نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ واسيو مُنهنجو هي آزاد نظم وقت جي ڪنهن چو واٽي، تي ماضيءَ جي دوڙ ۾ لٽيو پيو هو، انهي مٽيءَ جي دز سان ڀريل جهڙو آهي ۽ جيئن آهي توهان سڀني سان شيئر پيو ڪريان، خصوصي طور هن ڏياريءَ جي شُڀ ڏينهن تي ادا رنجيت کي ارپيان ٿو. ۽ اسان کي وساريندڙ اسان جي پياري دوست ادا مخدومي الجميلي ادا زاهد سومري کي. ان کان علاوه ادا سُلطان، ادا عظيم، ادا ٻروچ، ادا نثار ابڙو، ادا ڄامشورائي، سميت سنڌ سلامت جي سڀني نون پُراڻن دوستن جي پڻ نظر آهي
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
مشعلون بنائي
پنهنجي آڱرين کي،
حَدِ ديوانگي ،
ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
پَيَل گَجُ بدن تي، سنڌي ڀرت وارو،
کنيل ڪڇ تي گهاگهر،
مٿي تي دِلو پڻ،
هلي ڊيلَ وانگر،
هُو لوڏا وڏا ڏئي،
تنهن سنڌي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
ڪا تصوير سُهڻي،
مان (Oil) آئل سان پينٽي،
يا واٽر ڪلر ۾
بنائڻ ٿو چاهيان!!!
موهن جي دڙي جِي،
مان تاريخ بڻجي،
تراشڻ ٿو چاهيان،
تنهن نچڻي جِي مُورت،
جيڪا بُک ۾ بدحال،
وئيشا بَڻِي آ،
تنهن معصوم، مظلوم پڳلِيءَ جِي مورت!!!
ڀري ڇند وديا کي،
پنهنجِي ڪلا ۾،
ستن سُورمين جا سُرَ سڀ آلاپي،
تنبوري جي تارُن کي ڇيڙڻ ٿو چاهيان!!
ڪبير جا دوها،
ڀٽائيءَ جون وايون،
رمزون سچل جُون،
سڄا راز کولي،
سامي سڀن کي،
ٻُڌائڻ ٿو چاهيان!!
تکو وقت تُنهنجي ته رفتار کان،
اُڀَ ۾ مان اُڏري،
امن جو پکيئڙو،
چنبي باز مان ڀي ڇڏائڻ ٿو چاهيان!!
وڃان ڇو مان چنڊ تي ۽ ڇا لئه؟
سڄو چنڊ ڌرتيءَ تي لاهڻ ٿو چاهيان!!،
جهريل آ جڳت ۾ جيڪو جيئڙو،
آٿت وڏي تنهنکي ڏيارڻ ٿو چاهيان!!
مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آگرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
مشعلون بنائي
پنهنجي آڱرين کي،
حَدِ ديوانگي ،
ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
پَيَل گَجُ بدن تي، سنڌي ڀرت وارو،
کنيل ڪڇ تي گهاگهر،
مٿي تي دِلو پڻ،
هلي ڊيلَ وانگر،
هُو لوڏا وڏا ڏئي،
تنهن سنڌي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
ڪا تصوير سُهڻي،
مان (Oil) آئل سان پينٽي،
يا واٽر ڪلر ۾
بنائڻ ٿو چاهيان!!!
موهن جي دڙي جِي،
مان تاريخ بڻجي،
تراشڻ ٿو چاهيان،
تنهن نچڻي جِي مُورت،
جيڪا بُک ۾ بدحال،
وئيشا بَڻِي آ،
تنهن معصوم، مظلوم پڳلِيءَ جِي مورت!!!
ڀري ڇند وديا کي،
پنهنجِي ڪلا ۾،
ستن سُورمين جا سُرَ سڀ آلاپي،
تنبوري جي تارُن کي ڇيڙڻ ٿو چاهيان!!
ڪبير جا دوها،
ڀٽائيءَ جون وايون،
رمزون سچل جُون،
سڄا راز کولي،
سامي سڀن کي،
ٻُڌائڻ ٿو چاهيان!!
تکو وقت تُنهنجي ته رفتار کان،
اُڀَ ۾ مان اُڏري،
امن جو پکيئڙو،
چنبي باز مان ڀي ڇڏائڻ ٿو چاهيان!!
وڃان ڇو مان چنڊ تي ۽ ڇا لئه؟
سڄو چنڊ ڌرتيءَ تي لاهڻ ٿو چاهيان!!،
جهريل آ جڳت ۾ جيڪو جيئڙو،
آٿت وڏي تنهنکي ڏيارڻ ٿو چاهيان!!
مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آگرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!