601 اٽيچمينٽ ڏسو سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو سترهون ڪتاب بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو هندستان بابت ناليواري سفرناما نگار الطاف شيخ لکيو آهي. الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي ڪو سنڌ باد ٿو سڏي ته ڪو سيلاني ٿو سڏي ته وري ڪو کيس سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ ٿو لکي، پر منهنجي نظر ۾ الطاف شيخ اسان لاء هڪ گائيڊ، هڪ استاد، هڪ ڄاڻو شخص هجڻ سان گڏ اسان لاء اتساهه جو سبب بڻجندو رهيو آهي. اسين ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هن ڪتاب ۾ ايتري ته گهڻي ڄاڻ آهي جو وري وري پڙهڻ تي دل ڪري رهي آهي۔ هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
سائين وساڻ صاحب اوهان جي ڳالھ بلڪل صحيح آهي، سائين شيخ صاحب منهنجي نظر ۾ هڪ معلم، مدبر ۽ مهربان آهي، ڇو ته هو سفرنامه لکي اسان کي اهو ڪجھ سيکاري ٿو جيڪي اسان کي ٻيو ڪير به نه ٿو سيکاري۔۔۔
اسان بمبئي مان جان ڇڏائڻ ۾ پورا هياسين ، شيخ وري ان کي ڀاڪر ۾ ڀريون ويٺو آ !! سڀيئي گڏجي سمجهايو شيخ کي سمجهايو
سائين فائل ڊن جي ڊائونلوڊ لنڪ ڪم نه پئي ڪري مهرباني ڪري ان کي ڏسندا۔۔۔ ان ڪتاب جي مون کي سخت ضرورت آهي۔۔