اياز احمد سومرو
سينيئر رڪن
هڪڙي ڪهاڻي گهڻي پراڻي
هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ گونگو ڇوڪرو رهندو هو ، ڀر واري ڳوٺ جي هڪ ٻوڙي ڇوڪري سان هن کي عشق ٿي ويندو آهي، ٻنهي ۾ تمام گهڻو پيار هوندو آهي، گونگو جڏهن به گانو ڳائيندو هو ته ٻوڙي گانو ٻڌي ڊُڪندي ايندي هئي. گونگي جي آواز ۾ ايترو ته درد هو جو ٻوڙي گانو ٻڌي روئيندي هئي. ٻوڙيءَ جو هڪ انڌو چاچو هو، اُهو هڪ ڏينهن هنن کي ٻنيءَ ۾ پيار جون ڳالهيون ڪندي ڏسي وٺندو آهي ۽ ڊڪندو ٻوڙيءَ جي معزور پيءُ ڏي ويندو آهي جنهن جون ٽنگون هڪ ريل حادثي ۾ ڪٽجي چڪيون آهن. جيئن ئي ٻوڙيءَ جو پيءُ اها ڳالهه ٻڌندو آهي ته گهر ڏانهن ڊڪندو ويندو آهي ۽ سائيڪل ڪڍندو آهي. ٻاهر اچي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪندو آهي ۽ ٻنيءَ جي ويجهو گاڏي بيهاريندو آهي ۽ گهوڙي تان لهندو آهي، جيئن ئي هو ڏسندو آهي غصي ۾ خنجر ڪڍندو آهي ۽ فائرڪندو آهي ٻئي تير گونگي جي سيني ۾ لڳندا آهن. گونگو نيزو ڪڍي چوندو آهي هي آخر ڪنهن ڪيو، گونگي جو رتُ وهندو آهي، ٻوڙي روئي رهي آهي رڙيون ڪندي آهي. ڪجهه دير ۾ پوليس موبائل اُتي پهچندي آهي. سڀئي پوليس وارا ايمبولينس مان لهندا آهن. گونگي ۽ ٻوڙيءَ کي بس ۾ ويهاري ٽرڪ جي ذريعي بس اسٽاپ تائين پهچائي اُتان ٽرين ۾ ويهي ايئرپورٽ ايندا آهن. اُتان پاڻيءَ جي جهاز ۾ ويهي حيدرآباد جي اسپتال ايندا آهن. اُتي انجنيئر گونگي جون گوليون ڪڍندا آهن ۽ گوگو ٺيڪ ٿي ويندو آهي. گونگي ۽ ٻوڙيءَ جي شادي ٿي ويندي آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هنن کي هڪ پٽ ڄمندو آهي. جيڪو انڌو ، ٻوڙو ۽ گونگو هوندو آهي، اُن جا هٿ ۽ پير ڪنهن بيماريءَ جي ڪري ڪٽي ڇڏيندا آهن۽ پوءِ اُهي ٽئي ڄڻان کِل خوشيءَ سان رهندا آهن......