواب عبدالواحد آريسر کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگھي!!؟. تعميرِ سنڌ، خميس 25 اپريل 2002ع