• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نطم عليم سومرو

محمد عليم سومرو

سينيئر رڪن
اباڻي ڳوٺ پنهنجي م
جڏهن بي شام ٿيندي آ
تڏهن اڪثر ڇڏي گهر کي
ويندو آهيان جهوني تڙ تي
جتي پاڻي ڀرڻ لئه هو
تنهنجو اڪثر اڇڻ ٿيندو
جهريل نڪ جي ويهي ڀرسان

ڪندو هان ياد ماضي کي
جڏهن پان ٻارهئا سين ٻئي
وڏا بختيارهئا سين ٻئي
لٿا اڀريا ڪئي سجڙا
سڃو ڏينهن راند پي ڪڏندي
اچي پل ياد سو هرهر
چمي ڏيئي چيئي مون کي
مان ننڍڙي هان وني تنهنجي
ء ننڍڙو گهوٽ تون منهنجو
ويندو هي وقت ايئن کلندو
ڪڏهن قنهن پل ن ڄاتو سين
اڇانڪ اوء گهڙي آئي
جواني پنهنجي دشمن ٿي
ويئن ٿي قيد تون بند م
رلائي راه سڃي پنڌ م
هٿن تي ميندڙي لاهي
وسايو شهر ڌاريو تو
گهڻو ئي وقت ويو گذري
گهڙي پل لا ن سوڇيو تو
ء من پنهنجو ن لوچيو تو
وسارڻ ڳوٺ پنهنجي کي
ء ننڍڙي گهوٽ پنهنجي کي
عجب سڀ ٿو لڳي سانئڻ
عجب سڀ ٿو لڳي سانئڻ
 
پيارا تمام سهڻو نظم

اسان کي پنهنجا ڳوٺ پيارا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳوٺن کي وساري ويهڻ پاڻ سان دوکو آهي۔
 
Back
Top