پُٽ کي جنم ڏيڻ جي خواهشمند عورتن کي باقاعدگي سان ڪيلا ۽ پٽاٽا کائڻ گهرجن. ڌيءُ جي خواهشمند عورتن کي پنهنجي غذا ۾ ڀاڄيون شامل ڪرڻ گهرجن. هندستاني اخبار ”ٽائمز آف انڊيا“ ڏچ سائنسدانن جي ريسرچ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڀاڄيون کائڻ سان ڌيءُ پيدا ٿيندي آهي ڇو ته ڀاڄيون ڇوڪريون پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي وينديون آهن. سائنسدانن دعوي ڪيو آهي ته ڀاڄين ۾ ڪيلشيم ۽ مئگنيشيم جي گهڻي مقدار موجود هجڻ سان ڇوڪري پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌندا آهن. پُٽ جي خواهشمند عورتن کي پوٽاشيم ۽ سوڊيم سان ڀرپور خوراڪ کائڻ گهرجي، يعني ڪيلا ۽ پٽاٽا باقاعدگي سان کائڻ گهرجن. غذا ٻار جي جنس طئه ڪندي آهي. اِها ريسرچ برطانوي اخبار ”ري پروڊڪٽو بائيو ميڊيسن“ ۾ شايع ڪئي وئي آهي.
هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار هي نئون شوشو ، پهريان پُٽ لاء پيرن تي حاضريون ۽ هاڻي وري پٽاٽن جي پويان ۔۔۔۔۔ يار ڪمال ٿي ويو۔۔ ها ابا توهان اسان جي نئين ڀاڄائي کي ڪيلا ۽ پٽاٽا گهڻا کارائجو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها
ههههههههههههه يار سليمان جي پ ٽ وٺڻو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن جي پيويان ته ڀڄڻو پندو نه اڃ ڪله جي پيرن جو حآل ڏسين پيو ابا ان ڪري پٽاٽا ۽ ڪيلا وري به صحيح آهين هههههه
هاهااها ۔ فارمولو انٽريسٽنگ آهي ، پر اڻ پڙهيل وري به پٽاٽا ڇڏي پيرَن جي پويان ويندا ۔ باقي پُٽ يا ڌي ڏيڻ قدرت واري جي هٿ ۾ آهي ۔
هههههها، سائين بس هاڻ ان شوشي کي ڦهلايو باقي پيرن وارو ٽوٽڪو پراڻو ٿي ويو آهي۔۔ٻيو ته گهڻا ڪيلا ۽ پٽاٽا به نه کارائجو ته وري شگر جو مسئلو ڳچي ۾ پئجي نه وڃي، ڇو ته ٻڌو آ گهڻا پٽاٽا واپرائڻ سان وري شگر ٿيو وڃي۔۔
اهو اسان مسلمانن لا شرڪ آهي ، جيڪو به ٿيندو آ اهو الله سائين جي طرفان ٿيندو آهي ، ڪنهن کي پٽ ڪنهن کي ڌي ڏيڻ صرف ۽ صرف الله تعالي جي هٿ ۾ جنهن کي پٽ ڏئي جنه کي ڌي ڏئي اها هڪ الله جي مرضي آهي اهي هندن جون ڳالهون اسان مسلمانن تائين پهچائڻ ياني اسان جي ايمان تي ڊرون حملو هوندو
جيستائين منهنجي ٿوري گهڻي معلومات آهي ته ان مطابق ته جنس جي تعين جو دارومدار مرد تي هوندو آهي نه ڪي عورت تي۔تنهنڪري ضروري آهي ته ان تحقيق جي سند ۽ متن جي مستند هجڻ تي تحقيق ڪئي وڃي۔
بيشڪ هر شيءَ جو ڄاڻڻدڙ ئي ان جو جوڙيندڙ اهو ئي پالڻهار ڪريم آهي، اهو ئي اسان جو ايمان آهي، ۽ ان ئي ايمان جي هجڻ جي ڪري ئي اسين مسلمان سڏجون ٿا۔۔ پر منهنجا سائين قرآن پاڪ ۾ جڳهه جڳهه تي قدرت جا اهڙا راز لڪل آهن جن ۾ عقل وارن جي لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون پڻ آهن۔ هن وقت جيڪا به سائنسي تحقيق سامهون اچي رهي آهي، اهي سڀ شيون 14 سئو سال اڳ قرآن پاڪ ۾ موجود آهن جن جو ڪيترن ئي سائنسدانن اقرار ڪيو آهي ۽ اهي مسلمان هجڻ جو شرف به حاصل ڪري چڪا آهن۔ ته منهنجا مٺا سائين ان ڳالهه جو انڪار ڪير به نه ڪري سگهندو۔ پر حقيقت جي ڳولا ڪندڙن جيڪي به تحقيقون ڪري اسان کي آگاهي ڏني آهي اها پڻ ساراهه جوڳي آهي۔ پر سڀ شيءَ جو جوڙيندڙ اهو ئي پالڻهار پاڪ الله رب العزت پاڻ خود آهي، نه ڪي ٻيو ڪير آهي نه ئي ٿي سگهي ٿو۔ اهو ازل کان آهي، هميشه لاء رهندو۔