• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب ”سوچن جو سفر“ جي مهورت

نثارناز

سينيئر رڪن
محترم سليم سنڌي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين پنهنجي هڪ خط ۽ دعوت نامي وسيلي اها ڄاڻ سموري سنڌ جي اديبن ۽ ادب دوستن سان ونڊي آهي ته :
سنڌ جي نامياري اُستاد، اديب، شاعر، ڊرامه نويس، ڪالم نگار، صحافي ، سماج سُڌارڪ ۽ ڀٽ ڌڻي جي پارکو
سائين نُور محمد نُور سمون مرحوم​
جي ڪتاب​
”سوچن جو سفر“​
جي مهورت ۽ مرحوم جي پهرين ورسي تاريخ 24 آڪٽوبر 2009 بروز ڇنڇر شام آچر رات جو 8 وڳي سيٺ رسول بخش خواجه رائس مل نزد پرائمري اسڪول پنگريو ضلع بدين ۾ ملهائي پئي وڃي، جنهن جي صدارت کاهوڙي اڳواڻ ۽ برک دانشور محترم عبدالواحد آريسر ڪندو، جڏهن ته مهمان خاص محترم تاج جويو صاحب هوندو، مکيه مهمانن ۾ سنڌ جا ڀلوڙ شاعر محترم ادل سومرو، محترم اياز گُل، محترم حليم باغي، هوندا، ان کان علاوه هن تقريب ۾ مرڪزي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جناب يوسف سنڌي، محترم، پروفيسر ڊاڪٽر اشرف سمون ڪراچي، محترم ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي بُلڙي شاهه ڪريم، محترم پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ ٽنڊو باگو، محترم پير حامد علي شاهه راشدي تعلقه ناظم ٽنڊو باگو، محترم سيٺ رسول بخش خواجه پنگريو جن پڻ شرڪت ڪندا۔ جيڪي سائين نُور محمد نُور سمون مرحوم جي گهڻ رُخي شخصيت تي پنهنجي مقالا پڙهندا ۽ اُن تي روشني پڻ وجهندا۔
هن مهورت جي تقريب ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي جنهن ۾ سنڌ جا مشهور فنڪار محترم صادق فقير، محترم شفيع فقير، محترمه ثريا سومرو، ۽ سنڌ جي مزاح جو بادشاهه قادر بخش مٺو پنهنجا سُر وکيريندا۔
هن مهورت واري تقريب جي ڪمپيئرنگ ڪي ٽي اين ٽيلي ويزن ڪراچي جو سائين ماڪن شاهه رضوي ۽ يونس بڪاري انائونسر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جن ڪندا۔
ساري سنڌ جي اديبن ادب دوست خواتين حضرات کي ان مهورت ۾ شرڪت جو نينڊ ڏني ويئي آهي۔
 
سائين ۔۔۔تمام سٺي ڳالهه آهي۔۔۔
پر سائين منهنجا هڪ ڳالهه مونکي سمجهه ۾ نه آئي ته ڪتاب جي مهورت جي تقريب ۾ راڳ رنگ۔۔۔؟
 
سائين ۔۔۔تمام سٺي ڳالهه آهي۔۔۔
پر سائين منهنجا هڪ ڳالهه مونکي سمجهه ۾ نه آئي ته ڪتاب جي مهورت جي تقريب ۾ راڳ رنگ۔۔۔؟
صفا درويش آهين ادا ڄامشورائي، ان سوال جو جواب ته ڀائو سليم سنڌي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين ڏيندو جنهن خط لکي اها ڄاڻ ڏني آهي، مان راڳ رنگ جي محفل جي باري ۾ ڇا ٿو ٻُڌائي سگهان، پر مون اڪثر ڪتابن جي مهورت وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي آهي، انهن تقريبن ۾ راڳ رنگ وغيره ٿيندا آهن، ته جيئن ماڻهو مقالا ٻُڌي ٻڌي بور ٿيندا آهن، انهن کي راڳ رنگ يا موسيقي ٻُڌائي انهن جي بوريت ختم ڪرائي ويندي آهي، جيئن ته اها ڳالهه ادبي لڏي ۾ عام آهي ته موسيقي روح جي غذا آهي۔
 
Back
Top