تاريخ ڳالهائي ٿي

نثارابڙو

نائب منتظم
538446_10151126850598948_746066030_n.jpg
1969۾ شيخ مجيب الرحمٰن سکر ۾ شيخ اياز جي دعوت تي آيو،
ڪچهري ڪندي شيخ اياز کي چيائين ته، “ پنهنجي ڪا شاعري ٻڌاءِ”
ان تي شيخ اياز هيٺيون نظم ٻڌايو
“سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار”
تنهن تي شيخ مجيب الرحمٰن چيو ته،
“ سنڌي وڏا قومپرست آهن”

پر افسوس!!!! تاريخ ثابت ڪيو آهي ته؛
بنگالي سورهيه ۽ پنهنجي قوم سان سچا نڪتا پر سنڌي ڀاڙيا ۽ حوالي ...!!!​
 
مانوارا ادا شيخ مجيب الرحمان جي ڳاله مان اهو لفظ ڪڍي ڇڏيو ته سنڌي ڀاڙيا آهن ۔ اهو بلڪل غلط آهي ڇو ته شهيد دودو سومرو، شهيد هيمون ڪالاڻي، دولھ دريا خان، هوش محمد شيدي، جا مثال اوهان سٍڄڻن جي سامهون آهن ۔ انهن هر موڙ تي دشمن کي شڪست ڏني۔
 
Back
Top