دنيا ۾ اڪثر منافقن جو اهو حال آهي ته صرف زباني جمع خرچ جي حد تائين محتاجن ۽ مسڪين سان گهڻي همدرديءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ انهن جي بيان ۽ انداز سان ائين معلوم ٿيندو آهي ڄڻ ته سڄي جهان جو درد انهن جي ئي جگر ۾ آهي. عبادت گاهن ۾ عبادت جي لاءِ به ويندا آهن. نمازون به پڙهندا آهن ليڪن ڀريل خزاني مان هڪ روپيه به ڪنهن غريب مسڪين تي خرچ ڪندي انهن کي ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. اهڙين نمازين تي الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ لعنت ڪئي آهي. مذهب جي آڙ ۾ هيءَ منافقت عام آهي. هي ماڻهو غريبن کي صبر جي تلقين ڪندا آهن ۽ آخرت جي ثواب ڏي انهن جو رخ موڙيندا آهن ته جيئن هتي سندن کيسي مان ڪجهه نه نڪري. اهڙي قسم جي هڪ منافق عرب جو هڪ قصو مولانا بيان ڪن ٿا ته هڪ شخص ڏٺو ته هڪ عرب جي سامهون سندس ڪتو مئو پيو هو ۽ اهو عرب ان تي روئي رهيو هو. ڪنهن پڇيس ته عرب چيو ته هي ڪتو ڏاڍو وفادار هو. ڏينهن جو منهنجي لاءِ شڪار ڪري ايندو هو ۽ رات جو چورن کان منهنجي گهر ۽ مال جي حفاظت ڪندو هو وري پڇيائينس ته هن کي موت ڪيئن آيو زخم آيس يا بيمار ٿي پيو هو؟ چيائين ته نه ويچارو بک کان مري ويو آهي. ٻڌڻ وارن چيو ته ادا صبر ڪر الله صبر ڪرڻ وارن کي اجر ڏيندو آهي. وري هنن پڇيو ته هي ڀريل ٿيلهي ۾ ڇا اٿئي؟ عرب چيو ته هن ۾ مانيون ۽ منهنجي رستي جو خرچ آهي. هنن چيو ته تنهنجو ڪتو بک سان مري رهيو هو هنن مان هڪڙي ماني هن غريب کي ڇو ڪونه کارايئي؟ عرب چيو ته هي مون کي پيارو ته هئو ليڪن منهنجي سخاوت ايتري نه هئي جو پنهنجو پيٽ ڪاٽي هن کي ڪجهه ڏيان. ماني ته خريد ڪرڻ کان بغير نه ملندي ليڪن ڳوڙهن وهائڻ ۾ ته ڪجهه خرچ ڪونه ٿو ٿئي. ڳوڙها ته بي قيمت آهن. انهن کي قربان ڪرڻ ۾ مون کي ڪا هٻڪ ڪانه ٿي ٿئي. تشبيهات رومي