رياضت ٻرڙو ٻاري ڏيئا اکـڙين ۾ ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ملڻ به ٿئي، ته جدا ٿيڻ يعني وڇڙڻ به. ملڻ سان عام طور ماڻهوءَ کي خوشي ۽ سَرهائي ٿيندي آهي، ماڻهوءَ کي سڪون ملندو آهي، سندس اکين کي ٺار محسوس ٿيندو آهي، ۽ ٿورن لفظن ۾ چئجي ته ملڻ سان ماڻهوءَ کي اطمينان نصيب ٿيندو آهي. جڏهن ته وڇڙڻ سان ماڻهوءَ کي ڏک ٿيندو آهي، ماڻهو تڪليف ۽ پيڙا مان گذرندو آهي، وڻندڙ منظر اُٻاڻڪا بڻجي پوندا آهن، ماڻهو پاڻ کي اداس ۽ اڪيلو محسوس ڪندو آهي، ۽ ڪجھ لفظن ۾ چئجي ته ڪنهن شَيءِ ۾ دل ناهي لڳندي. ملڻ ۽ وڇڙڻ، زندگيءَ جي هلچل جا لازمي جزا آهن. ڪڏهن ملڻ، ته ڪڏهن وڇڙڻ، سلسلو هلندو رهندو آهي. ڪجھ ماڻهن سان اسان ڪڏهن چاهيندي به ملي نه سگھندا آهيون، ته ڪڏهن ڪن ماڻهن سان اتفاقي طور ايئن ملي ويندا آهيون، جو يقين ئي نه ايندو آهي. اهي وارداتون ڏاڍيون عجيب آهن. ملڻ ۽ وڇڙڻ جون وارداتون عجيب ۽ لذت ڀريا احساس من ۾ پيدا ڪنديون آهن. ڪڏهن ملڻ سان وڇوڙو ياد ايندو آهي، ته ڪڏهن وري وڇوڙي سان ملڻُ. ڪڏهن ملڻ ۾ وڇوڙو سمايل هوندو آهي، ته ڪڏهن وڇوڙي ۾ وري ملڻ سمايل هوندو آهي. جڏهن اسان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان ملندا آهيون جيڪو، جيڪڏهن اسان جي محبتي ۽ مٺڙن ماڻهن ۽ مرڪندڙ چهري ۽ سڪ ڀريا گفتا ڳالهائيندڙن منجھان هوندو آهي، ته اسان کي اڻ مَئي خوشي ٿيندي آهي. اهڙي ماڻهوءَ سان ڪچهري ڪرڻ ۾ اسان کي بيحد مزو ايندو آهي. اسان جي دل چاهيندي آهي ته گھڻي کان گھڻو وقتُ ان ماڻهوءَ سان گڏ گذري، ته جيئن هن جو پيار اسان جي دل جي ڌڙڪنن ۾ شامل ٿيندو رهي. اسان ان محبتي ماڻهوءَ کان پَل به پري ٿيڻ نه ئي چاهيندا آهيون ۽ نه ئي ڪو هڪ پَـل به پري رهڻ چاهيندا آهيون. جيتوڻيڪ مٺڙي ماڻهوءَ سان وقت عام رفتار جيان ئي گذرندو رهندو آهي، پر اهو اسان کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ روشنيءَ جي رفتار سان اڏامندو ويندو هجي. اهڙي سمي وقت کي ڄڻ پرَ ته نه لڳل هوندا آهن، پر وقت براق تي سوار هوندو آهي ۽ اک ڇنب وانگر ڇُلندو ويندو آهي. مٺڙي ماڻهوءَ کان جدا ٿيڻ تي هڪُ ته دل ئي نه چاهيندي آهي، پر جيڪڏهن لاچاريءَ مان ڌار ٿيڻو به پوندو آهي، ته به اها ئي خواهش رهندي آهي ته شال جلد ئي ٻيهر، ٽيهر ۽ هر هر ملڻ ٿئي. عام ماڻهوءَ جي وڇڙڻ سان ته ڪو خاص اثر شخص تي ناهي ٿيندو، جيتوڻيڪ جيڪڏهن ان ماڻهوءَ سان ڪي چار پَـل گڏ گذرندا آهن، ته ان جي وڇڙڻ سان به تڪليف ٿيندي آهي ۽ ڏک رسندو آهي، پر جڏهن ڪو پرين پيارو ماڻهو وڇڙندو آهي ته ڏاڍو وڏو ڏک رَسندو آهي ۽ ماڻهو ڄڻ ته ٽُٽي، ڀَڄِي، ڀُرِي پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اول ته ماڻهو اهڙي پرين پياري، من جي مٺڙي کان پري ٿيڻ ئي نه گھرندو آهي. اُن کان ڇڄڻ ئي نه چاهيندو آهي. ان ماڻهوءَ سان محبتن جي ابتدا ان هنڌان ئي هوندي آهي، جتي ان سان محبتن جون انتهائون هونديون آهن. ٻئي طرف ڪنهن ماڻهوءَ جو وڇڙي وڃڻ ڪو عام واقعو به ناهي. اهو ته خاص الخاص واقعو آهي، خاص ڪري جڏهن اهو وڇڙڻ عارضي بدران دائمي هجي. اهڙو وڇڙڻ پنهنجا مستقل اثر اسان جي زندگيءَ تي ڇڏيندو آهي، جن مان نڪرڻ ۾ يا جن کي سهڻ ۾ ڪيئي وَرِهه لڳي ويندا آهن ۽ اهڙي وڇڙڻ جا گھاوَ تنهن وقت وري اُٿلي پوندا آهن جڏهن ان ماڻهوءَ جو ذڪر نڪرندو آهي يا ان جي ياد اوچتي ئي اوچتي دل جي اندرين تَهن مان اڀرِي، اکين ۾ ڳوڙهن جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندي آهي. ملڻ ۽ وڇڙڻ جي موضوع تي، ادب ۽ شعر جي دنيا ۾ گھڻو ئي لکيو ويو آهي. هتي موقعي جي نسبت سان، نائين صدي عيسوي جي هڪ جپاني شاعره اونونو ڪماچي جا ان حوالي سان ٺهڪندڙ ٽي ننڍڙا نظم اوهان اڳيان پيش ڪيان ٿو، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هڪ ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ (2006ع) ۾ پڙهيا اٿم: (1) هڪ گُل جيڪو ڪومائجي وڃي ٿو بنا ڪنهن کي نظر اچڻ جي اهو آهي هن دنيا ۾ انسان جي دل جو گل. (2) هيءَ چنڊ بنا رات آهي هن سان ملڻ جي ڪا واٽ آهي؟ چاهت کان چري بنجي ڇاتيءَ منجھ دل ڌڙڪي ٿي ۽ ڪو باهه جو شعلو ڀڙڪي دل کي ورائي وڃي ٿو. (3) ايڏي ته اڪيلي آهيان ڄڻ ڪو ترندڙ اڪيلو پن ٽاريءَ کان ڇڳل پاڻيءَ جي وهڪري سان وهندو وڃي وياڪل. انهن نظمن ۾ ملڻ، وڇڙڻ ۽ وڇڙڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ اڪيلائيءَ جا احساس آهن. هن موقعي تي بيواجبي ٿيندي، جيڪڏهن ڪجھ بيت سنڌي شعري ادب مان پيش نه ڪريان، ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعري جا دفتر به ملڻ ۽ وڇوڙي جي حوالي سان ڀريا پيا آهن ۽ انهن ۾ ايڏا ته خوبصورت شعر سرجيل آهن، جو ڇا چئجي! اهڙو شعرن جو انتخاب ڪرڻ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو شعر اوهان جي دل جي تارن کي هن وقت ڇهي نه سگھي، ته دل ۾ نه ڪندا، ممڪن آهي ڪنهن ٻئي وقت اهو اوهان کي وڻي وڃي! حضرت شاهه لطيف سائين وڇوڙي جي حوالي سان فرمائي ٿو: ننگر ۽ ناريون، پَڳهَه کڻِي پنڌِ پيا،بندرَ بازاريون، سُڃا سامونڊينِ ري.سچل سرمست فرمائي ٿو: رُئـــــڻ زارو زار، راتـــو ڏيـنـهــــان آهه مــــــون،کوڙي ڪانُ قريبُ ويو، هينئڙي منجھ هزار،هن گوليءَ جي گُفتار، ڪا ٻُڌيَـوَ ٻاروچن ۾؟ڀائي چئنراءِ ”سامي“ چوي ٿو: وڌو وڇـوڙو، مُــورَکَ پـاڻَ پــرِين کــــون،ڏيـئـي ويٺــو گھـرَ کـي، اَوِديــا جـو اوڙو،سامي رَکي ڪينڪي، مُحبَ ڏي مـوڙو،ٻُــڌي نه ٻــوڙو، دانـهـان دردَ وَنـدَنِ جـون.ملڻ ۽ وڇوڙي جي حوالي سان ڪجھ ٻيا به وڻندڙ شعر ويهين صديءَ جي شاعرن جا اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو. هري درياني دلگير چوي ٿو: واٽ تنهنجي ٿو تڪيان، ٻـاري ڏِيا اکــڙين ۾،ختم ٿي عمر، نه مون آس پَلِي، ڏِس ته سَهي!شيخ اياز چوي ٿو: واري ڇـڏيو مـون، تـو سان مـلــڻ آســـرو،پوءِ به تون ئي تون، ڇا جي لاءِ تنوار ۾.سڳن آهوجا چوي ٿو: توکـي اتــان کـڻـي وڃـي، دل ۾ ڏسـان پيـو،منهنجي ڏسڻ کي ڳول نه منهنجي نهار ۾.مشهور ليکڪ امر جليل چوي ٿو: ”وصال محبت جو زوال آهي ۽ وڇوڙو محبت جي معراجَ آهي.“ ان کان سواءِ ڪنهن ٻاهرئين ليکڪ جو چوڻ آهي: وڇوڙو پيار لاءِ ايئن آهي جيئن باهه لاءِ هوا، جيڪا ننڍڙي شعلي کي اُجھائي ڇڏيندي آهي ۽ وڏيءَ باهه کي ڀنڀٽ ڪندي آهي.“ ***
رياضت سائين بهترين ليک ساڳيو ليک شايد عبرت ۾ پڻ پڙهيو هيم ۔۔۔۔۔ تمام سٺو مضمون ۽ شعرن جي چونڊ به لاجواب