پاڪستان ۾ موبائل سروس جي بندش

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ عبدالجبار شاھ راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2012۔

  1. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    پاڪستان ۾ موبائل سروس جي بندش
    جئين ته مون ٻڌو آهي ته پاڪستان ۾ 6 سيپتمبر کان موبائل سروس بند ٿيڻ واري آهي ۽ ان جو سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي آهي ان لاءِ منهنجي سنڌ سلامت جي سڀني رڪنن، انظاميه کي گذارش آهي ته جنهن کي به ان جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ آهي ته مهرباني ڪري مون سان شيئر ڪندا۔
    ۔۔مهرباني۔۔
    پاران: اوهان جي دعائن جو منتظر : سيد عبدالجبار شاھ راشدي
     
  2. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ادا مان به اها ڳاله ٻڌي آهي پر وڌيڪ ڪا به خبر ڪانهي ڪا۔ شايد سائين نعيم شيخ جو هي خط توهان جي ڪا رهنمائي ڪري سگهندو۔
    ادي موبائل سروس جي بي وفائي!
    شاباس هجئي ادي ”موبائل سروس“ هن واري عيد تي ڪو نه نڀايئي. ديس پرديس ماڻهو تنهنجي بند ٿيڻ جي خبر ٻڌي وائڙا ٿي ويا، تنهنجي جدائي سڄي پاڪستان ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، ملڪ جي پوري عوام پريشاني ۾ عيد گذاري. توکان بغير سڀ اڌورا آهن، هونئن ته عيد تي سڀني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو آهي پر هي پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان اندر توکي چاند رات ۽ عيد جي ڏينهن بند ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي. آخر ڇو؟ ان سوال جي جواب ۾ موبائيل وراڻيو ته، ”بس ادا! ملڪ اندر پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، ان ڪري سڀ ڪجهه ممڪن آهي. رحمان ملڪ هونئن ته مون کان سواءِ هڪ سيڪنڊ به چري نه سگهندو آهي پر هن واري الائي ڪٿان خبر پيس ته ملڪ اندر دهشتگردي جو خطرو آهي، سو وڃي وزير اعظم سان ملي مون کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرايائين. جيڪڏهن ملڪ کي دهشتگردن کان خطرو هو ته فوج، رينجرس، پوليس به موجود آهي، انهن تي هر سال اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪئي وڃي ٿي، انهن کي الرٽ ڪري ها.“ ادي موبائل سروس! باقي ڏٺو وڃي ته توسان سمورن ماڻهن کي عشق ٿي ويو آهي، جيئن ئي توکي بند ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي، عوام کان ڇرڪ نڪري ويا، انهن جو وس نه پڳو باقي جيڪڏهن دهشتگردي جي خطري واري ڳالهه نه هجي ها ته تنهنجي آزادي لاءِ ملڪ اندر عوام روڊن رستن تي نڪري اچي احتجاج به ڪري ڏيکاري ها. ڏٺو وڃي ته سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر بدامني جي باهه ٻري رهي آهي، پر ماڻهو بدامني ۾ به زندگي گذارين پيا، ماڻهن کان ڀلي سڀ ڪجهه ڦرجي وڃي پر هن وقت تائين ڌاڙيلن، چورن، شاهينگن جي لکين ڪوششن به باوجود توکي ماڻهن کان ڪير به جدا نه ڪري سگهيو آهي. توکي جيترا ڀيرا به ماڻهن کان ڦري الڳ ڪيو ويو آهي، اوترا ڀيرا ماڻهن توکي واپس آڻي پاڻ سان گڏ رکي سمورين سازشين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ۽ پنهنجي محبت کي ثابت ڪيو آهي. توکان سواءِ ته ڌاڙيلن کي به ائين بيچيني هجي ٿي، جيئن هيروئن جو عادي هيروئن لاءِ تڙپندو آهي. آخر تون انهن کي سهولتون به ته انيڪ ڏنيون آهن، تنهنجي اچڻ کان پوءِ ڌاڙيل به مغوين جي وارثن سان آساني سان رابطو ڪري سگهن ٿا. اڳ چٺيون موڪليندا هئا، هاڻي تنهنجي ذريعي نياپا موڪلين ٿا. هيڏانهن جا نياپا هوڏي، هوڏانهن جا نياپيا هيڏي، تنهنجي ڪري ماڻهن جا گروپ ٺهيا، ماڻهن جا کيسا به خالي تنهنجي ڪري ٿيا ته وري ڪيترن کي روزگار به تنهنجي ڪري ئي مليو. تون اغوا ٿيلن کي موٽرائڻ ۾ به مدد ٿي ڪرين ته وري عام ماڻهن کي اغوا ڪرائڻ ۾ به تنهنجو هٿ آهي. اڳ مخبر پوليس وارن جون خبرون ڌاڙيلن تائين ۽ ڌاڙيلن جون خبرون پوليس وارن تائين پهچائيندا هئا پر هاڻي تو انهن کي به اهڙو ته فائدو ڏنو آهي، جو پوليس جي ڇاپي کان اڳ ئي ڌاڙيل پناهه گاهون ته ڇا، پر ضلعن جون حدون به پار ڪري وڃن ٿا. هاڻي پوليس جو ڌاڙيلن سان نه، پر پوليس وارن سان حدبندي تي تڪرار هلندڙ آهن. ادي باقي اهو سچ آهي ته توسان ڪنهن جو مقابلو ڪونهي، جڏهن کان تون پاڪستان آئي آهين، ان ڏينهن کان سڀني کي فائدو رسيو آهي، تنهنجي ڪري سوين هزارين نين ڪمپنين جو جنم ٿيو، باقي تنهنجي ”ٽين ٽين“ جي اڳيان پي ٽي سي ايل وارن جي ”ٽين ٽين“ ختم ٿي وئي. اڳ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين ڳالهائڻ لاءِ ”فون آپريٽرن“ جي خوشامد ڪرڻي پوندي هئي، هاڻي ته پرديس به لوڪل ڪري ٿا ڳالهايون. ادي تنهنجا به ڪمال نمونا آهن. دنيا اندر ڇوڪرا پنهنجي ”گرل فرينڊ“ ۽ ڇوڪريون پنهنجي ”بواءِ فرينڊ“ کان سوا ته رهي سگهن ٿا، پر تنهنجي جدائي برداشت نٿا ڪري سگهن. تون اهڙا مٺا مٺا نياپا پيار ڀري انداز ۾ نوجوان نسل تائين پهچايا، جو نفرتون محبتن ۾ بدلجي ويون، تو تي ته ڇوڪرين جو اهڙو انڌو اعتماد آهي، جو تنهنجي نياپي تي اڻ ڏٺل ڇوڪرن جي ”ڊرامائي پيار“ لاءِ پنهنجي والدين جو سچو پيار قربان ڪري گهر ڇڏي هليون وڃن ٿيون. باقي ڇوڪرن لاءِ ته تو ۽ تنهنجي ڪمپنين پاران Unlimited Packages گهر ويٺي وڏيون سهولتون ڏئي ڇڏيون آهن. ان ڪري هو به 24 ڪلاڪ توکي چنبڙيو ويٺا آهن. تون ڪڏهن ٽٽل دليون جوڙين ٿي ته ڪڏهن جوڙيل دليون ٽوڙين ٿي. ايتري حد تائين جو معذور به تون کان سواءِ احساس ڪمتري جو شڪار آهن، نابين لٺ جي سهاري هلي سگهن ٿا، ٽنگ ڀڳل وهيل چيئر تي به زندگي جو ڪارونهوار هلائي وڃن ٿا، مريض دوائن کان بغير رهي سگهن ٿا، سنڌ يونيورسٽي اندر پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي باوجود انتظاميه، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڏکيو سکيو وقت گذري پيو، تعليمي نظام ڀلي مهينن جا مهينا بند هجي، حڪومت کي ڪو فرق نٿو پوي، پر وري به شاباس آهي رحمان ملڪ کي جنهن ميڊيا وارن سان ڳالهائڻ دوران توکي بند ڪرڻ لاءِ اڳواٽ ئي عوام کان معذرت ڪري ڇڏي. ادي! تنهنجو ڏوهه اهو آهي ته اڳ توکي فقط ڳالهائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، پر آهستي آهستي نياپا پهچائڻ، تصويرون ڪڍڻ، رڪارڊنگ ڪرڻ، ايتري حد تائين جو جڏهن کان تنهنجي اندر انٽرنيٽ جي سروس آئي ان وقت کان تنهنجا رنگ روپ مٽجي ويا. ايتري حد تائين جو هاڻي تون کي بم آپريٽ ڪرڻ لاءِ به آساني سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن جيئن ٽئڪنالاجي وڌندي وئي تيئن تون به دهشتگردن سان انهن جي ڏوهه ۾ شريڪ ٿيندي پئي وڃي، تنهنجو هڪ بٽڻ دٻائي سوين هزارين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو. جيڪڏهن واقعي ملڪ جي عوام کي دهشتگردن کان خطرو هو ته سٺو ٿيو توکي هڪ ڏينهن بند ڪري دهشتگردن کي به موڪل ڏني وئي. موبائل سروس جي بند ٿيڻ سان ٻن قسمن جا ماڻهو تمام گهڻو خوش ٿيا هوندا، هڪڙا اهي قرضي جن کي قرض ڏيندڙ ماڻهو ڏوڪڙن جي وصولي لاءِ بار بار فونيون ڪندا آهن ۽ ٻيا اهي مڙس جن جون زالون هميشه موبائيل ذريعي سندن پيرا کڻنديون رهنديون آهن.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ

هن صفحي کي مشهور ڪريو