هر سنڌي ماڻهوصدمي ۾ مبتلا آهي ، جو پيپلز پارٽي اقتدار جي حَوس ۾ انڌي ٿي سنڌ ڌرتي کي انتظامي طورٻن حصن ۾ ورهائي سنڌ جي تقسيم جو ٻج ڇٽيندي اهڙو جهير ڏنو آهي جنهن مان صدين تائين رَت ٽمندو رهندو ۽ ٽمندڙ رت وارو زخم پيپلز پارٽي جي قيادت جي نرڙ تي هميشه هميشه لاءِ هڪ بد نما داغ طور موجود رهندو۔