عادل ۽ انصاف پسند حڪمرانن جا فيصلا ... !!!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حڪمران ڪجهه پراڻي وقت مان به پرائين!

    ڪٿي پڙهيو هئم ته شڪار گاهه ۾ نوشيروان عادل بادشاهه جا ملازم پنهنجي آقا لاءِ ڪباب ٺاهي رهيا هئا ته، ڏٺائون لوڻ موجود ناهي. ڪنهن نوڪر کي اماڻيائون ته ڀر واري ڳوٺ مان لوڻ وٺي اچي. نوشيروان کيس سختي سان چيو ته ”خبردار! لوڻ قيمت ڏئي وٺي اچجانءِ نه ته ”بد رسمي“ سبب ڳوٺ برباد ٿي ويندو. حاضرين منجهان ڪنهن عرض ڪيو ”جهان پناهه! ذرڙي لوڻ سان ڪهڙي بدرسمي ٿي سگهي ٿي؟“ نوشيروان چيو ته ”ياد رکو! شروع ۾ دنيا اندر ظلم جو بنياد تمام هيٺ هو، پر جيڪو به ظالم آيو هن کي وڌائيندو ويو.“ پنهنجي ڳالهه جي تائيد ۾ نوشيروان فارسي جو هڪ قطعو پڻ پڙهيو، جنهن جو ترجمو ائين آهي ته ”جيڪڏهن عوام جي باغ مان بادشاهه هڪ صوف مفت وٺي ڇڏي ته سندس غلام وڻ کي پاڙ کان ئي پٽي اڇلائي ڇڏيندا، جيڪڏهن بادشاهه پنج بيدا مفت وٺي کائي ڇڏي ته لشڪر وارا هزارين ڪڪڙ مفت وٺي پچائي کائي ڇڏيندا. جيڪڏهن بادشاهه هڪ پروانو واپار وغيره لاءِ ڪنهن عزيز کي مفت ۾ ڏئي ته وزير مشير سڄو ملڪ سندس نالي تي وڪڻي کائي ويندا.“
    ڏاهن جون بيان ڪيل اهڙيون ڳالهيون اسين عام ماڻهو ته پڙهون ٿا، پر هاڻ ڪو ادارو هئڻ گهرجي، جيڪو سموري دنيا جي حڪمرانن بابت سروي ڪري اسان کي ٻڌائي ته اهڙن سبق آموز واقعن جو هو به مطالعو ڪن ٿا يا نه؟

    گلاب دِل/اسلام آباد
    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ونڊ اهي

    ادا

    پر هت ته وري ڳالهه ئي ابتي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    لا جواب سائين، بلڪل انصاف ان کي ئي چئبو آهي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو