سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو السلام عليڪم ، حق موجود ، جيئي سنڌ نمستي۔ سنڌ شهر خاص ڪري لاکيڻي لطيف جي عظيم سُورمي سسئي جي حوالي سان سُڃاپندڙ تاريخي شهر ڀنڀور جي ميوزم جي تاريخي معلوماتي وڊيو کي توهان سان ونڊ پيو ڪريان ، دوستو هي وڊيو ڀا نوراحمد سمون ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا بلوچستان جي تعاون سان سسئي پُنهون جي مزار مُبارڪ جي خليفي سائين عبدالرحمان لاهوتي ٻُري موضا سنگهر تعلقي وندر ضلع لسٻيلا بلوچستان کان مليو دوستو هي تاريخي ڪم خليفي عبدالرحمان ٻُري ذاتي طور تي تحقيقي ڪم ڪري مڪمل ڪيو آهي اڃا ڪافي وڊيو ڀنڀور شهر لاکيڻي لطيف جي شاعري سميت مون وٽ آهن جيڪي ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾ آهن دعا ڪريو ته جلدي ايڊيٽنگ ٿي وڃي ته توهان دوستن سان ونڊي سگهان
اصل مزو ڪونه آيو ريڪارڊنگ ته تمام ڀلي ٿيل آهي پر وحيد وفائي جي ڪمپيئرنگ ڪجه مزو ناهي ڪيو هٽڪي گهڻو ٿيو ۽ ڪيمرا مين ڪنهن ڪنهن جاء تي لکيل پٽين کي زوم ته ڪيو آهي پر ان ۾ ڪجه ڪنجوسي ڪئي اٿائين جنهن سان لکيل بورڊن تي معلومات ۽ تختيون پڙهي نٿيو ن سگهجن بحرحال تمام سٺي ڪوشش آهي
مان سائين نثار کي ته نه پر ادي رشيد سمون کي ڪيئي دفعا اهو عر ض ڪري چڪو آهيان ته ڪنهن به چينل يا ڪنهن به اداري جو مونو گرام يا پرومو چئجي اهو 50 سيڪنڊن جو نه هوندو آهي سنڌ سلامت جو پرومو تقريبن 48 کان پنجاه سيڪنڊن جو آهي ۽ ان ۾ ساز ۽ سونگ تمام هاٽ آهي مطلب اصل مٿي ۾ سو ر پئجويو وڃي شروع ٿيڻ سان ئي مآڻهون ان جي ختم ٿيڻ جي دعا گهرڻ شروع ڪريو ڏي خير مهنجي خيال ۾ اهو پرومو 15 سيڪنڊن کان وڌيڪ جو نه هجڻ گهرجي وڌيڪ سنگت جي مرضي آهي
ادا ٻروچ توهان جي 15 مارڪن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سزا اُن کي ملي جنهن کي مڪمل سبق ياد هو، توهان جي پندرهن مارڪن کي سنڌ سلامت جو هي جهونو پنهنجي اکين تي رکي ٿو۔ پنهنجي ناڪامي کي دل سان قبول ڪري ٿو۔ لک لائق ادا۔