برسات & خيال

'مختلف موضوع' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2012۔

  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    برسات ، بارش ، مينهن قدرت واري جي طرفان هڪ نعمت آهي ۔
    جڏهن مغربي ملڪن ۾ برسات پوندي آهي ته آواز ايندو آهي ڇا ته پياري موسم آهي !! پر جڏهن پنهنجي جيجل ڌرتي تي بارش ٿيندي آهي ته آواز ايندو آهي اُٿو ڇورا کٽون اندر ڪيو ، موٽر تي تغاري رک نڀاڳا ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا ڪجي ، هتي ته سور ئي ٻيا آهن ۔۔۔۔ برسات ڇا آئي آهي بجلي وارن جا ته ڀاڳ کُلي پيا آهن ، سڄو ڏينهن بجلي گم، چون ٿا ته فالٽ ٿي پيا آهن ، هواڏانهن ڪجهه ڦڙيون وسيون ۽ هيڏانهن بجلي وئي ۔۔۔۔۔۔۔ هاء ڙي بجلي ۔۔۔۔روڊن جي حالت به ڪا سٺي ناهي ۽ غريب ويچارو به گهڻو پريشان پيو رهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    بس ادا اسان جا پنهنجا ڪرتوت اهڙا آهن جو اسان لا رحمت به زحمت ۾ تبديل ٿيو وڃي نالائق ماڻهن کي چونڊي ايوانن ۾ آندو ويندو ته ان جو نتيجو ان کان سوا ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿي اسان جيڪڏهن اڄ به تبديلي جا خواهان آهيون ته اسان کي اهڙن ماڻهن کي منتخب ڪرڻو پوندو جن جي اندر ٿورڙو انسانن جو درد هجي جيڪي ٻئي جي تڪليف کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندا هجن باقي هن مهل ته حڪومت جون واڳون اهڙن هٿن ۾ آهن جن جي نظر ۾ هر شي کان وڌيڪ اهميت دنيا طلبي، مال ميڙڻ ۽ مسڪينن کي ڏينهون ڏينهن بدحالي جي طرف ڌڪڻ جي آهي تازو هڪ رپورٽ اوهان سڀني پڙهي هوندي ته مسڪين ماڻهن لا رکيل فنڊ جا 6 ارب رپيا کنيا ويا هئا جيڪي اڃا تائين واپس نه ڪيا ويا آهن الله سائين اسان سڀني کي ظلم جي مقابلي جي سگهه عط ڪندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو