دير تائين ڪم ڪرڻ سان شراب پيئڻ جي عادت جو خطرو 3 سيڪڙو وڌي ٿو

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2012۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    نيوزي لينڊ ۾ هڪ ريسرچ ڪئي وئي آهي ته گهڻي دير تائين ڪم ڪرڻ سان شراب پيئڻ جي عادت جو خطرو 3 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو. نيوزي لينڊ جي اوٽاگو يونيورسٽي جي طبي ماهرن پنهنجي ريسرچ ۾ 25 کان 30 سال ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻهن جي روٽين لائف تي ريسرچ ڪئي. خاص طور ڪم ڪرڻ مهل هنن ماڻهن جي شراب پيئڻ جي عادت جي متعلق خاص مشاهدو ڪيو ويو.

    هن ريسرچ جي سربراهه شيري گب موجب ”اهڙا ماڻهو جيڪي هفتي ۾ 50 ڪلاڪ يا وري دير تائين ڪم ڪندا آهن هنن مان اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾ جيڪي نوڪري ڪونه ڪندا آهن، شراب پيئڻ جو مسئلو 1.8 سيڪڙو کان 3.3 سيڪڙو ٿيندو آهي.

    هن ريسرچ جا نتيجا برطانوي طبي اخبار ۾ شايع ٿيندا. ريسرچ موجب عورتن ۽ مردن جا نتيجا ساڳيا آهن.

    گب جو چوڻ آهي ته الاهي ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ شراب جي عادت جو ڪارڻ شايد هنن جي نوڪري جي حوالي سان ذهني دٻاءُ گهٽائڻ جي ڪوشش آهي. هنن جو خيال آهي ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ دوستن سان اٿڻ ويهڻ به الڪحل استعمال ڪرڻ جو سبب آهي.

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو