پڇتاءُ گهڻو اڳ ۾ لکيل منهنجي پهرين ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2012۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ها !اڄ جهڙي رات ،ها،ها! اڄ جهڙي رات انڌاري رات ،اهو ئي ته وقت هو ، جو رات پنهنجو ڪارو برقعو پاتو هو الائي ڇو چنڊ چورائجي ويو هو ان رات ! پر ستاره سڏڪا ڀري مونکي سمجهائي رهيا هئا،هڪ هڪ ٿي مونکي حڪايت ڪري رهيا هئا،اوچتو اتر کان هڪ اته طوفا اچي ويو جيڪو منهنجي رٿ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ ٿي گهريو ته تون موٽي وڃ اڳتي نه وڌ ........دل نه چاهيندي به مان ائين الائي ڇو ڪري رهيو هوس.شايد ما پٿر ٿي چڪو هوس،پر بادل بزدل ٿي پيو ۽ اڇنگاريون برسجي پيو ،جنهن پنهنجي هڪ هڪ ڦڙي منجهان مون لاءِ هقارت جي بونءِ پئي الاپي ،ٿار قادن ڏاندن ته هلڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي اڃا ڀلا پنڌ اڳتي آهي ڇا!؟ اوچتو مون وارو يار سالو مونکي ٿڪل لهجي ۾ مخاطب ٿيو هو ، جيڪو ڏاندن کي هڪلي رهيو هو ،۽ مان پويان پيادو پئي آيم سالو منهنجون پڳ مٽ دوست هو جيڪو به ان ڪم لاءِ منهنجي مددي ٿي آيو هو .گاڏي ۾ هڪ ٻيو روح به هو جيڪو پراز ٿي بت بنجي چڪو هو . هن جي اکڙين ۾ لڙڪ اچي سڪي ويا هئا ، جنهنجا نشان باقي هيا .ڇنوڻ جي تجلي تي ظاهر پئي ٿياس.منهنجي هٿن ۾ هڪ دونالي بندوق هئي ڳچيءَ م ڪارتوسن سان ڀريل بڊي هئي ۽ منهنجي پڳ مٽ دوست ڇي تلوار کانبه تکي ڪهاڙي هئي اها ايتري ته سفيد هئي جو ڪڏهن ڪڏهن هن جي شعاع سان هن جونڪوماڻيل چهرو نظر ٿي آيو ، بندوق به تمام ڀلي هئي ڪارتوس ڪڏهن به مس نه ڪيو هئائين ڀلا ڀوتارن جا هٿيار خراب هوندا آهن ڇا ؟بندوق به ته ڀوتار شير خان جي هئي پنهنجي هٿن جي کڻي ڏني هيائين.پنهنجو ڀوتار بهته هڪ قسم جو بادشاه هو ،ستن اٺن قومن جو سردار آهي .سڄي علائقي ۾ هن جو حڪم هلندو آهي .ڪنهن کي ڇامجال جو هن جي حڪم جي نا فرماني ڪري.ياد آيم جڏهن ڪانڊيري ويچاري بيماريا سبب ڀوتار جي ڇيڙ (وانگار) تي وڃڻ کان انڪر ڪيو هو ڀلا ستر پنجهتر جو پوڙهو ٻيو وري بيمار ڪيئن ٿي ڇيڙ تي پئي وڃي سگهيو ،جنهن تي ڀوتار ڪڪڙ بنائي مٿان چاليه سران رکيون هيائيس، جنهن جو وزن نه سهي هو ڊهي پيو هو ۽ اهي ئي سران ان جي قبر ٺاهڻ ۾ ڪتب آيون هيون. ها اهو ئي ڀوتار .......ڏاند هلڻ کان ٿڪا ڪين هئا پر انهن کي هڪ جيءَ تصي رم اچي رهيو هو ،ڇوته اهو ڏوه انهن جي ڪلهن تي ٿي رهيو هو ..... پر جڏهن انسان انسان تي رحم نه ٿو ڪري هو ته بي زبان ڳوڀون آهن جيڪو اسان جي حڪم جا پابند آهن ،انهن کي فقط اکيون آهن ڏسڻ لاءِ ههڙا ڏوه پسڻ لاءِ .
    اها منزل ٿوري پنڌ تي نظر پئي آئي جنهن لاءِ مان پنهنجي پڳ مٽ دوست کي هن آنڌاري رات ۾ پاڻ سان آندو هو .هيو به ته مون وانگر دلير ۽ سخت دل .هن جو ته اهو روزانه جو تجربو هو .پر مان هي پهريون ڀيرو ان لڪ مان لنگهي رهيو هوس،هن ڏاندن کي ٻچڪارو ڏيئي ۽ واڳون تاڻي روڪيو ، هاڻي اسان سنڌوءَ جي ڪپ تي هياسين بس اها ئي ته آخري منزل هئي ،هاڻي هن جي معصوم چهري تي سوين سوال ،لکين التجئون هيون ، پر اهي اهڙي ريت ختم ٿي ويا هئا ،جهڙي ريت هڪ مکڙي کي گل ڇان ڇنيو وڃي ،جنهن ڇان پوءِ ان جي سائي ٿيڻ جي به ڪا خاطري نه هوندي آهي . هڪ پل کان پو ٺڪاءُ ٿيو ۽ هڪ جسم سنڌوءَ جي پيٽ ۾ هليو ويو! شاباس دوست اهائي غيرت آهي تون پنهنجي غيرت کي گار ٿيڻ نه ڏنو ، آءَ ته هلون. سالو منهنجي ڪلهي تي هٿ ڦيرائيندي چيو هو ،پوءِ ٻي ڏينهن تي ...؟ ڀوتار سائين مان پنهنجي غيرت پوري ڪئي ......... اڙي ڇورا تو خون ڪيو......... !! پنهنجي زال جو... هائو ڀوتار اوهان مونکي هن ڀريل محفل ۾ تعنو هنيو هو ته تنهنجي زال .....سسسسان کريل آهي .
    ها ها ياد آيم جيل به ته جان لاءِ آهي .ڀوتار اوهان مونکي جيل موڪليندا ( پوئي ساه سان سوال ڪيم) نه نه ڇورا مان نه پر سرڪار ........!وڏيرا سائين اوهان ئي ته اسان جي سرڪار آهيو ۽ .......( هٿ ٻڌي چئي ويو هوم ).... ها ها تون فڪر ئي نه ڪر تو کي جلد ٻاهر ڪڍائيندس ڇورا تو ڪم ڏاڍو سٺو ڪيو آهي ...ڀوتار مشڪندي چيو ...؟ منهنجو تو ڏانهن جيڪي ڀاڻ ۽ ٻج جو قرض هو چڙهي ويو هو اهو چڪتو ٿي ويندو .اه ته تمام گهڻو آهي ڀوتار اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو .... اڙي ڇورا مان سردار آهيان تنهنجي زال جي ڪارنهن جو عيوضو نه وٺنداسين ڇا ؟ رست جي ماءُ کي طاقت آهي جو عيوضو نه ڏي ......اڙي لالو ،سيٺو وڃو رستم کي وٺي اچو ، اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي جو آواز اچيٿو ڀوتارجلدي ٽيليفون کڻي ٿو هلو هلو.. ها...ها... منهنجي بنگلي ۾ ويٺو آهي ۽ اوهان ڀل اچي گرفتار ڪيوس،گرفتاري جو ٻڌي منهنجو رهيو هيو ساه به نڪري ويو ان وقت خبر پئي جڏهن هٿ ڪڙي منهنجي بد نصيب هٿن ۾ پئي . هاڻي جيل جي سلاخن اندر هميشه لاءِ اچي ويو هوس .هڪ ڏينه اوچتو آواز ٻڌم ...قادن جو مولاقاتي آيو آهي معلوم ٿيڻ تي مو وارو دوست سالو هو ،اٻاڻڪل ،منجهيل نظر پئي آيو.
    دوست تون هڪ معصوم کي قتل ڪيو ....سالو ڇاٿو بڪين ٿو جيل ۾ ته مان آهيا تون ڇا تي بزدل ٿيو آهين.....نه قادن يار نه ائين نه آهي پر تنهنجي جيل وڃڻ کان پوءِ ڀوتار سڀ محفل ۾ ويهي وڏا ٽهڪ ڏنا هئا ۽ چيائين ته جيڪو منهنجو چيو نه وٺندو ان سا اهڙو ئي حشر ڪندس هو قادن جي زال جيڪا مون سان نه ٺهندي هئي ۽ رستم جيڪو مونکي جواب ڏيندو هو هڪ تير سان ٻه شڪار ڪري ڇڏيم .....
    اهو ڇا ٿو چئين سالو ....ها ادا اهو اسان کان ناحق خون ان پنهنجي ڀوتار ڪرايو ادا ...منهنجا ته طاق نڪري ويا ...ڏاڌو پڇتاءُ ٿيو بس ادا سالو مونکا واقعي ڪلور ٿي ويو مان هڪ معصوم کي قتل ڪيو ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو