مولانا رحمت الله عليه جن مثنويءَ ۾ ڪوڙن پيرن ۽ صوفين جا گهڻا قصا لکيا آهن. ڪڏهن هنن کي بي تحقيق مقلد چئي ملامت ٿا ڪن ته ڪڏهن انهن جي گهڻي کائڻ جو ذڪر ٿا ڪن ۽ ڪڏهن انهن جي بزدليءَ جا داستان ٿا بيان ڪن. فرمائن ٿا ته هڪرو اهڙي قسم جو صوفي مخلوق جي توجهه جو مرڪز بنجي ويو هو. عوام هن جا هٿ چمندا هئا ته هن جو نفس خوشيءَ مان ڦنڊي ويندو هو. هن اها به دعويءَ ڪئي هئي ته مان نفس سان جهاد ڪرڻ وارو مجاهد آهيان جيڪو حقيقت ۾ جهاد اڪبر آهي. منهنجي لاءِ تلوار سان جهاد ڪرڻ کاٻي هٿ جي راند برابر آهي. هڪ دفعي ڪافرن جي خلاف جهاد جي لاءِ لشڪر روانو ٿيو ته هي حضرت به گڏجي هلڻ لڳو ليڪن احتياط سان لشڪر جي پويان رهيو جتي سامان تنبو ۽ بيمارين جي لاءِ انتظام هئو. جڏهن لشڪر دشمن کي مغلوب ڪري جنگ جي قيدين کي وٺي مال غنيمت جو ڪجهه حصو هن جي سامهون پيس ڪيائون ته فرمائڻ لڳو ته مان هن جو حقدار نه آهيان ڇو ته مان قتال کان محروم رهيس. ڄڻ ته شڪايت ڪري رهيا هئا ته مون جهڙي جانباز کي اوهان پوئتي ڇڏي ويا حالانڪ هو پاڻ جان بچائڻ لاءِ قتال کان پري رهيو هو. هڪ لشڪريءَ عقيدي سان چيو ته توهان هاڻي ڪافر کي ماريو. جنگ جي قيدين مان هڪڙي ڪافر کي جيڪو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اوهان جي حوالي ٿا ڪيون توهان هن کي قتل ڪري غازين ۾ شامل ٿي وڃو. چنانچه انهيءَ ڪافرن کي صوفيءَ جي حوالي ڪري لشڪري پنهنجي خيمن ڏي هليا ويا. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ هو ان طرف واپس آيا ته قتل ٿيل ڪافر کي ڏسي صوفيءَ کي مال غنيمت جو حصو ڏين. اتي ڇا ٿا ڏسن ته هٿن پيرن ٻڌل ڪافر صوفي صاحب کي ليٽائي ان جي مٿان سوار آهي ۽ پنهنجي تيز ڏندن سان ان کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو اٿس. لشڪرين حيران ٿي پڇيو ته اي صوفي مجاهد! هي ڇا معاملو آهي؟ هٿن پيرن ٻڌل ڪافر توکي ڪيئن ڪيرايو آهي جو تون بيوس زخمي لڳو پيو آهين؟ صوفيءَ چيو ته ڇا ٿا پڇو هن ظالم اهڙي زهريلي اکين سان مون کي ڏٺو جو منهنجا حواس گم ٿي ويا. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته افسوس آهي جو اهڙا ماڻهو مذهبي پيشوا ۽ مجاهد بنيا ويٺا آهن. عام مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمائن ٿا ته خود تنهنجو حال به انهيءَ صوفي جهڙو آهي. جهاد اصغر ۽ جهاد اڪبر جا داعي گهڻا آهن پر جيڪڏهن امتحان جو وقت اچي پوي ته توهان جوئي ٻڌل نفس توهان کي ڪيرائي ٿو وجهي. جيئن ئي نفس امارو يا شيطان توکي اکيون ڏيکاري ٿو ته تون اتي ئي ٿڌو ٿي ٿو وڃين. تشبيهات رومي