”مان ته تنهنجي روز روز جي فرمائشن کان تنگ اچي ويو آهيان، هر مهيني نوان وڳا، نوان سينڊل، نئون ميڪ اپ۔۔۔ منهنجي سڄي پگهار تنهنجي فرمائشن ۾ هلي ٿي وڃي“ ”اڇا۔۔۔۔ پوءِ ڀلا۔۔“ ”بس مان پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ رات مان خودڪشي ڪندس۔۔۔“ ”ايئن ڪرڻ ضروري آهي ڇا؟؟؟“ ”ها ۔۔۔ بلڪل ۔۔ نه ته تنهنجي روز روز جي فرمائشن مان جان ڪيئن ڇٽندي۔۔؟“ ”ٺيڪ آهي ڀلا تون پڪو ارادو ڪيو آهي ته توکي ڪيئن ٿي روڪي سگهان۔۔ پر وڃڻ کان پهرين منهنجي آخري فرمائش ته پوري ڪندو وڃجان“ ”ها۔۔۔ بڪ ۔۔۔ ڪهڙي آخري فرمائش۔؟“ ” مون کي ٻه ٽي اڇا جوڙا وٺي ڏي، پوءِ ڀلي خودڪشي ڪر۔۔۔“ ”اڇا جوڙا وري ڇو؟؟؟“ ”سوچ ته سهي۔۔۔۔ تنهنجي عدت ۾ مان ڇا پائيندس۔۔“
چرين واريون ڳالهيون مان به تمام گهڻيون ڪندو آهيان ، پر هت ته چوڻي ٺه په سو فيصد ٺَهڪي پئي ” ڀڄ چريا جو مست آيا ٿئي“