پاڻي جي کوٽ جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اهو عالمگير قانون آهي ته پاڻي تي وڏو حق پڇڙ وارن جو آهي مُنڍ ۾ پاڻي پهچائڻ کان اڳ پڇڙ ۾ پاڻي ڏيڻ سسٽم هلائيندڙن جي ذميواري آهي دنيا ۾ پاڻي جي لاءِ هلندڙ تحريڪن جو به سڀ کان وڏو ۽ بنيادي دليل به اهو ئي آهي ته پڇڙ ۾ پاڻي پهچڻ گهرجي سنڌ جو پنجاب سان هلندڙ پاڻي تڪرار به ان ئي بنياد تي آهي ته سنڌ درياءُ جي پڇڙ ۾ آهي ۽ پاڻي جو اولين حق پڇڙ وارن جو آهي پر صد افسوس جو اسان وٽ فقط پنجاب کان پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ اها پوائنٽ پيش ڪئي ويندي آهي باقي عملي طرح سان اسان وٽ ان جي بلڪل به ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي اسان جي سنڌ ۾ سڀئي پڇڙيون پاڻي جي لاءِ تڙپي رهيون آهن هر طرف ڪربلا جا منظر آهن پڇڙ وارا ويچارا رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي چڪا آهن پر پئسن عيوض، سياسي زور سان ۽ مائٽين تي ڏنل پاڻي کي انهن بااثرن کان واپس وٺي پڇڙ وارن کي ڏيڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي. هن مهل پاڻي کوٽ لاءِ هر پاسي کان رڙ آهي خاص طرح سان ملڪاڻي شريف ۾ پڇڙ جي ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبو جي جرڪس، ٻنگار، سانگي، کوسڪي، باگو، آئلپور، بصران 2 ۽ خيرپور شاخ جا سوين آبادگار 5 آگسٽ کان بک هڙتال تي ويٺل آهن ۽ روز روز احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن کي سکڻن دلاسن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي مليو، انهن جي جائز مطالبن کي مڃڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي جنهن سبب ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبو جي آبادگارن ۽ هارين ۾ شديد بي چيني جي لهر پکڙيل آهي. بي چيني جو هڪ سبب اهو به آهي ته هن زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو 100 سيڪڙو گذارو ٻني ٻاري تي آهي ۽ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن جنهن سبب ماڻهو لڳ ڀڳ چئن سالن کان بلڪل بيروزگار بڻجي ويا آهن جنهن سبب هڪ پاسي ته ماڻهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪئي آهي ته ٻي طرف شهر ويران بڻجي ويا آهن. اها صورتحال صرف ۽ صرف پاڻي جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿي آهي، 80 واري ڏهاڪي ۾، جڏهن پاڻي جي گهڻي اڻهوند نه هئي ان وقت هن علائقي جون شاخون سمن سرڪار ۽ پراڻ جي هُن پار کي به آباد ڪنديون هيون پر هاڻِي انهن شاخن ۾ پيئڻ جيترو به پاڻي ناهي ايندو ۽ سرسبز ۽ شاداب اهي زمينون هاڻي بلڪل ويران ۽ تباهه ٿي چڪيون آهن ۽ انهن زمينن تي هاڻي موتي جهڙين مرچن، چاندي جهڙي ڪپهه ۽ سوني ڪڻڪ جي جاءِ تي ديوين جا جهنگ ۽ ٻين جهنگلي ٻوڙن جا ٻيلا آباد آهن جتي انهن ٻنين جي ڌڻين کي ويندي به ڊپ ٿيندو آهي. صورتحال اها آهي ته کوسڪي، ٻنگار، جرڪس ۽ آئلپور شاخن جا 100 ايڪڙن جا زميندار به ڪاٺيون وڍي پيٽ گذر ڪري رهيا آهن، ۽ انهن جي معاشي حالت اهڙي آهي جو تازو آيل ٻوڏ بعد اڃان تائين اهي پنهنجا اجها جوڙي ناهن سگهيا.
    ٻوڏ جو ذڪر نڪتو آهي ته اها به حقيقيت آهي ته ضلع بدين جو علائقو ايل بي او ڊي جو ويلڪم گيٽ آهي يعني ضلع ۾ ايل پي او ڊي ۽ پراڻ ندي جو پاڻي هن علائقي مان نڪرندو آهي ٻوڏ ۾ جڏهن ايل بي او ڊي جا 28 هزار ڪيوسڪ جا وهڪرا ضلع بدين ۾ داخل ٿيا هيا ته هن علائقي کي هڪدم ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو هو هتي جا تيار فصل تباهه ۽ برباد ٿي ويا هيا جڏهن ته ٻوڏ کان پوءِ به هن علائقي جي ڪابه سار نه لڌي وئي جنهن سبب ٻوڏ جو پاڻي پنهنجي حساب سان ڇهن مهينن ۾ هن علائقي مان نڪتو هو جنهن سبب هڪ ته اڳيون فصل ته هونهن به تباهه ٿيو پر ٻيو فصل به پوکجي نه سگهيو پر ٻيو فصل به پاڻي جي بيهي وڃڻ جي ڪري پوکجي نه سگهيو جنهن سبب علائقي جا هاري توڙي زميندار پورو سال پوئتي ڌڪجي ويا هن سال سڀني کي اهو ئي اندازو هو ته ڇوته هي علائقو مسلسل آفتن ۾ رهيو آهي ته هن سال پاڻي تمام بهتر ڏنو ويندو ان جي ڪري هتي جي رهواسين گهر جا ٽين ٽپڙ وڪڻي زيور گروي رکرائي ٻني پوکرائي پر انهن مسڪينن جا حال ان مهل خراب ٿي ويا جڏهن شاخن ۾ پاڻي جي لپ به نه آئي ۽ انهن جو خرچ ڪيل سمورو پيسو ضايع ٿي ويو!!! ايريگيشن کاتي وارن جي انهي ظلم ماڻهن کي ڄڻ ته ذهني مريض بڻائي ڇڏيو ۽ هو سڪتي ۾ اچي ويا جنهن مان هو ڪافي وقت نڪري نه سگهيا ۽ جڏهن انهن هوش سنڀاليو ته سندن سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو هو ۽ سندن ٻچا پيئڻ جي لاءِ پاڻي جي لپ لاءِ تڙپي رهيا هئا اها ويڌن ڏسي هتان ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا ۽ جيڪي باقي بچيا آهن اهي جيئڻ جي جتن ڪندي پاڻي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن پر اڃان تائين ڪوبه خاطر خواهه نتيجو ناهي نڪتو.
    نصير ڊويزن ۾ ٽي سب ڊويزن آهن جن ۾ ٽنڊوالهيار، چانگ ۽ خيرپور گمبو شامل آهن خيرپور گمبو سکر بئراج جي روهڙي سرڪل جي نصير ڊويزن جي سڀ کان آخري سب ڊويزن آهي هتي پاڻي کوٽ جون دانهون ڪافي وقت کان ٿي رهيون آهن جنهن جي ذميواري 100 سيڪڙو مُنڍ جي انهن بااثرن تي عائد ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي حصي کان ڪيترائي سيڪڙو وڌيڪ پاڻي کڻي رهيا آهن. 2009 ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ نصير ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ اڀياس ڪرايو هو جنهن ۾جرمني ۽ جپان جا ماهر مقرر ڪيا ويا هئا انهن پاڻي ماهرن سڄي نصير ڊويزن جو اڀياس ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ بابت رپورٽ جوڙي سنڌ حڪومت حوالي ڪئي ان رپورٽ جنهن جو عنوان “ سنڌ واٽر ريسورسز ڊولپمينٽ اينڊ مئنجمينٽ انويسٽمينٽ پروگرام” هو ۾ پرڏيهي ماهرن ڄاڻايو هو ته نصير واهه ۾ پاڻِي جي کوٽ جو مکيه سبب نصير ڊيويزن مان نڪرندڙ ڊائريڪٽ واٽر ڪور ۽ انهن ذريعي ٿيندڙ پاڻي جي چوري آهي ۽ پاڻي جا اهي چور انتهائي بااثر آهن. رپورٽ ۾ انهن بااثر پاڻي چورن جا نالا ۽ انهن پاران ناجائز کڄندڙ پاڻي جا تفصيل پڻ ڏنل هيا جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    ڊائريڪٽ واٽر ڪورس وٺندڙ جو نالو
    مقرر ماپ (ڪيوسڪ)
    کڄندڙ پاڻي (ڪيوسڪ)
    واڌو پاڻي ( سيڪڙو)
    سب ڊويزن ٽنڊو الهيار
    حاجي عبدالغني
    0.44
    1.998
    454
    مير محمد علي ٽالپور
    2.27
    10.146
    447
    ملڪ علاءُ الدين
    2.61
    11.75
    450
    رئيس امداد نظاماڻي
    1.39
    9.688
    697
    آفتاب جوڻيجو
    0.92
    6.43
    966
    مير عنايت علي ٽالپور
    1.08
    10.309
    955
    پير علي نواز شاهه
    11.95
    19.227
    161
    غلام رضا
    1.81
    8.783
    488
    سب ڊويزن چانگ
    آصف علي زرداري
    12.93
    17.888
    138
    جمن فقير
    4.51
    11.533
    256
    آصف ڪليار
    0.13
    1.034
    795
    انور هاليپوٽو
    9.65
    36.35
    377
    چوڌري اعجاز
    2.26
    8.864
    392
    سب ڊويزن خيرپور گمبو
    مولوي نظير
    3.2
    10.387
    325
    منور لغاري
    1.9
    8.418
    443
    ڊاڪٽر ظفرالله
    2.91
    4.715
    162

    نصير ڊويزن مان ڊائريڪٽ واٽر ڪورس جي انهي لسٽ ۾ ڪُل 55 واٽرڪورسن جو حوالو ڏنل آهي جيڪي پنهنجي مقرر ڪيل ماپ کان وڌيڪ ماپ کڻي رهيا آهن ۽ انهن مان گهڻا ته اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اريگيشن کاتي جي سيڪريٽري رينڪ جي آفيسر کان پاڻي بابت برفنگ وٺن ٿا مطلب ته انهن کان ڪوبه پڇاڻو ممڪن ناهي انهي ڪري ئي سنڌ حڪومت اها رپورٽ به جانبدار قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي.
    هن وقت جڏهن ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبوهه تعلقو ٽنڊو باگو جي پوڇڙ ۾ پيئڻ جو به پاڻي ناهي اسان جي سڀني وس وارن کي دعوت آهي ته اهي راشي عملدارن جي ڪوڙين رپورٽن تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ پاڻ اچي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ جيڪڏهن کين پوڇڙ جي زميندارن سان حقيقي ظلم نظر اچي ته پوءِ اسان جا هيٺيان مطالبا تسليم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي:
    · سانگي ڦراهو ريگيوليٽر تي سدائين 6 فِٽ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
    · سانگي ڦراهو ريگيوليٽر تي وارابندي هميشه لاءِ ختم ڪري ريگيوليٽر جي ٽنهي شاخن کي مستقل وهايو وڃي.
    · هاڻي ڪوبه ڊي او ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.
    · گذريل ڏهن سالن وچ ۾ نصير واهه مان نڪتل سمورا ڊائريڪٽ واٽر غير قانوني قرار ڏيئي بند ڪيا وڃن.
    · پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب هزارين ايڪڙن تي مشتمل تباهه ٿيل فصلن جو معاوضو ادا ڪيو وڃي.
    · هن سال فصل جي تباهي جي ذميوار عملدارن خلاف جانچ ڪرائي انهن کي سزا ڏني وڃي.
    · زميندارن کي حق ڏنو وڃي ته هو اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پاڻي چوري ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث عملدارن تي ڪيس داخل ڪرائين.
    · نصير ڊويزن ۾ مقرر آفيسرن جي ملڪيتن بابت نيب کان خصوصي جانچ ڪرائي انهن جي يڪدم امير ٿيڻ جي راز کي پڌرو ڪيو وڃي.
    · نصير ڊويزن ۾ مستقل بنيادن تي رينجرز مقرر ڪئي وڃي.
    مسلسل 5 آگسٽ کان هڙتال تي ويٺل آبادگارن جا هي مطالبا ڪي ايترا وڏا يا ڳرا مطالبا ناهن جيڪي نه مڃي سگهجن، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته آبادگارن جي انهن مطالبن کي جائز قرار ڏيئي انهن مسئلن کي حل ڪري آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڪثر ڪري ملڪاڻي ۾ پاڻي کوٽ جون سڀ خبرون سڌيون يا اڻ سڌيون مون تائين به پهچنديون آهن، هاڻي به جڏهن چاچو علينواز هتي سچل ڳوٺ ۾ آيل آهي ته ايئن سمجهو ته ملڪاڻي جون سڀ خبرون هتي ملي ويون۔

    پڇڙي جا آبادگار ڪٿي به هجن اهي مصيبتن ۾ آهن، جيڪڏهن ٻوڏ اچي ته اهي ٻڏن ۽ جي پاڻي کوٽ ٿئي ته هو سُڪن۔ اهوئي حال اوهان سان به آهي۔ پر مون ٻڌو آهي ته تازو حسنين مرزا بک هڙتال تي ويٺلن کي پرچائي ورتو آهي ۽ پاڻي به پهتو آهي۔

    ان ڳالهه جي تصديق ضرور ڪجو۔ دعا آهي ته سنڌ سکيي ستابي هجي ۽ اوهان وٽ پاڻي کوٽ ختم ٿئي۔
     
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    حسنين مرزا آيو ۽ بک هڙتال ختم ڪرائي ويو آهي پاڻي به آيو آهي پر سڀ ڄاڻن ٿا ته اهو پاڻي صرف آبادگارن کي بک هڙتال تان اٿارڻ لا آيو آهي حسنين جا واعدا ته وڻندڙ هئا پر سندس ويندي ۽ واهه ۾ پاڻي گهٽ ٿي ويو!!!!!!!!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو