• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل ساگر خاصخيلي

ساگر خاصخيلي

سينيئر رڪن
اکيون تات تنهنجي کي تاڻي ستيون
وڃي بيجپي جي وڇاڻي ستيون

ندي نيگري ۾ ٻڏي وئي جڏهن
گهٽائون غمن جي گهاڻي ستيون

اوهان وار ويڙهيا تنهنان پوء قوئي
وڇوٽيون اسان جي وهاڻي ستيون

گلن واس گهوري ڇڏيو ڇوڪري تان
ڀنڀوريون وڃي ٻئي ڀاڻي ستيون

اسان سي سنڀارون اکين تي رکيون
ڌنڌوڻي جي دل کي ڇاڻي ستيون

اوهان ٻانهن پنهنجي تان اٿاريون اکيون
خبر ناهي ڪهڙي پوء ٽاڻي ستيون
 
ساگر ٿنهنجي شاعري ۾ لاڙ جي سارين جي خوشبوء،موهن جي دڙي جي ناچڻي جي ڇمڇم،مڪلي جي خاموشي،ڪارونجهر جي مورن جيون صدائون،يا سائين حليم باغي جي لفظن ۾ ڪٺل هرڻي جهڙي اداسي،مطلب تنهنجي شاعري ۾ اهي سڀ خاصيتون آهن،جيڪي تو کي نئين ٽهي جي بهترين شاعرن ۾ شمار ڪن ٿيون،منهنجي دعا ت ڏات جي ديوي هميشا تو تي مهربان رهي۔۔۔
 
Back
Top