محمد عليم سومرو
سينيئر رڪن
نوٽ:::::دوستو هي نظم 2011 واري مون سون جي دردناڪ تباهي سان
گڏ آيل عيدالفطر جي موقعي تي ڪنهن جي آيل مياري خط جي جواب ۾ لکيو ويو،
دوستن سان ونڊجي ٿو ان اميد سان ت سڀن کي پسند ايندو۔۔۔۔۔۔۔۔
(تون ئي ٻڌاء چري ڇوڪري)
تون چوين ٿي مون تو کي
عيد مبارڪ ڇو ن ڏني،
تون اچ ت تو کي پنهنجو
ڊٺل گهر ڏيکاريان،
جنهن م دٻجي ويا
منهنجي معصوم ڌي جا
چيڪي مٽي مان ٺهيل،
سمورا رانديڪا،
جن سان راند ڪندي هوء مونکي
پرمل ديوي جيان لڳندي هئي،
ء لٽجي ويا منهنجي
گهر واري جا سمورا ڳه،
جيڪي هن کي سندس مرحوم ماء
اسان جي شادي وقت ڏنا هئا،
جنهن کي ڏسي هوء هر وقت
عيد جيترو خوش ٿيندي هئي،
ٽائيٽينڪ جيان پرزا پرزا ٿي وئي
ڪاٺ جي اها پراڻي صندوق
جيڪا ناني امڙ کي ڏيج ۾ ڏني هئي،
مٽي جي ڪچي تاج محل ۾ گم ٿي ويون
بابل سائين جيون سموريون نشانيون،
ڏاس ڪتڻ جي ڍيري،
پاڻي جي سانداري،
ٽٽل ڀونگري سان گڏ،
اڪ جي ڪاٺين مان ٺهيل مان کٽ،
جنهن تي ويهي بابل مون کي
دودي سومري ء هانسي سوڍي جو قصو
فخر سان ٻڌائيندو هو،
ء ڀور ڀورٿي ويو اهو پراڻو ريڊيو
جنهن تي هلندڙ (نور بانو) جو لوڪ گيت
منهنجي مائٽن جيون الا مان ٻوليون سڃاڻان،
ٻڌي جيجل اڪثر روئي پوندي هئي،
الائي ت ڪيڏانهن ويا تنهنجا ڏنل رومال ء خط“
جيڪي منهنجي جيون جي ڪل موڙي هئا،
هاڻ تون ئي ٻڌاء اي چري ڇوڪري
مون ڪهڙي عيد ڪئي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
جو مبارڪ ن ڏنم۔۔۔۔۔۔۔۔
گڏ آيل عيدالفطر جي موقعي تي ڪنهن جي آيل مياري خط جي جواب ۾ لکيو ويو،
دوستن سان ونڊجي ٿو ان اميد سان ت سڀن کي پسند ايندو۔۔۔۔۔۔۔۔
(تون ئي ٻڌاء چري ڇوڪري)
تون چوين ٿي مون تو کي
عيد مبارڪ ڇو ن ڏني،
تون اچ ت تو کي پنهنجو
ڊٺل گهر ڏيکاريان،
جنهن م دٻجي ويا
منهنجي معصوم ڌي جا
چيڪي مٽي مان ٺهيل،
سمورا رانديڪا،
جن سان راند ڪندي هوء مونکي
پرمل ديوي جيان لڳندي هئي،
ء لٽجي ويا منهنجي
گهر واري جا سمورا ڳه،
جيڪي هن کي سندس مرحوم ماء
اسان جي شادي وقت ڏنا هئا،
جنهن کي ڏسي هوء هر وقت
عيد جيترو خوش ٿيندي هئي،
ٽائيٽينڪ جيان پرزا پرزا ٿي وئي
ڪاٺ جي اها پراڻي صندوق
جيڪا ناني امڙ کي ڏيج ۾ ڏني هئي،
مٽي جي ڪچي تاج محل ۾ گم ٿي ويون
بابل سائين جيون سموريون نشانيون،
ڏاس ڪتڻ جي ڍيري،
پاڻي جي سانداري،
ٽٽل ڀونگري سان گڏ،
اڪ جي ڪاٺين مان ٺهيل مان کٽ،
جنهن تي ويهي بابل مون کي
دودي سومري ء هانسي سوڍي جو قصو
فخر سان ٻڌائيندو هو،
ء ڀور ڀورٿي ويو اهو پراڻو ريڊيو
جنهن تي هلندڙ (نور بانو) جو لوڪ گيت
منهنجي مائٽن جيون الا مان ٻوليون سڃاڻان،
ٻڌي جيجل اڪثر روئي پوندي هئي،
الائي ت ڪيڏانهن ويا تنهنجا ڏنل رومال ء خط“
جيڪي منهنجي جيون جي ڪل موڙي هئا،
هاڻ تون ئي ٻڌاء اي چري ڇوڪري
مون ڪهڙي عيد ڪئي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
جو مبارڪ ن ڏنم۔۔۔۔۔۔۔۔