مينهن وسندو رهيو
مسرور پيرزادو
---------------
مينهن ۾ هوء مٺي ، پئي کِلي ۽ پُسي،
آءَ ڏسندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
هن جي جوڀن سندي، حسن جي مينهن ۾
آءَ پُسندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
عشق جي آڳ آ، جا وسامي نه ٿي
آءُ جلندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
مينهن ۾ نينهن جا، زخم تازا ٿيا
آءُ لڇندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
مينهن ۾ لڙڪ هي، سڀ ويا اڄ لڪي
آءُ روئندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
منهنجي هستي مٺي ! آ جهريل جهوپڙي
آءُ ڊهندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
مينهن جي گائڪي، مينهن جي شاعري
آءُ ٻڌندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
شعر ايئن ٿا اچن، ڄڻ ڦڙيون ٿيون پون
آءُ لکندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
مسرور پيرزادو
---------------
مينهن ۾ هوء مٺي ، پئي کِلي ۽ پُسي،
آءَ ڏسندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
هن جي جوڀن سندي، حسن جي مينهن ۾
آءَ پُسندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
عشق جي آڳ آ، جا وسامي نه ٿي
آءُ جلندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
مينهن ۾ نينهن جا، زخم تازا ٿيا
آءُ لڇندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
مينهن ۾ لڙڪ هي، سڀ ويا اڄ لڪي
آءُ روئندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
منهنجي هستي مٺي ! آ جهريل جهوپڙي
آءُ ڊهندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
مينهن جي گائڪي، مينهن جي شاعري
آءُ ٻڌندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
شعر ايئن ٿا اچن، ڄڻ ڦڙيون ٿيون پون
آءُ لکندو رهيس، مينهن وسندو رهيو
