• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻاراڻو ادب ۽ شمشير الحيدريءَ جا گيت

نثارابڙو

نائب منتظم
546088_10151125486513948_2134269234_n.jpg
محترم شمشير الحيدريءَ جو ڪتاب روشن تارا نظر مان گذريو، سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب تي تمام ٿورو ڪم ڪيل آهي پر سائين شمشير جا گيت جيڪي روشن تارا پروگرام ۾ ڳايا ويا جيڪڏهن عام ڪجن ته هوند هند ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اتساهه پئدا ٿي پوي ...

روشن تارا مان ورتل هڪ ٻاراڻو گيت.

ڌوم مچايون

اچو ته گڏجي ڌوم مچايون، گيتن جي گونجار ڪريون،
نئين سمي جا ساز وڄائي، هر ڪا دل بيدار ڪريون.

اسيــــــن سدا سونهارا آهيــون،
پيــــارا، ڀاڳ ڀــــــلارا آهيـــون،
جڳ جي اک جا تارا آهيون،
................. برپٽ باغ بهار ڪريون.

محنـــت ساڻ آ محبت پنهنجي،
محنت ۾ ئي عظــمت پنهنجي،
محنــــت زور، ضرورت پنهنجي،
................. محنت جو وهنوار ڪريون.

نئين سمـــــــي سان وک وڌائي،
علم عمــــل جي جوت جڳائي،
پيار جو پورهيو خوب ڪمائي،
................. ملڪ جو ناماچار ڪريون.
 
روشن تارا اسڪول گيت سگا جي اسڪولن روشن تارا لاء لکيل آهن ۔۔۔۔ سندس اهو ڪم به لاجواب ۽ بهترين آهي۔

سائين شمشير سنڌي ادب ۾ تمام وڏو مقام رکي ٿو۔ دعا آهي ته رب پاڪ سندس مغفرت ڪري۔
 
Back
Top