• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل عليم سومرو

محمد عليم سومرو

سينيئر رڪن
زندگي ڄڻ ڪا سٺي سماڇار هئي گذري وئي
زندگي ڄڻ هاء وي تي ڪار هئي گذري وئي

جڳ سڄي جيان مان ب هن جو ئي نشانو بنيس
زندگي ڄڻ جلاد وٽ تلوار هئي گزري هئي

ڳوٺ جي ڪنهن ٻار وانگي پير ڏئي منهنجي پڌر
زندگي ڄڻ سانجه ٽاڻِِِِِِي سآر هئِي گذري وئي

پاڙيٍ جي ٽڪرن تي پليل ڪنهن ابهم معصون جيان
زندگي ڄڻ بي سهارا ٻار هئِي گذري وئي

سڀ ٽوه کآن کارا هئآ ڪو پل ن ماکي لار هو
زندگي ڄڻ يار پاران انڪار هئِي گذري وئي

ڪنهن قدر صحرا سندي اُڃ اُجهائي (عليم)
زندگي ڄڻ وڏ ڦڙو وسڪار هئي گذري وئي
 
منهنجو هي غزل دوستن جي نظر، دل کولي اصلاحي تنقيد ڪندا، ت وڏا وڙ ٿيندا
ڇو ت مان شاعري جي علم مان ذرو ب ڄاڻندو ناهيان،توهان جي تنقيد منهنجي اصلاح جو سبب بنجندي۔۔۔۔
 
پاڻ ڪي شاعر ناهيون تنهنڪري وزن، بحر ۽ انهن شين مان ڪون ڄاڻون، باقي اوهان جي شاعري سٺي لڳي

ڪنهن قدر صحرا سندي اُڃ اُجهائي (عليم)
زندگي ڄڻ وڏ ڦڙو وسڪار هئي گذري وئي
 
اسان جي پيار دوست عليم سومري لائي منهنجي طرفان هي تحفو قبول پوي۔

2q2que1.jpg
 
ادا سومرو صاحب ما شا الله اوهان جي شاعري ڏاڍي خوبصورت آهي، باقي ٽيڪنيڪلي تعريف يا تنقيد اسان جي محفلن جا مور، پڳدار سائين نثار ناز صاحب جن ئي ڪري سگهن ٿا۔۔۔
 
مهرباني طاهر صاحب
ادا سومرو صاحب، اوهان اسان جا ڀائر آهيو، مهرباني جي ڪا به ڳالھ نه آهي، حقيقت ۾ آ جيڪو ٿورو گهڻو وقت هن انٽرنيٽ جي پهرين سنڌي فورم سنڌ سلامت تي پنهنجي مٺڙي ٻولي جا حرف ۽ اکر لکندو آهيان پاڻ کي ڏاڍو خوشنصيب سمجهندو آهيان۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top