رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
تنهنجي خوشبو کڻي هوا پهتي
درد جي ڄڻ ته ڪا دوا پهتي
خوش لَحَن کان نه ها نه نا پهتي
پر ڳُجهي کان ڳجهي ادا پهتي
تنهنجي شوخي به لک لهي ليڪن
ان جو مله ناه جا عطا پهتي
حوصلو ويو حجاب ۾ دٻجي
ماٺ ئي ماٺ ۾ پُڇا پهتي
مام واريون اکيون ڏسي سمجهيم
رَمز مخفي به بي بها پهتي
هوش ”مدهوش“ مس سنڀاليو مون
ايتري ۾ اچي قضا پهتي
احمد خان مدهوش