سڀني سڄڻن مانوارن ، هن اڱڻ جي انتظاميه ، ميمبرن ،ارڪان ، مهمان ،پڙهندڙ ، ليکڪ ،ڏاهن ، دانشورن جي آڏو هڪ سوال ٿو رکان ، جنهن جو جواب جهڙو به هجي قابل قبول آهي ۔ ان جواب تي مون سميت ، انتظاميه ۽ حصو وٺندڙن کي ناراضگي جو حق نه ٿو ڏنو وڃي ۔ پر جواب جي اميد سڀني کان ڪئي ٿي وڃي ! سوال: ته ڇا صوبه پنجاب کي ورهائڻ سان سنڌ کي ڪو فائدو آهي ؟؟ جي آهي ته ڪهڙو ؟؟ سوال: ته ڇا صوبه پنجاب کي ورهائڻ سان سنڌ کي ڪو نقصان آهي ؟؟ جي آهي ته ڪهڙو ؟؟ اميد ته غور و فڪر ۽ سوچ و سمجه مطابق جواب هوندو ۔
پنجاب جي ڪنهن به سازش ۾ سنڌ کي ڪنهن فائدي جي اميد ته ڪانهي ضرور انھ ۾ به انهن جو پنهنجو ئي مفاد هوندو باقي ان تي تفصيلي تبصرو ته دوست ڪندا پاڻ کي ته سياست سان بلڪل به دلچسپي ناهي
نقصان ته صاف نظر پيو اچي ۔۔۔ پنجاب کي ورهائڻ سان سنڌ کي ورهائڻ لاء راهه هموار ٿي ويندي۔ سولائي سان اهو سوال اٿاريو ويندو ته جڏهن پنجاب ۾ صوبا ٺهي سگهن ٿا ته سنڌ ۾ ڇو نه ؟ ۔۔ اها سازش تمام گهڻي وائکي ٿي چڪي آهي۔۔ جيڪڏهن ايئن نه هٍجي ها ته ايم ڪيو ايم هروڀرو پنجاب جي ورهائڻ ۾ ايتري دلچسپي نه وٺي ها۔۔ اها ڳالهه ته ايم ڪيو ايم وارا ڄاڻن ٿا ته سنڌ جي ورهاڱي جي سڌي طرح مطالبو ڪرڻ سندن جي فائدي ۾ ڪونهي۔۔ پنجاب کي ورهايو۔۔ پنجاب وارا پاڻ سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندا۔۔ اڻ سڌي طرح انهن جو مقصد پورو ٿي ويندو۔۔ قوميت ، سنڌيت ۽ جذباتيت پنهنجي جاء تي۔۔ پر اها ڪا اڻ ٿيڻي به نظر ڪو نه پئي اچي ۔۔ پنهنجا حال پورا آهن۔۔رب سائين پنهنجي حفاظت ۾ رکي۔۔
ڪالهه نوازشريف جو به هڪ بيان نظر مان گذريو ته اسين حڪومت ۾ اچي سنڌ سميت سڀني صوبن ۾ نوان صوبا ٺاهينداسون ۔۔۔۔؟؟؟؟ سنڌ جو وفاق پرست پارٽيون، ايجنسين جي ايجنڊا تي عمل ڪندي قومن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري، پاڪستان کي بچائڻ جا جتن ڪري رهيون آهن ۔۔۔ ڪنهن عمل جي نتيجن جو ڪاٿو ان عمل جي ڪرڻ واري جي نيت مان ٿيندو آهي ۔۔۔۔ پاڪستان ۾ ايجنسين جو عمل بدنيتي تي مبني هوندو آهي، انڪري نون صوبن جي ڳالهه ۾ سنڌ کي نقصان رسندو ۔۔۔ فائدو ڪون ٿيندو ۔۔۔۔ ها ممڪن پ پ پ کي ڪجهه ووٽ وڌيڪ ملي وڃن ۔۔۔ پر سنڌ کي ڪو فائدو ڪون ٿيندو ۔۔۔؟؟؟