شيخ سعدي رحه کان ڪنهن پڇيو شيخ صاحب ڪهڙا حال آهن ؟ شيخ صاحب وراڻيو ، الله سائين جي نعمتون کائي کائي ڏندَ ڀڃي ڇڏيا آهن مگر زبان اُن جي ناشڪري کان مُڙي ئي نه ٿي ۔
ادا شيخ سعدي جي ان مختصر جملي ۾ وڏو سبق سمايل آهي حقيقت به اها آهي ته انسان روزانو الله جي اڻ ڳڻين نعمتن مان فيضياب ٿئي ٿو پر موٽ ۾ هڪ لحظي لا به ڏانهس توجهه نه ٿو ڪري دعا آهي ته شل الله سائين اسان کي پنهنجي نعمتن جي شڪر جي توفيق عطا ڪري ته جيئن اسان انهن جو شڪر ڪري پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي سنوارڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون
ادا حقيقت هي آهي ته انسان صحيح معني ۾ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري ئي نٿو سگهي ، ان پروردگار جو جيترو به شڪر ڪجي گهٽ آهي