خوشي ڇا آَهي؟ توهانجي خيال ۾ ”خوشي“ ڇا آهي؟ ان کي ڪهڙي طرح حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن مال ؤ دولت حاصل ٿئي وڃي ته ڇا انسان کي خوشي ملي ويندي آهي؟ نه بلڪل به نه ،جيڪڏهن ايئن هجئي هان ته دنيا جو هر مال دار ماڻهون خوش هجئي هان۔توهان پاڻ پنهنجي اردگرد نظر ڦرايو کوڙ سار مال دار ماڻهون اوهان کي نظر ايندا جن وٽ مال ؤ دولت ته تمام گهڻي هوندي آهي پر هو خوشي جي فقيدان ۾ مبتلاء هوندا آهن۔ ڇا شهرت ؤ وڏي نالي ملڻ سان خوشي ملندي آهي؟ نه بلڪل به نه ، تمام مشهور ماڻهون جي زندگي تي نظر وجهو ۔مشڪل سان ڪوئي اوهانکي خوش باش زندگي گذاريندي نظر ايندو۔ ڇا طاقت ور ۽ بااختيار شخص کي خوشي ملندي آهي ؟ نه بلڪل به نه ، اڪثربااختيار ماڻهون کي ته سک ؤ چين جي ننڊ به نه ايندي آهي،خوشي ته پري جي ڳاله آهي۔ ڇا صحت ان جهرڪي جو نالو آهي جيڪا پنهنجي چهنب ۾ خوشي جو داڻو کڻي گهمندي آهي؟ نه بلڪل به نه ، توهان کي اها خبر آهي ته خوشي جي حقيقت هي به نه آهي۔ پنهنجي اردگرد نظر ڦرايو ۔ڪجه ماڻهون توهان کي وڌيڪ پرمسرت نظر ايندا، ڪجه گهٽ ۽ ڪجه وري ناخوش ۔پويان ماڻهون ڊپريس۔ چڙچڙا،۽ شاڪي نظر ايندا آهن۔هو ڪڏهن قسمت کي پنهنجي ناخوشي جو ذميدار ٺاهيندا آهن ته وري ڪڏهن ٻين فضول سببن کي۔ حقيقت ۾ زندگي ۾ خوش رهڻ يا ناخوش رهڻ جو اصل ذميدار حالت ، واقعات يا ٻين ماڻهون کان وڌيڪ هر شخص پاڻ هوندو آهي۔ عام سوچ آهي ته خوشي ڪيڏي به مهل انسان جي مٿان ڪڪرن وانگر وسي پوندي آهي ،اها ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن ملندي ،ان جو تعين ڪرڻ انسان جي وس ۾ نه آهي۔ ڪنهن حد تائين اها ڳاله صحيحي به آهي پر صرف خارجي عوامل تائين۔جيڪڏهن داخلي عوامل يعني انسان جي اندر جي ڳاله ڪئي وڃي ته هي مفروضه صحيحي نه آهي۔ خوش رهڻ يا نه رهڻ گهڻي حد تائين انسان جي پنهنجي اختيار ۾ هوندو آهي۔ خوشي ڳولهڻ سان نه پر پيدا ڪرڻ سان ملند آهي۔پنهنجي لاء خوشيون پيدا ڪرڻ سکو۔تحقيق مان اهو ثابت ٿيو اهي ته خوشي،احساس کان وڌيڪ ”انتخاب“ جو نالو آهي۔اڄ توهان ڪيترو خوش رهندا؟ جو فيصلو اوهان جي سوچ ۽ سوچ جو اندازڪندو۔ اچو ته اسان اوهان کي دنيا جي مڃيل ماهرين نفسيات جون واضح ڪيل ڪجه ٽيڪنڪ ٻڌايو جن تي عمل ڪرڻ سان توهان به پنهنجي زندگي ۾ خوشي، جو عنصر وڌائي سگهو ٿا۔ !۔ سڄي ڏينهن ۾ ٿيندڙ ٽي سٺا واقعا لکو۔ هي تمام پر اثر ۽ آسان طريقو آهي۔ڪاغذ ۽ قلم کڻي اڄ جي ڏينهن ۾ ٿيندڙ ٽن اهڙن واقعن جي باري ۾ لکو جنهن توهانکي سڪون، اطمينان يا خوشي ڏني هجئي ۽ اهو به لکو ته انهن واقعن جي ٿيڻ جا ڪهڙا وجه آهن۔تجربات اهو ثابت ڪيو آهي ته هي مشق ذهن ۾ گردش ڪندڙ منفي خيالات ۽ ڊپريشن ختم ڪرڻ جي لاء انتهائي ڪارگر آهي۔ان جو مثبت نتائج جو گراف اينٽي ڊپريسٽ دوا ۽ سائيڪو تهراپي کان وڌيڪ آهي۔ماهرين نفسيات هن مشق سان ذهني ؤجسماني صحت ۾ بهتري،توانائي ۾ اضعافو۽ ڊپريشن جي ڪري ٿيندڙ جسم ۾ سور جي ڪمي جا حيرت انگيزنتيجا حاصل ڪيا آهن۔ جيڪڏهن توهان روزانو هي مشق نه ٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ دفعو اها مشق ڪيو۔ان جا بهترين اثرات توهان پاڻ محسوس ڪندا۔ 2، ڪنهن تخليقي سرگرمي جو آغاز ڪيو۔ ڪجه تخليق ڪرڻ ۽ نيون نيون شيون سکڻ سان انسان جيڪاخوشي محسوس ڪندو آهي، اها شايد الفاظن ۾ ورجائڻ مشڪل آهي۔توهان به ڪجه تخليق ڪيوپوء اها ڪا تحرير هجئي،ڪا شاعري هجئي۔ڪا پينٽنگ هجئي يا ڪا ٻئي شي هجئي۔انهن شين کي ڏسي توهان کي پنهنجي ڪارآمد ۽ اهميت جي خبر پوندي ته اوهان به ڪم جا ماڻهون آهيو۔ تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته هڪ ئي روٽين تي هلڻ وارو انسان پنهنجي صلاحيتن جو صرف 37 في صد حصو استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته ڪنهن سرگرمي ۾ مصروف شخص پنهنجون 70 في صد صلاحيتون استعمال ڪندو آهي۔ اها ڳاله به سامهون آئي آهي ته يڪسانيت ۔اڪتاهٽ پيدا ڪندي آهي ۽ اڪتاهٽ خوشي جو ليول گهٽ ڪري ڇڏيندا آهي۔پنهنجي لاء ڪي نيون سرگرميون ڳولهيو۔ڪا نئي زبان ( ٻولي) سکو۔گهر جو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪيو،ورزش جو نئون پلان ٺاهي ان تي عمل ڪيو وغيره وغيره۔ 3، سوچو ۽ لکو ته جيڪڏهن توهان کي زندگي مهلت ڏني ته ڏهن سالن کانپوء پاڻ کي ڪهڙي مقام تي ڏسڻ چاهيندو۔ هي هڪ مثبت سوچڻ جي مشق آهي۔توهان پنهنجي خوابن جي باري ۾ سوچيو۔اهو سوچيو ته اوهان مستقبل ۾ ڇا ڇا ڪرڻ چاهيو ٿا۔ڇا حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا،ڇا سکڻ چاهيو ٿا۔ڪهڙي حال ۾ رهڻ چاهيو ٿا۔۽ ڏهن سالن کانپوء پنهنجي پاڻ کي ڪهڙي حال ۾ ڏسڻ چاهيو ٿا پنهجا مقصد ۽ خواب ڪاغذن تي لکي ان کي حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي ترتيب ڏئي لکو۔ان طريقي سان اوهان کي پنهنجي موجوده زندگي جي واضح ۽ وڏي تصوير نظر ايندي ۽ هن جو هر پهلو توهان جي سامهون عالم آشڪار ٿيندو۔ ۔ماهرين نفسيات جو چوڻ آهي ته مستقبل جي باري ۾ مثبت انداز ۾ سوچڻ نه رڳو اداسي ؤ ناخوسي کي ختم ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي پر وڏي عمر ۽ سٺي جسماني صحت جو به راز آهي۔ هن هفتي پنج دفعا ڪنهن جي ڪم اچو۔ فلاحي ڪم انسان جو روح کي سرشار ڪري ڇڏيندو آهي۔ڪنهن جي بي غرض مدد ڪرڻ،آفس جي معاملات ۾ ساٿين جي مدد ڪرڻ،ڪنهن غريب ؤ لاچار انسان جي مدد ڪرڻ۔ انسان وجانوارن کي پاڻي پيارڻ ۔ ڪنهن بزرگ عورت جي پرگهور ڪرڻ ،مسجد ۾ نمازين جي مدد ڪرڻ وغيره وغيره۔اهو سڀ ڪم ڪرڻ جنهن مان فائدو اوهان جي ذات جي بدران ٻين کي ملي پريقين رکوان مان ملڻ واري خوشي اوهانجي هوندي۔ جيڪڏهن توهان خوش هوندو ته ڪيئن نظر ايندو۔ آئيني جي سامهون بيهي اهو گمان ڪيو ته اوهان ڏاڍا خوش آهيو۔ هاڻي توهان جي چهري جا تاثرات ڪهڙا آهن؟ ان کانپوء ڪوشش ڪيو ته سڄو ڏينهن اوهانجو چهرو خوشي واري انداز وارو نظر اچي۔ تازه ترين تحقيق جي مطابق جيڪڏهن اسان جا احساسات اسان جي چهري جي تاثرات کي سٺو يا خراب ٺاهي سگهن ٿا ته اهو عمل ابتو به ڪري سگهجي ٿو يعني چهري جي تاثرات کي سٺو ياخراب ڪرڻ سان اسان جا خيالات ،احساسات سٺا ۽ خراب ٿئي سگهن ٿا۔ڪوشش ڪيو ته پنهنجي چهري تي اهئي تاثرات هجن جيڪي اوهان کي خوش ظاهر ڪن۔ محترم ميمبرسخوش رهڻ جا 5 نهايت ڪارآمد ” گر“ اوهان جي نظر ڪيا آهن۔ان تي عمل ڪرڻ سان انشالله اوهان خوش رهڻ سکي ويندو۔ جيڪڏهن توهان انهن تي مستقل عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ته آهستي آهستي اها اوهان جي عادت ٿئي ويندي۔ ڄڻ ته اوهان کي خوش رهڻ جي عادت پئجي ويندي۔اها تبديلي اوهان جي اردگرد موجود ماڻهون کي به لازمي محسوس ٿيندي۔انهن جي پڇڻ تي اوهان انهن کي اهو ضرور ٻڌائجو ته”زندگي ۾ خوشي هڪ چوائس آهي ، چانس نه !“
محترم سائين غلام مصطفى صاحب سلام سدا خوش هجو ۽ خوشين سان مالامال هجو ۔۔۔۔۔۔۔ خوشي هڪ احساس آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪي ننڍڙيون ڳالهيون به خوشي جو سبب بڻبيون آهن ۽ ڪڏهن وري گهڻو ڪجهه ماڻي به انسان خوش ناهي رهندو ۔۔۔۔ مليل گهڙين ۾ خوشين کي خوشيون ڪري خوش ٿيو۔ تمام بهترين شيئرنگ
الله سائين اوهان کي زندگي جون سڀئي خوشيون نصيب ڪري، سائين ماشا الله لاجواب شيئرنگ۔۔۔ مان ته سمجهان ٿو ته سائين وساڻ صاحب همت ڪري سائين ميمڻ صاحب جن جي هن موضوع لا ڪنهن اخبار ۾ جڳه ڏيارين، ٿورا۔۔۔
الله پاڪ توهانکي زندگي جي هر موڙ تي کوڙ ساريون خوشيون عطا فرمائي ، ۽ دعا آهي ته هر مسلمان هميشه خوش هجي ، هر انسان خوش هجي۔
محترم سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب سدا خوش هجو خوشين جهڙيون خوبصورت ڳالهيون ونڊ ڪرڻ لاء وڏي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تيز تکيون ء دل کي ڇهندڙ ڳالهيون هن دفعي هڪ منفرد ليک ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔