• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راشد مورائي ڪنهن نه ڀَلايا ڀال ، الائي ڪاڏي ويا : راشد مورائي

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ڪنهن نه ڀَلايا ڀال ، الائي ڪاڏي ويا
هيڻا ڏسندي حال ، الائي ڪاڏي ويا
نعري باز تشدد آڏو چُپ ٿي ويا
ڪانهي ڪا به مقال ، الائي ڪاڏي ويا
روزي کولڻ مهل مُلان ساٿين کي چيو
ٻانگ ڏيڻ سان مال ، الائي ڪاڏي ويا
”راشد“ اهڙو دؤر به ايندو چونداسين
ڌرتيءَ تان دجال ، الائي ڪاڏي ويا
 
Back
Top