رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
هِير ۾ سو هڳاءُ ئي ڪونهي
وصل وارو هي واءُ ئي ڪونهي
سُور منهنجا جو سيني سان لائي
مون کي اهڙو ڪو ڀاءُ ئي ڪونهي
جيڪو توکي اچي طبيب! نظر
اهڙو سيني ۾ گهاءُ ئي ڪونهي
ناز ڪنهن جي تي ٿيون ”شهيد“ وري
هيئن جيئڻ ۾ ڪو ساءُ ئي ڪونهي