هڪ دوست جر ڊائري جو ورق هن جي اجازت سان اوهانجي لاء ته ڏسو ڪيڏو نه وڏي وزنائتي ڳاله تي قلم کي جنبش ڏني اٿئين۔:_ ” مرندا رڳو ماڻهون نه آهن پر تمنائون پڻ شهيد ٿينديون آهن، فرق صرف ايترو آهي ته ماڻهو جو لاش ٻين ماڻهون جي ڪلهن تي کنيا ويندا آهن جڏهن ته تمنائن جي جنازن کي رڳو چند گرم لڙڪن جو ڪفن ۽ سڏڪن جو عارضي ڪانڌپوء نصيب ٿيندو آهي۔ماڻهن جي جنازن کي ڌرتي ماء جي هنج جون دائمي پناهگاهون ملي وينديون آهن پر تمنائن جي لاشن کي الائي ڇو ڪڏهن به ڪا قبر نه ملي سگهندي آهي۔ “ محترم ميمبرس ،اوهان هن ليک پڙهڻ کانپوء تمنائن سان پيرائتي ڪهڙي رائي( ڪمينٽس ) اسانجي دوست کي ڏيندا؟ انتظار رهندو،صرف پسند يا نا پسند سان ڪم نه هلندو۔توهان جي ذهن ۾ جيڪي به ڪمينٽس اچن پنهنجي ڪمپويٽر جي ڪي بورڊ کي متحرڪ ڪري هت چٽيندا تاڪي ڪجه وڌيڪ رهنمائي ٿئي سگهي۔
تمام وڏي ڳالهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هنن سٽڻ ۾ درد سمايل آهي، سچائي تي مبني سٽون آهن۔ زندگيء جي سفر ۾ ڪيترن ئي موقعن تي ماڻهو خواهشن کي دٻائي، درد کي لڪائي، ڳوڙهن کي لڪائي سمجهوتا ٿو ڪري پر اڪيلائيء ۾ اهي لڙڪ سندس ڳلن تان وهي هلن ٿا۔
جي بلڪل هر ڪنهن جو مرڻ پهنجي پهنجي نوعيت جو آهي شاعري ۽ جذبات جي حساب سان تمام پياري ڳالهه ڪئي آهي دوست ۔ان ڪري ڪنهن شاعر اهو چيو ته 14. منهنجو وجود تمنائن جو مقتل آهي.
ادا پر ماڻهو جي شهادت ۽ تمنائن جي موت ۾ هڪ فرق ضرور آهي اهو هي ته جڏهن ماڻهو شهيد ٿيندو آهي ته اهو سرخرو هوندو آهي ته هن ڪنهن اعلي مقصد ڪارڻ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي پر تمنائن جو قتل صرف ڏک ۽ مصيبت سان سرشار هوندو آهي سائين وساڻ صاحب جي ڳالهه وانگر اهو لڙڪن سان سمجهوتو گهڻو پائيدار نه هوندو آهي جڏهن به تمنائن جو ڳلو گهٽجڻ ياد ايندو آهي ته ماڻهو بي اختيار ڳوڙها ڳاڙي ويهندو آهي