هاڻي نه هي گلن جي، چادر رکي وڃو، ٽي چار بس قبر تي، پٿر رکي وڃو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل
سعيد ميمڻ

********
هاڻي نه هي گلن جي، چادر رکي وڃو،
ٽي چار بس قبر تي، پٿر رکي وڃو.

هر روز هينئن جهڙالو، هوندو نه آ صبح،
جلدي نه هَٿُ ڇڏائي، گهاگهر رکي وڃو.

نيڻن اڳيان وڇوڙو، واريءَ تي آ وِڇيل،
ميلاپ جا اکين ۾، منظر رکي وڃو.

اڄ دل لکڻ گهري ٿي، مَنَ جي سڄي ڪَٿا،
هڪ رازدان پين ۽ ، ڪاڳر رکي وڃو.

هر هر گهرن ٿا خرچي، مان تنگ ٿي ٿيان،
ٻارن جي لاءِ سائين، ڪجهه گهر رکي وڃو.

حيلا ڪيا حياتيءَ ، تبديل ڪجهه نه ٿيو،
اڄ حالتون هٿن ۾ ، خنجر رکي وڃو.
558534_4422257832799_1579090196_n.jpg
 
Back
Top