دوستو ايم ايس ورڊ جي فائل جي فارميٽ تبديل ٿي وئي آهي، هن وقت اها فائي ڪونه تي کُلي ، مهرباني ڪري ٻڌايو ته اها ڪينئن درست ڪجي۔
ڪهڙي فارميٽ ۾ تبديل ٿئي وئي آهي ادا اها فارميٽ بڌايو يا اسڪرين شاٽ لڳايو ته جيئن توهان کي ڪا معلومات ونڊ ڪري سگهجي
ادا توهان کي وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي۔ مان سمجهائي به ڪونه ٿو سگهان۔ در اصل آفس ۾ ڪم جي دوران ورڊ فائل ڪونه ٿو کلي۔ جيڪو اسڪرين شاٽ مون ڏنو آهي شايد اهو نا ڪافي آهي۔
ادا ان جا ٽيمپرري فائيل اوهان وٽ اگر ٺهيل هجن ته ان مان ڪجهه مواد رڪوري ٿي سگهي ٿو باقي 100 في صد رڪوري مشڪل آهي پر ممڪن آهي ته ڪنهن دوست وٽ ڪا وڌيڪ معلومات هجي ته اوهان جي رهنمائي ڪري باقي اهو مسئلو ٻه ٽي دفعا نظر کان گذريو آهي هاڻ هفتي کن ۾ هڪ دوست جي ٿيسزز هئي ان سان اهو مسئلو درپيش آيو ان کي مون انهن ٽيمپرري فائيلن ذريعي تقريبا 90 في رڪوري ڪري ڏنم باقي سافٽويئر ذريعي به ڪوشش ڪئي وئي ليڪن ڪاميابي نه ٿي۔