• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم شمشير الحيدري جي لاءِ تعزيتي ميڙاڪو

نثارابڙو

نائب منتظم
375920_10151124249743948_481119896_n.jpg
ڪالهه 28 آگسٽ تي شام جو سنڌ ثقافتي کاتي، سنڌي ليگيونج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران، محترم ۽ مان واري سائين شمشير الحيدري جو تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مرحوم بابا شمشير جي ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيو ۽ سنڌ ميوزم ۾ سندس هڪ ڪنڊ پڻ قائم ڪئي وئي... سنڌ ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اداري جي سربراهن کي واڌايون جن ڪامياب تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي سنڌ جي سهڻي انسان کي خراج پيش ڪيو ...

ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج​

شمشير سنڌ جي انسانن ۾ بوءِ بهار وارو انسان هو، جنهن سموري حياتي سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ وقف ڪئي هئي ...

حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو

شمشير کان ڪڏهن به وطن هڪ پل لاءِ به نه وسريو.

سلام سائين شمشير .... سلام

ڪير ٿو ڪنهن لئه جيئي،
ڪير ٿو ڪنهن لئه مري،
ڪير ٿو بنجي زماني جو اسير،
ڪير ٿيندو بيضمير؟

زندگي تقدير جو تحفو سهي،
موت آدمزاد جو ورثو سهي،
زندگي ڇو موت ۾ پائي نجات،
موت ڇا جي لئه پيئي آب حيات.؟​
 
Back
Top