غزل . مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
563109_276954285717460_1142469091_n.jpg
غزل . مجيب سنڌي
وڪــجـن پـيــا ڪـي انـگ دنـيـا ۾
جـيـئــــڻ جـــــا ٿــــي ڍنـگ دنـيـا ۾
غـــربـت ڪـيـــڏي آهـي وڌي وئـي
ڳـــڀـي جــــي آ جــنــگ دنـيـا ۾
لالــــــچ لـــوڀـــي ڪــــوڙا مــاڻــهــو
ڪــن ٿــا سـڀ کـي تـنـگ دنـيـا ۾
ڪـي ڪـي مـاڻـهـو جـيـئـنــدا آهـن
کــــــــوڙ مــــٽــائـــي رنـگ دنـيـا ۾
جــيـڪـو ســچ جـو سـاٿ آ ڏيـنــدو
ان لاءِ آهـــــــن ونـگ دنـيـا ۾
مجيب ائيـن نـه جيءُ تون جڳ ۾
دل کـــي لائــي زنـگ دنـيـا ۾
 
مجيب سائين ڀليڪار

اوهان جي شاعريء مان تمام سهڻو غزل پيش ڪرڻ لاء ٿورا۔

جــيـڪـو ســچ جـو سـاٿ آ ڏيـنــدو
ان لاءِ آهـــــــن ونـگ دنـيـا ۾
واقعي سچ تي هلڻ وارن لاء ڪيئي ڏکيايون ٿيون اچن ۽ ڪيئي سور ۽ سختيون سهڻيون ٿيون پون۔ پر پوء به سچ سلامت آهي ۽ سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔۔
 
Back
Top